Sindhi Sangat NUML - Islamabad

Sindhi Sangat NUML - Islamabad Non-Political, Non-Religious, Social and Cultural Organization of Sindhi Students.

Press Release:Sindhi Sangat NUML (SSN) expresses its solidarity with Saien Ayaz Latif Palijo in connection with the FIR ...
08/08/2026

Press Release:

Sindhi Sangat NUML (SSN) expresses its solidarity with Saien Ayaz Latif Palijo in connection with the FIR registered against him and calls for due process, respect for fundamental rights, and adherence to the rule of law.

Saien Ayaz Latif Palijo, born on November 15, 1968, is a prominent Pakistani politician, lawyer, activist, writer, and teacher from Sindh. He serves as the President of the Qaumi Awami Tehreek and has remained an active voice on democratic, social, and public interest issues.

Throughout his public life, Saien Ayaz Sahib has consistently raised his voice on issues concerning the people of Sindh, including the Jalalpur Canal issue, the disappearance of Priya Kumari and other children, SPSC-related concerns, and various social and political issues. He has also played an important role in motivating and raising awareness among young people and students.

SSN believes that the concerns of the people of Sindh should be addressed through peaceful, democratic, and constitutional means. Sindhi Sangat NUML (SSN) has stood with Saien Ayaz Sahib, stands with him today, and will continue to support peaceful democratic engagement and the legitimate concerns of the people of Sindh.

Ayaz Latif Palijo

Media Cell:
Sindhi Sangat NUML, Islamabad

SINDHI SANGAT NUML (SSN) ISLAMABADMay 12, 2026Chairman Saien Uzair Qadir Jamali attended a meeting upon the invitation o...
05/08/2026

SINDHI SANGAT NUML (SSN) ISLAMABAD

May 12, 2026

Chairman Saien Uzair Qadir Jamali attended a meeting upon the invitation of Saien Ahmed Sirohey, Director General of the Crisis Management Unit at the Ministry of Foreign Affairs.

During the meeting, Saien Ahmed Sirohey encouraged Sindhi Sangat NUML (SSN) to organize seminars and academic discussions in universities on contemporary international issues. He highlighted the importance of engaging students in meaningful dialogue on global affairs and current international developments.

Saien Ahmed Sirohey also expressed his interest in visiting the university to participate in future seminars organized by SSN. He assured Chairman Saien Uzair Qadir Jamali of his full support and cooperation in promoting educational and academic initiatives for students.

The meeting was also attended by Saien Ghulam Sarwar Zardari, Chairman of the Mehran Students Council (QAU) Discussions focused on the issues faced by Sindhi students in universities and the importance of organizing educational seminars. Saien Ahmed Sirohey reaffirmed his commitment to supporting Sindhi students and their constructive initiatives.

Sindhi Sangat NUML (SSN) Islamabad remains committed to promoting academic excellence, student leadership, and meaningful dialogue on national and international issues.

Media cell:
Sindhi Sangat Numl, Islamabad.

02/08/2026

حق موجود
جيئي سنڌ جيئي لطيف

پڌرائي: 01/08/2026
سنڌي سنگت نمل اسلام آباد جي چيئرمين سائين عزير قادر جمالي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (SPSC) جي مبينا بيضابطگين، ميرٽ جي لتاڙ ۽ سنڌ جي نوجوانن سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف سنڌ جي باشعور نوجوانن جي حيدرآباد ۾ لڳايل احتجاجي ڪئمپ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي چيئرمين سنڌي سنگت نمل، موومينٽ فور ريسٽوريشن آف ميرٽوڪريسي (MRM)جي باني سائين فرمان علي ۽ سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي (SSAC) جي اڳواڻ سائين ذبيح الله مستوئي سان ملاقات ڪئي ۽ حالي احوالي ٿيا. ملاقات دوران کين يقين ڏياريو ويو ته سنڌي سنگت نمل سنڌ ۾ ميرٽ جي بحالي، شفاف ڀرتين ۽ نوجوانن جي آئيني ۽ جائز حقن جي تحفظ لاءِ هلندڙ هن پرامن ۽ جمهوري جدوجهد ۾ سندن شانه بشانه گڏ بيٺل آهي، ۽ ضرورت پوڻ تي هر ممڪن سھڪار ڪندي، ۽ مھراڻ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي پليٽفارم تان سڄي سنڌ ۽ اسلام آباد ۾ آواز اٿاريندي.

سنڌي سنگت نمل جو واضح موقف آهي ته سنڌ جي نوجوانن جي حقن تي ڪنهن به قسم جو ڌاڙو، ميرٽ جي لتاڙ ۽ ڀرتين جي عمل ۾ مبينا بيضابطگيون ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن. سنڌ جي مستقبل سان لاڳاپيل ادارن ۾ شفافيت، انصاف ۽ ميرٽ جو قيام وقت جي اهم ضرورت آهي، جنهن لاءِ گڏيل آواز اٿارڻ هر باشعور سنڌي جو قومي فرض آهي.

اسان لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪريون ٿا ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بابت سامهون آيل اعتراضن ۽ مبينا بيضابطگين جي آزاد، شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪرائي وڃي، ذميوارن کي قانون موجب جوابده بڻايو وڃي ۽ ڀرتين جو سمورو عمل مڪمل طور ميرٽ، شفافيت ۽ انصاف جي بنياد تي يقيني بڻايو وڃي، جيئن سنڌ جي نوجوانن جو اعتماد بحال ٿي سگهي.

ميڊيا سيل
سنڌي سنگت نمل اسلام آباد

🎓ONLINE LIVE WEBINAR Sindhi Sangat NUML Islamabad (SSN) is pleased to announce an Online Live Webinar on "Study Abroad: ...
01/08/2026

🎓ONLINE LIVE WEBINAR

Sindhi Sangat NUML Islamabad (SSN) is pleased to announce an Online Live Webinar on "Study Abroad: How to Get Admission Abroad" for students who aspire to pursue higher education internationally.

We are honored to welcome Saien Asif Jatoe as our distinguished guest speaker. Saien Asif Jatoe is an LLM graduate and Gold Medalist from Brunel University London, a Practising Paralegal in London, currently pursuing the Bar at Law, a Study Abroad Advisor, and a Member of the Honourable Society of Lincoln's Inn, London. He will share practical insights and expert guidance on the admission process, scholarships, university selection, and opportunities for studying abroad.

The webinar will be hosted by Mr. Muzafar Hussain Chachar, Education Secretary, Sindhi Sangat NUML Islamabad.

📅 Date: Sunday, 2nd August 2026
🕖 Time: 07:00 PM (PKT)
📍 Platform: Facebook Live

We warmly invite all students and aspiring scholars to join this informative session and benefit from the experience and guidance of our esteemed guest speaker.
We look forward to your participation.
Sindhi Sangat NUML Islamabad (SSN)
Empowering Students Through Knowledge and Opportunity.

Media Cell:
Sindhi Sangat Numl, Islamabad.

29/07/2026

سارِي راتِ سُبحانُ، جاڳِي جَنِ يادِ ڪِيو،
اُنِ جِي، عبداللطيفُ چي، مِٽِيءَ لَڌو مانُ،
ڪوڙِيين ڪَنِ سَلامُ، آڳَھِ اَچِيو اُنِ جي.

حق موجود
جيئي سنڌ جيئي لطيف
جيئي سنڌي سنگت نمل

*283 هون ساليانو عرس مبارڪ*
*حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح*
*29 جولاءِ 2026 | ڀٽ شاهه شريف*

سنڌي سنگت نمل سنڌ جي تمام
شاگردن، استادن، ۽ سنڌ واسين کي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي 283هين سالياني عرس جون دل جي گهراين سان واڌايون پيش ڪري ٿي. اچو ته عهد ڪريون ته شاهه سائين جي فڪر، تعليمات ۽ انسان دوست پيغام کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻائينداسين ۽ محبت، امن ۽ اتحاد جي واٽ تي هلنداسين.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح سنڌ جي روح، فڪر، محبت، امن، انسانيت ۽ وحدت جو املهه استعارو آهي. سندس پيغام ڪنهن هڪ دور تائين محدود نه، پر هر زماني لاءِ راهه ڏيکاريندڙ آهي. شاهه سائين پنهنجي شاعري وسيلي عشقِ حقيقي، وطن سان محبت، انساني برابري، رواداري، صبر، جدوجهد ۽ حق جي راهه تي ثابت قدم رهڻ جو درس ڏنو.

شاهه جو رسالو صرف شاعري جو مجموعو نه، پر سنڌ جي تهذيب، ثقافت، فڪر ۽ سڃاڻپ جو زنده دستاويز آهي. سندس هر سُر پنهنجي اندر زندگيءَ جو هڪ نئون فلسفو، اخلاق جو سبق ۽ انسانيت جي خدمت جو پيغام سموئي ويٺو آهي. سسئيءَ جي استقامت، مارئيءَ جي وطن سان وفاداري، مومل جي محبت ۽ ڪيڏاري جي بهادري اڄ به اسان لاءِ مشعلِ راهه آهن.

اڄ جڏهن سماج نفرت، انتشار ۽ بيچينيءَ جي ور چڙهيل آهي، تڏهن شاهه لطيف جو پيغام اسان کي محبت، ڀائيچاري، برداشت ۽ انسانيت ڏانهن موٽڻ جي دعوت ڏئي ٿو. سندس تعليمات اسان کي سيکارين ٿيون ته قومن جي ترقي علم، اخلاق، اتحاد ۽ باهمي احترام سان ممڪن آهي.

ميڊيا سيل
سنڌي سنگت نمل

حق موجودجيئي سنڌ    جيئي لطيفجيئي سنڌي سنگت نملسنڌي سنگت نمل جي طرفان  نون آيل سڀني شاگردن کي دل جي گھراين سان ڀليڪار، ا...
16/07/2026

حق موجود
جيئي سنڌ جيئي لطيف
جيئي سنڌي سنگت نمل

سنڌي سنگت نمل جي طرفان نون آيل سڀني شاگردن کي دل جي گھراين سان ڀليڪار، اميد آهي ته سمورن شاگردن جي اينٽري ٽيسٽ تمام بهترين ٿي هوندي، ۽ کين ٽيسٽ جي مرحلي ۾ ڪا ڏکيائي پيش نه آئي هوندي.

سنڌي سنگت نمل جي ڪابينا پاران 15 ۽ 16 جولاءِ تي نمل يونيورسٽي اسلام آباد ۾ 2 ڏينهن جو انفارميشن ڊيسڪ لڳايو ويو، جنھن جو مقصد ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ ايندڙ شاگردن جي رهنمائي ڪرڻ ۽ کين ٽيسٽ رومز ۽ ٻين ضروري ڳالهين بابت هدايت ڏيڻ ھو. ٽيسٽ کان پوءِ ڪابينا نئين ايندڙ شاگردن جي هڪ تفصيلي گڏجاڻي ڪئي، انهن کي نمل يونيورسٽي، اسلام آباد جي ماحول، تعليم ۽ هتي جي زندگي بابت تفصيلي رهنمائي ڏني.

سنڌي سنگت نمل هميشه نون ايندڙ شاگردن جي سهولت ۽ رهنمائي لاءِ ڪوشان آهي.

ميڊيا سيل
سنڌي سنگت نمل، اسلام آباد

09/07/2026

حق موجود
جيئي سنڌ جيئي لطيف

اسلام جا رکوالو انسان ڪھو ٿا ڇو؟
قرآن ۾ ڏس ڪيڏي انسان جي عظمت آ

پريس ريليز
تاريخ: 09 جولاءِ 2026

ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن تي اسلامي جمعيت طلبه جي غنڊن جي حملي جي سنڌي سنگت نمل سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي، ۽ حڪومتِ سنڌ کان فوري انصاف جي گهر ڪري ٿي ۽ اِن ڏاڍ ۽ جبر خلاف سخت ايڪشن کڻڻ جو مطالبو ڪري ٿي.

ڪراچي يونيورسٽي ۾ اڄ، 9 جولاءِ 2026 تي، سنڌي شاگردن مٿان اسلامي جمعيت طلبه جي غنڊن حملو ڪيو، جنهن ۾ 7 کان 12 شاگرد زخمي ٿيا آهن.اسلامي جمعيت طلبه جي غنڊن لوهن راڊن ۽ ڏنڊن سان حملو ڪري سنڌي شاگردن ۽ استادن کي زخمي ڪري ڇڏيو.

ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن تي ٿيل مبينا حملو انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو واقعو آهي. تعليمي ادارا علم، امن، برداشت ۽ دليل جا مرڪز هوندا آهن، جتي تشدد، ڌمڪين ۽ هٿيارن جي ڪا به گنجائش نه هئڻ گهرجي.

اسان سنڌ جي سمورن باشعور ماڻهن، شاگردن، استادن، سماجي تنظيمن ۽ انساني حقن جي ادارن کي اپيل ڪريون ٿا ته هو هن واقعي تي آواز اٿارين، زخمي شاگردن سان يڪجهتي جو اظهار ڪن ۽ ذميوارن خلاف شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ جو مطالبو ڪن. جيڪڏهن ڪنهن تنظيم يا فرد مٿان لڳايل الزام ثابت ٿين، ته قانون موجب کين جوابده بڻايو وڃي.

سنڌ جي نوجوانن جو حق آهي ته هو بنا خوف جي تعليم حاصل ڪن، پنهنجي راءِ جو اظهار ڪن ۽ پرامن سرگرمين ۾ حصو وٺن. اچو ته گڏجي اهڙو ماحول قائم ڪريون، جتي نفرت ۽ تشدد بدران امن، رواداري ۽ انصاف کي هٿي ملي.

سنڌي سنگت نمل اسلام آباد، ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شاگردن سان ان واقعي پيش اچڻ تي ڏک جو اظهار ڪري ٿي ۽ اهو يقين ڏياري ٿي تہ ايس ايس اين، سٿ سان هر محاذ تي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي.

ميڊيا سيل:
سنڌي سنگت نمل، اسلام آباد
Sindhi Shagird Sath - University Of Karachi

جيئي سنڌ     جيئي لطيف جيئي لطيف  سرڪار جي مٺڙي ٻولي ڳاڙھا ڳڀرو سنڌ جا تون ئي منھنجو خواب تون ئي آھين جواب صدين جي سوال ...
08/07/2026

جيئي سنڌ جيئي لطيف
جيئي لطيف سرڪار جي مٺڙي ٻولي

ڳاڙھا ڳڀرو سنڌ جا
تون ئي منھنجو خواب
تون ئي آھين جواب
صدين جي سوال جو

سنڌي سنگت نمل جي طرفان گذريل سيمسٽر ۾ گريجوئيٽ ٿيندڙ پنهنجي سڀني معزز سينيئرز کي دل جي گهراين سان مبارڪون . سنڌي سنگت نمل ايلومنائي نيٽورڪ ۾ ڀليڪار.
اوهان گذريل چئن سالن دوران جنرل باڊي ميمبر طور جيڪا محنت، قرباني، ساٿ ۽ محبت ڏني، ان لاءِ اسين دل سان اوهان جا ٿورائتا آهيون. يقين آهي ته اوهان هاڻي به الومنائي طور سنڌي سنگت نمل سان جڙيل رهندا ۽ پنهنجي رهنمائي ۽ تجربي سان نون ساٿين جو حوصلو وڌائيندا.سنڌي سنگت نمل جا در اوهان لاءِ هميشه کليل رهندا. دعا آهي ته اوهان جي زندگيءَ جو هر نئون سفر ڪاميابين، خوشين ۽ عزتن سان ڀرپور هجي.

سنڌي سنگت نمل جي طرفان ھيٺين معزز سينئرن کي سنڌي سنگت نمل ايلومنائي ۾ دل سان ڀليڪار ڪيون ٿا.

1. سائين نظر محمد ڀٽو
بي ايس گورننس اينڊ پبلڪ پاليسي
جيڪب آباد کان

2. سائين ثاقب سليم پنهور
بي ايس I R
دادو کان

3. سائين عابد شر
بي ايس انگلش
ميرپور ماٿيلو کان

4. سائين محمد بخش چوهاڻ
بي ايس I R
لاڙڪاڻي کان

5. سائين اسرار رند
بي ايس پاڪستان اسٽڊي
ڊيرا الله يار کان

6. سائين نعمت الله شيخ
بي ايس پاڪستان اسٽڊي
پنو عاقل کان

7. سائين رئيس غفور
بي ايس پاڪستان اسٽڊي
گھوٽڪي کان

8. سائين ڪاشف علي
بي ايس I R
لاڙڪاڻي کان

9. سائين خورشيد علي
بي ايس I R
نوابشاهه کان

10. سائين محمد اسامه
بي ايس پاڪستان اسٽڊي
گهوٽڪي کان

11. سائين علي دوست مھر
بي ايس پاڪستان اسٽڊي
گهوٽڪي کان

12. سائين اياز علي
بي بي اي
پنو عاقل کان

13. سائين نبيل احمد ميراڻي
بي ايس I R
نوديرو ضلع لاڙڪاڻي کان

14. سائين ذوالفقار علي ناريجو
بي ايس پاڪستان اسٽڊي
خيرپور ميرس کان

اوھان کي 4سال کان سنڌي سنگت نمل جنرل باڊي جا حصو رھيا آھيو. ۽ ھاڻي اوھان ايلومنائي طور به سنڌي سنگت نمل جي اھم حصي طور شامل ٿي رھيا آھيو. اسان کي اوهان جي رھنمائي ۽ لاڳاپي جي اميد رھندي .دعا آهي ته ھي اوھان جو باب اوھان جي زندگي ۾ وڌيڪ ڪاميابيون خوشيون کڻي اچي.

ميڊيا سيل
سنڌي سنگت نمل، اسلام آباد

Address

Islamabad

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindhi Sangat NUML - Islamabad posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share