11/08/2026
اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ، بدين
تاريخ 11 آگسٽ 2026ع
هينڊ آئوٽ
بدين ( ) 24 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ پوليو بوسٽر ڊوز مهم لاءِ ڊي ايڇ او آفيس ۾ ميڊيا بريفنگ منعقد ڪئي وئي ان موقعي تي ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر زاهد حسين سولنگي چيو ته پوليو جو بوسٽر ڊوز 4 مهينن کان 10 سال تائين جي عمر وارن ٻارڙن کي لڳايو ويندو جنهن ۾ بدين ضلعي جون 10 يونين ڪائونسلون شامل آهن تعلقي بدين جي يونين ڪائونسل ٻيڊمي، ڀڳڙا ميمڻ ۽ شهيد دودو سومرو آهن تعلقي ماتلي ۾ شهر جي يونين ڪائونسل هڪ ۽ ٻه آهن جڏهن تعلقي شهيد فاضل راهو ۾ يونين ڪائونسل احمد راڄو، يونين ڪائونسل ڪنڍياري، کورواهه چوڪ، محمد شاھ گراڙي ۽ يونين ڪائونسل شهيد فاضل راهو شامل آهن هن چيوته بوسٽر ڊوز جيٽ انجيڪٽر ذريعي سور کان سواءِ محفوظ طريقي سان لڳائي ويندي هن پوليو انوائرونمينٽ سيمپل متعلق بريفنگ ڏيندي چيو ته گذريل 3 مهينن کان پوليو انوائرونمينٽ سيمپل مسلسل نگيٽيو اچي آهي جيڪا بھترين ٽيم ورڪ جي نشاني آهي .