14/03/2025
https://www.facebook.com/muhammad.siddique.961993
منهنجي پسند جي افطار پارٽي ڪنهن دوست جي گهر
جڏهن کان هوش سنڀاليو ۽ پهريون روزو رکيو تڏهن کان اڄ ڏينهن تائين، مون روزي کولڻ سان ڊائريڪٽ ماني کاڌي آهي. اسان لاءِ، اهائي افطاري ۽ اهائي ڊنر هوندي آهي.
ڪڏهن به افطاري ۾ سموسه، پڪوڙا، چاٽ، ڏهي پيڙا، جليبي، شربت پئي ڪري پنهنجي پيٽ ۽ صحت جو ستياناش نه ڪيو آهي.
” اي ايمان وارا، توهان تي روزا فرض ڪيا ويا آهن جيئن توهان کان پهريان وارين قومن تي فرض ڪيا ويا هئا ته جيئن توهان پرهيزگار ٿيو.“
اسان تي روزا فرض ڪيا ويا آهن، سموسه، پڪوڙا، ڏهي پيڙا، جليبي ۽ شربت نه! پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآلهِ وسلم جن ڪڏهن پاڻيءَ سان روزو کوليو، ڪڏهن کارڪ سان .
ڀلا! افطار ۾ ڪونر مال جو کائي، اوڳرائي ڏيڻ کانپوءِ، ڪهڙي تقويٰ پيدا ٿيندي؟؟ اهڙآ ماڻهو پوءِ چوندا وتندا،
” جڏهن کان رمضان آيو آهي وزن وڌندو ٿو وڃي” .
جيڪڏهن 24 ڪلاڪن واريون ڪيلوريز افطاريءَ ۾ ئي ڳڙڪائي ويندا ۽ ڊنر ۽ سحري الڳ سان ڪندا ته پوءِ وزن ڪيئن ڪرندو؟؟
غلط سلط شين جو رواج، پنهنجي پئسي ۽ صحت جو نقصان ڪرڻ ۾، ڏيکاءَ ۽ ميڊيا جو وڏو ڪردار آهي.