03/10/2026
ضلع دادو پوليس
مورخہ، 3/10/2026
*دادو: خيرپورناٿن شاھ پوليس جي ڪاروائي خون جي ڪيس ۾ گھربل ٻہ جوابدار گرفتار*
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي جي ھدايتن تي ڪاروائي ڪندي پوليس جا ڇاپا
ايس ايڇ او ڪي اين شاھ اعجاز علي مسڻ جي اڳواڻي ۾ ڪامياب ڪاروائي
ڪجھ ڏينھن ذاتي تڪرار تان قتل ٿيل 60 ورھين جي ذوالفقار کونھارو ۽ ٻن عورتن جي زخمي ٿيڻ واري ڪيس ۾ نامزد ٻن مک جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو
گرفتار جوابدارن ۾ سنيب خان کونھارو ۽ جوابدار عبدالستار کونھارو شامل آھن
واقعي جو ڪيس مقتول جي پٽ جي فرياد تي گناھ نمبر 216/2026 قلم 302، 324، 337Hii، 147، 148، 149، 34 ت پ تحت داخل ٿيل آھي جڏھن تہ ڪيس ۾ وڌيڪ جاچ جاري آهي.
ميڊيا سيل
ڊسٽرڪٽ پوليس دادو