07/11/2023
الله ڪريم سيد خاور عباس شاھ بادشاهه کي ڪاميابيون عطا ڪري جو سندن ڀٽ شاھ چيرميني جي منسب تي فائز ٿيڻ کان پوء جڏھن بي ڪنهن عوامي مسلي لا رابطو ڪيو يا مدد طلب ڪئي ته رات جو آڌي پھر بي ڀرپور موٽ ڏيندي ھر جائز مدد ڪئي ۽ مسلو حل ڪرايو آئون منير آڪاش پنهنجي پوري ٽيم سان گڏ سائين جن جو شڪريو ادا ٿو ڪيان ته سندن سان ڀلي سياسي اختلاف رھيا پر ان کي پاسي تي رکي منهنجي ساٿين ڀائرن دوستن ۽ ووٽرن جي ھر ممڪن مدد ڪئي .جنهن جا گواھ سوين دوست برادر مسلي واري جاء تي موجود ھئا خدا جو قسم انهن سڀين ساٿين برادري وارن مونکي ڏوراپا ڏنا ته جنهن لا مئاسين اھي اڃا ڪانڌي ڇو نه ٿيا آهن ؟ جنهن سوال جو مون وٽ سواء پيشماني ۽ خاموشي کان ٻيو ڪجهه نه ھو !! الله رب العزت گواھ آهي ته اسان ڪڏهن بي ڪنهن لوڀ ۽ لالچ ۾ ڪنهن جي حمايت ۾ ناھي ناھي لکيو ۽ نه ئي ڪا ھيٺائين ڪئي آهي ۽ نه ئي ذاتي مفادن خاطر ڪنهن جي مخالفت ۾ لکيو آهي يا ڪنهن جي مخالفت ڪئي آهي سدائين پھاڙن سامھان ٿياسين بيپناھ نقصان کاڌوسين پر پنهنجي موقف ۽ راھ کان منهن نه موڙيوسين ـ
منھنجو روحاني رھبر مرشد لطيف آهي ۽ سياسي نظرئي ۾ سائين جي ايم سيد ۽ مخدوم شاھنواز جو پيروڪار آھيان ھر تڪليف برداشت ڪري بي ڪڏهن اصولن تي سودي بازي ناھي ڪئي ان ڪري آئون ان جذبي خدمت کي ڏسندي تمام لازم سمجهي سجادا نشين سائين خاور شاھ بادشاھ لا ھي جملا لکيا آھن
منهنجي پير محلا ـ ڪچي آبادي ـ ريلوي لائين سميت لطيف ڪالوني پيراڻي گلي ۾ رھندڙ چوھاڻ برادري اوھان جي ھميشه دعاگو ۽ احسانمند رھندي
لک مھربانيون سر سدائين شاد و آباد ھجو