31/07/2026
سنڌو ديش مقدرآ
سائين جي ايم سيد رھبر ا
تعليم ڪنهن به قوم جي بقا ۽ آزادي جي ضمانت آهي. پر سنڌ جي دشمنن هميشه سازش ڪري سنڌ جي نوجوانن کي علم کان محروم رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اڄ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انتظاميا پاران ڪيل فيصلو ان سازش جو ئي تسلسل آهي.
گرمين جي موڪلن کانپوءِ به يونيورسٽي کي 3 آگسٽ تي کولڻ بدران وڌيڪ 15 ڏينهن لاءِ بند رکڻ جو اعلان ڪري انتظاميا ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته انهن کي سنڌ جي شاگردن جي مستقبل سان ڪو به واسطو ناهي. اڳ ئي 6 مهينن جو سيمسٽر 4 مهينن ۾ نپٽايو وڃي ٿو، جنهن سبب ڪورس اڌورا رهجي وڃن ٿا. اهڙي حالت ۾ وڌيڪ موڪلون ڏيڻ جو مطلب آهي ته سنڌ جي شاگردن کي ڄاڻي واڻي تعليمي طور تي مفلوج ڪري ٻين صوبن کان پوئتي ڌڪيو پيو وڃي.
*سنڌين نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سناف) هن شاگرد دشمن، قوم دشمن ۽ تعليم دشمن فيصلي جي سخت ترين لفظن مذمت ڪري ٿي. سناف انتظاميا کي خبردار ڪري ٿي ته موڪلن ۾ واڌ جو هي ظالمانه نوٽيفڪيشن فوري طور واپس ورتو وڃي ۽ يونيورسٽي کي مقرر وقت 3 آگسٽ تي هر صورت ۾ کوليو وڃي.
سناف واضح ڪري ٿي ته سنڌ جي شاگردن جي تعليمي حقن تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. جيڪڏهن انتظاميا پنهنجي هٺ ڌرمي تي قائم رهي ته *سنڌين نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سناف) شاگردن جي حقن جي تحفظ لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
*سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن
* سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو*