DADU POLICE

DADU POLICE Official page of District Police Dadu/ SSP Capt(rtd) Sadam Hussain Khaskheli, PSP
(1)

30/08/2026
ضلع دادو پوليسمورخہ: 29/8/2026*دادو: ميهڙ ڀرسان فريدآباد ۽ سي آءِ اي پوليس جي گڏيل ڪاروائي، علائقي ۾ سرگرم ڦورو گينگ گرف...
29/08/2026

ضلع دادو پوليس
مورخہ: 29/8/2026

*دادو: ميهڙ ڀرسان فريدآباد ۽ سي آءِ اي پوليس جي گڏيل ڪاروائي، علائقي ۾ سرگرم ڦورو گينگ گرفتار، هٿيار ۽ ڦر ٿيل سامان هٿ*

ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج *طارق رزاق خان ڌاريجو* ۽ ايس ايس پي دادو *ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي* جي هدايتن تي دادو پوليس ڏوھن جي روڪٿام ۽ سرگرم ڏوهارين خلاف مصروفِ عمل آھي

ميهڙ ڀرسان فريدآباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او بشير احمد لاکير ۽ سي آءِ اي انچارج ميهڙ سجاد شاهاڻي جي اڳواڻي ۾ پوليس ڪاروائي ڪندي ٽي رڪني ڦورو گينگ کي مقابلي بعد گرفتار ڪري ورتو

گرفتار جوابدارن ۾:
1. جوابدار عبدالوحيد ولد حسين بخش چانڊيو ويٺل ضلعو قمبر شهدادڪوٽ
2. جوابدار مشتاق ولد علي گوهر رند ويٺل ميهڙ ۽
3. جوابدار محمد موسىٰ ولد محمد نواز رند ويٺل ميهڙ شامل آهن.

گرفتار ايڪٽو ڏوھارين جو هيءَ گروھ ايف پي بچاءُ بند ۽ شاھ گودڙيو روڊ تي ڦر لٽ جي وارداتن ۾ سرگرم ھيو

جوابدارن جي قبضي مان 3 بنا لائسنس پستول ۽ ڪجھ ڏينهن اڳ شهري نظير چانڊيو کان ڦر ڪيل موبائل فون، روڪ رقم ۽ قومي شناختي ڪارڊ وغيره هٿ ڪيا ويا آھن

جوابدارن خلاف فريدآباد ۽ ميھڙ ٿاڻن تي ڦر ۽ ٻين ڏوھن جا ڪيس داخل آھن جڏهن تہ سندن خلاف وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ ھجڻ جي پڻ تصديق ڪئي پئي وڃي ۽ فريدآباد ٿاڻي تي سندن خلاف پوليس مقابلي ۽ آرمز ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ جاري آهي.

ميڊيا سيل
ڊسٽرڪٽ پوليس دادو

ضلع دادو پوليس مورخہ، 28/8/2026*ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي جي ھدايتن تي ڏوھارين خلاف دادو پوليس جون ڪار...
29/08/2026

ضلع دادو پوليس
مورخہ، 28/8/2026

*ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي جي ھدايتن تي ڏوھارين خلاف دادو پوليس جون ڪاروايون جاري، مختلف ٿاڻن جي حدن مان 4 جوابدار گرفتار، چوري/ڦر ٿيل 2 موٽرسائيڪلون، شراب ۽ پستول ھٿ ڪيا ويا*

تفصيل موجب:
ايس ايڇ او ميھڙ اي سيڪشن انسپيڪٽر مظھر علي نائچ جي اڳواڻيءَ ۾ ميھڙ اي سيڪشن پوليس مختلف ھنڌن تي ڪاروايون ڪندي ناجائز اسلحہ اور منشيات سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو

ڪامياب ڪارواين ۾ ميھڙ اي سيڪشن پوليس ڪوشش خون جي ڪيس ۾ *گرفتار جوابدار اشفاق ڏيپر کان جاچ دوران سندس نشاندهي تي ڏوھ ۾ ڪتب آندل پستول برآمد ڪري ورتو* جوابدار خلاف اسلحہ ايڪٽ تحت الڳ ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي
1. Crime No. 322/2026 u/s 324, 147, 148, 149, 504 PPC PS Mehar
2. Crime No. 326/2026 u/s 24/25 SAA PS Mehar

وڌيڪ ڪارواين ۾ ميھڙ اي سيڪشن پوليس *ٻن جوابدارن شفيق عرف انبڙي مڱڻهار ۽ جوابدار شھباز عرف شبو شاھ* کي شراب سميت گرفتار ڪري ورتو جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
FIR no. 325/2026 u/s 3/4 PEHO PS Mehar

*ڦلجي وليج ٿاڻي* جي ايس ايڇ او اعجاز علي پنهور جي اڳواڻي ۾ ڦلجي وليج پوليس ڳجھي اطلاع تي ڇاپو ھڻي *اشتھاري ڏوھاري غلام نبي عرف گلابي جمالي* کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدار چوري، پوليس سان ڊيوٽي اٽڪاء ۽ انسدادِ دھشتگردي ايڪٽ واري ڪيسن ۾ گھربل ھيو سندس خلاف ڦلجي وليج ٿاڻي تي 2 ڪيس داخل ٿيل ھئا.

1. Crime No. 28/2025 u/s 324, 353 PPC 6/7 ATA
2. Crime No. 18/2026 u/s 380, 457 PPC PS Phulji village

*ميهڙ ڀرسان شاھ پنجو سلطان ٿاڻي* جي ايس ايڇ او منور علي چانڊيو پاران پوليس ٽيم سان گڏ ڪاروائي ڪندي ڪجھ ڏينھن اڳ شھري مٺل الدين سيال کان ڦر ٿيل موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ورتي جيڪا ضروري ڪاروائي بعد سندس حوالي ڪئي وئي آهي.

*دادو مددگار 15* انچارج شاھد علي پنھور پوليس ٽيم سان گڏ ڪاروائي ڪري دادو شھر ۾ مڇي مارڪيٽ واري علائقي مان شھري مزمل اعجاز ڏاھري جي چوري ٿي ويل موٽرسائيڪل برآمد ڪري ورتي، برآمد ڪيل موٽرسائيڪل مالڪ حوالي ڪئي وئي آهي.

ميڊيا سيل
ڊسٽرڪٽ پوليس دادو

ضلع دادو پولیسمورخہ: 28 اگست 2026*ایس ایس پی دادو نے محکمانہ ترقی پانے والے پولیس افسران کو نئے عہدوں کے رینک لگائے* داد...
28/08/2026

ضلع دادو پولیس
مورخہ: 28 اگست 2026

*ایس ایس پی دادو نے محکمانہ ترقی پانے والے پولیس افسران کو نئے عہدوں کے رینک لگائے*

دادو: محکمانہ ترقی کے ذریعے سب انسپکٹر سے انسپکٹر کے عہدے پر پروموٹ ہونے والے دادو پولیس کے افسران کے اعزاز میں ایس ایس پی آفس دادو میں نئے عہدوں کے رینک لگانے کی تقریب کا انعقاد کیا گیا

تقریب میں *ایس ایس پی دادو کیپٹن (ر) صدام حسین خاصخیلی نے ڈی ایس پی سٹی اکبر علی چنہ* کے ہمراہ محکمانہ ترقی پانے والے پولیس افسران کو ان کے نئے عہدوں کے رینک لگائے اور انہیں مبارکباد پیش کی

ترقی پانے والے افسران میں *سب انسپکٹر امداد حسین قمبرانی، سب انسپکٹر وحید مراد چانڈیو، سب انسپکٹر سائیں رکھیو جمالی اور سب انسپکٹر قربان علی گوپانگ* شامل ہیں

اس موقع پر ہیڈ کلرک منیر احمد سومرو اور دیگر پولیس افسران بھی موجود تھے

ایس ایس پی دادو کیپٹن (ر) صدام حسین خاصخیلی نے ترقی پانے والے افسران کے لیے نیک خواہشات کا اظہار کرتے ہوئے امید ظاہر کی کہ ترقی پانے والے افسران نئے عہدوں کی ذمہ داریاں مزید محنت، فرض شناسی اور پیشہ ورانہ جذبے کے ساتھ انجام دیں گے۔

میڈیا سیل
ڈسٹرکٹ پولیس دادو

ضلع دادو پوليس مورخہ، 28/8/2026*دادو ڀرسان پوليس جي ڳجھي اطلاع تي ڪاروائي قتل سميت ٻين ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ گھربل ڏوھار...
28/08/2026

ضلع دادو پوليس
مورخہ، 28/8/2026

*دادو ڀرسان پوليس جي ڳجھي اطلاع تي ڪاروائي قتل سميت ٻين ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ گھربل ڏوھاري گرفتار*

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي جي ھدايتن تي ڪاروائي ڪندي ڦلجي اسٽيشن ٿاڻي جي حد ۾ پوليس بدنام ڏوھاري کي گرفتار ڪري ورتو

ايس ايڇ او ڦلجي اسٽيشن افتخار جمالي جي اڳواڻي ۾ پوليس جاسوسي اطلاع تي ڇاپو ھڻي مختلف ڪيسن ۾ گھربل اشتھاري ڏوھاري ارباب عرف اربو چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو

جوابدار ارباب عرف اربو چانڊيو خلاف ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي خون جي چار ڪيسن سميت چوري، ڦر، پوليس مقابلن ۽ ٻين ڏوھن جا 27 ڪيس داخل ھئا.

گرفتار جوابدار کي ٿاڻي منتقل ڪري سندس خلاف ضابطي جي وڌيڪ ڪاروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي

*Criminal record:*
Accused Arbab alias Arboo S/O Nawab Chandio R/O village Pir Tarho Taluka Dadu

1) Cr No. 15/2009 u/s 436, 440, 337Hii, 147, 148, 149 PPC PS Monder

2) Cr No. 15/2012 u/s 324, 353, 148, 149, 411 PPC PS Monder

3) Cr No. 94/2013 u/s 399, 401 PPC PS Rukkan

4) Cr No. 62/2009 u/s 402, 399 PPC PS Rukkan

5) Cr No. 25/2014 u/s 324, 353, 402, 399 PPC PS Rukkan

6) Cr No. 102/2012 u/s 324, 353, 402, 399 PPC PS Rukkan

7) Cr No. 20/2017 u/s 324, 353, 148, 149 PPC PS Boriri

8) Cr No. 8/2003 u/s 337F(i), 412 PPC, 20 Haraba PS Jhallo

9) Cr No. 106/2003 u/s 412 PPC Dadu A-Section

10) Cr No. 590/2009 u/s 324, 353, 411 PPC PS Dadu

11) Cr No. 26/2009 u/s 302, 324 PPC, 17(2), 17(3) HO PS Monder

12) Cr No. 115/2008 u/s 302, 147, 148, 149, 504 PPC PS Rukkan

13) Cr No. 4/2009 u/s 324, 353, 402 PPC PS Monder

14) Cr No. 170/2008 u/s 324, 147, 148, 149, 337Hii, 504 PPC PS Rukkan

15) Cr No. 1/2009 u/s 324, 353, 148, 149 PPC PS Monder

16) Cr No. 40/2003 u/s 302, 34 PPC, 17(3) HO PS Dadu

17) Cr No. 99/2009 u/s 458 PPC, 17(3) HO PS Rukkan

18) Cr No. 14/2003 u/s 457, 380 PPC, 14 HO PS Rukkan

19) Cr No. 26/2019 u/s 324, 353 PPC PS Phulji Station

20) Cr No. 20/2000 u/s 17(3) HO PS Johi

21) Cr No. 9/2009 u/s 324, 353 PPC PS Dadu

22) Cr No. 30/2019 u/s 25 SAA PS Phulji Station

23) Cr No. 64/2019 u/s 25 SAA PS Phulji Station

24 ) Cr No. 58/2019 u/s 302, 324, 337Hii, 452, 504, 147, 148, 149 PPC PS Phulji Station

25) Cr No. 24/2025 u/s 324, 353, 402, 399 PPC PS Makhdoom Bilawal

26) Cr No.43/2025 u/s 324, 353, 411 PPC PS Phulji Station

27) Cr No. 24/2026 u/s 402, 399 PPC PS Phulji Station

ميڊيا سيل
ڊسٽرڪٽ پوليس دادو

28/08/2026

ضلع دادو پوليس
مورخہ: 27 آگسٽ 2026

دادو: کيرٿر رينج سنڌ-بلوچستان سرحدي پٽي ۾ واقع پولش آئل اينڊ گيس فيلڊ جي سيڪيورٽي جو اعليٰ سطحي جائزو، ضلعي دادو ۾ CTD يونٽ جي قيام بابت معاملن جو بہ جائزو ورتو ويو

ايڊيشنل آءِ جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (CTD) سنڌ ذوالفقار علي لاڙڪ، ڊي آءِ جي CTD سنڌ غلام اظفر مهيسر، ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق خان ڌاريجو، ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي ۽ ايس ايس پي ڄامشورو ظفر صديق ڇانگا ضلعي دادو ۾ کيرٿر جبلن ۾ واقع پولش آئل اينڊ گيس فيلڊ جو دورو ڪيو

دوري جي موقعي تي ڪمپني انتظاميا پاران اعليٰ پوليس آفيسرن جي آجيان ڪئي وئي ۽ کين آئل اينڊ گيس فيلڊ جي سيڪيورٽي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي

پوليس آفيسرن فيلڊ ۾ مقرر سيڪيورٽي نفري، دستياب وسيلن، حفاظتي انتظامن ۽ علائقي جي جاگرافيائي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو

ان موقعي تي حساس تنصيبات جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ، ڪنهن به امڪاني خطري کي منهن ڏيڻ ۽ سيڪيورٽي انتظامن کي جديد گهرجن مطابق بهتر بڻائڻ بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ضلعي دادو ۾ اهم تنصيبات ۽ غير ملڪي ڪمپنين جي سيڪيورٽي انتظامن کي مؤثر بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم يقيني بڻايا پيا وڃن، جڏهن ته سيڪيورٽي ادارن ۽ ڪمپني انتظاميا وچ ۾ گڏيل رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو

ان موقعي تي ضلعي دادو ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (CTD) يونٽ جي قيام بابت پڻ تفصيلي جائزو ورتو ويو. ان سلسلي ۾ CTD يونٽ جي قيام لاءِ گهربل انتظامن، دستياب وسيلن، اسٽاف، عمارت ۽ ٻين ضروري معاملن جو معائنو ڪيو ويو

پوليس آفيسرن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ضلعي دادو سميت اهم تنصيبات ۽ حساس هنڌن جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، دهشتگردي جي امڪاني خطرن جي مؤثر روڪٿام ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ سمورا دستياب وسيلا ڪتب آندا ويندا.

ميڊيا سيل
ڊسٽرڪٽ پوليس دادو

Address

SSP Office Dadu
Dadu
76200

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when DADU POLICE posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to DADU POLICE:

Shortcuts

Share