21/08/2024
مولانا عبيدﷲ سنڌي
امام انقلاب مولانا عبيدﷲ سنڌي 10 مارچ 1872ع تي سيالڪوٽ جي ھڪ ڳوٺ چيان واليءَ ۾ پيدا ٿيو. پاڻ تحريڪ آزاديءَ جو عظيم اڳواڻ ٿي گذريو آھي. کيس ھِند ۽ سنڌ ۾ جديد قومي فڪر جو باني تصور ڪيو وڃي ٿو. پاڻ اصل ۾ سک خاندان جو فرد ھو. سندس نالو بوٽا سنگھہ ۽ پيءُ جو نالو رام سنگهہ ھو. جيڪو سونارڪو ڌنڌو ڪندو ھو.
اسلام جي گھري مطالعي کان پوءِ 1887ع ۾ مسلمان ٿيو ۽ عبيدﷲ نالو رکيو ويو. ديني تعليم لاءِ ڀرچونڊيءَ ۾ حافظ محمد صديق وٽ پھچي سندس قربت ۾ ”سنڌي“ سڏائڻ لڳو. دھلي ۽ ديوبند جي مدرسن ۾ بہ پڙھيو.
مولانا ڪيتروئي وقت ڪابل ۾ رھي ”آزاد ھند جلا وطن حڪومت“ قائم ڪئي. جنھن جو وزير اعظم پاڻ مقرر ٿيو. ”ريشمي رومال تحريڪ“ جو مک ڪردار مولانا عبيدﷲ سنڌي ھو. جنھن رومالن وسيلي پنھنجا پيغام اردوءَ ۾ لکي موڪليا، جيڪي غداري سبب پڪڙجي پيا ۽ ھندستان ۾ انگريزن خلاف بغاوت وارو سمورو منصوبو ناڪام ٿيو. ست سال ڪابل ۾ رھڻ کانپوءِ سوويت روس ۽ ترڪي پھتو. 12 سالن تائين سعودي عرب ۾ رھي اسلام جي پيغام جي تبليغ ڪئي. نومبر 1939ع ڌاري جلا وطني ختم ڪري ڪراچي پھتو.
ھن 21 آگسٽ 1944ع تي بھاولپور ضلعي جي ڳوٺ دين پور ۾ وفات ڪئي.
”ايم. ايڇ. پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز، ڄامشورو“ جي ڊجيٽل لائبريري تي سندس لکيل ڪتاب ”سنڌ سنڌين جي آھي سھيڙيندڙ نور احمد سنڌي“ ، ”مولانا عبيدﷲ سنڌي ليکڪ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ“ ، ”مذھب جو فلسفو“ ، ”امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي ليکڪ نور محمد عباسي“،” مولانا عبيدالله سنڌيءَ جون تحريرون ۽ تقريرون سھيڙيندڙ ثناءُ الله سومرو“ موجود آھن.
پڙھندڙ ڊجيٽل لائبريري تي ڪتاب ۽ رسالا مفت ۾ پڙھي يا ڊائونلوڊ ڪري سگھن ٿا. ڊجيٽل لائبريري جي لنڪ ھيٺ ڏجي ٿي.
ايم. ايڇ. پنهور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز، ڄامشورو، سنڌ.
https://lib.sindh.org/kitaab
Sindh Government
Government of Pakistan
Sindh Culture, Government of Sindh
Sindhi Language Authority - سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو
Sindhi Association of North America
Institute of Sindhology University Of Sindh, Jamshoro