05/03/2025
ڇا سنڌ تعلیم کان محروم رھندي🤔🤔
ھي تصوير سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿي ڪري ته اسان کي روڊ رستا، بجلي، اسپتال، فلٽرپلانٽ يا ٽو ويل نہ گھرجن، ڇاڪاڻ تہ اسين ازل کان اھڙين سھولتن کان محروم رھيا آھيون.
پھریان سنڌ ۾ تعلیم کان محروم ٻارن کي تعلیم جي سخت ضرورت آهي اسان جي اسڪول گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ عبدالحڪيم پتافي ڈسٹرکٹ گهوٽڪي، اسڪول ۾ بنيادي سهولتون جي سخت کوٽ آهي.
ڇا ھي دور ان ڳالھ جي اجازت ڏي ٿو ته اڄ به اسان جا اسڪول عمارتن کان محروم آھن ۽ اسڪولن ۾ فرنيچر ٻين بنيادي ، سهولتن جی سخت کوٽ آھي. اسان سنڌ سرڪار کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي اسڪولن ۾ فرنيچر ۽ ٻين ضرورتن کي پورو ڪن.
GBPS Abdul Hakeem pitafi
UC Ali Bagh Taluka & Dist Ghotki