با خبر لاڑکانہ

Directions

با خبر لاڑکانہ با خبر لاڑکانہ پے لاڑکانہ کی خبریں دیکہیں اور ہمیں فالو کریں This Page Is Made for Political Awareness Sharing with Peoples

24/09/2026

لاڙڪاڻو،
ٻه ڏينهن اڳ ريلوي جي زمين تي قبضو ڪندڙ محمد پنجل جي مينهن جي واڙي تي ريلوي پوليس جو ڇاپو،
لوهه ۽ سليپر هٿ قبضو ڪندڙ گرفتار جوابدار جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل،
ريلوي اختيارين پاران وڌيڪ ڪاروائي تيز ڪري ڇڏي

23/09/2026

صاحب سيلفين ء پروٽوڪول ۾ جڏهن ته سپاهه وري ميلن ملاکڙن ۾ مصروف هوندو ته آخر سرعام هيء دهشتگردي ئي ٿيڻي آهي .
لاڙڪاڻو شھر لاهوري محلا ۾ ڪورٽ کان واپس ويندڙ ڪار تي ھٿياربندن جو حملو ڪار ڊرائيو سميت چار ڄڻا قتل فوتين ۾ الھورايو کوکر منصور کوکر علي شير کوکر ۽ ڊرائيور محب مڱڻيجو شامل آهن واقعو پراڻو زميني تڪرار ٻڌايو پيو وڃي

20/09/2026

لاڙڪاڻي ۾ SIUT جي 850 بسترن واري اسپتال جو اهم منصوبو
لاڙڪاڻي ۾ SIUT جي 850 بسترن واري اسپتال لاءِ اهم اڳڀرائي
ڊي سي طارق چانڊيو ۽ اي سي راجا دريا خان قريشي پاران زمين SIUT ء پيراگون ڪمپني حوالي، جديد اسپتال جي تعمير ٿيندي
لاڙڪاڻو: سنڌ جي صحت واري شعبي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي طور لاڙڪاڻي ۾ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورالوجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (SIUT) جي نئين اسپتال جي تعمير لاءِ زمين حوالي ڪرڻ جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي.
لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر طارق چانڊيو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر راجا دريا خان قريشي پاران اسپتال جي تعمير لاءِ مقرر ڪيل زمين پيراگون ڪمپني حوالي ڪئي وئي، جتي SIUT جي جديد اسپتال جي عمارت تعمير ڪئي ويندي.
مليل ڄاڻ موجب، مذڪوره منصوبي تحت 850 بسترن تي مشتمل اسپتال قائم ڪئي ويندي، جڏهن ته اسپتال جي عمارت ون پلس ٿري (One Plus Three) طرز تي تعمير ٿيڻ جو منصوبو آهي.
لاڙڪاڻي ۾ SIUT جو هي منصوبو علائقي جي عوام لاءِ جديد طبي سهولتن جي فراهمي، خاص طور يورالوجي ۽ ٽرانسپلانٽيشن جي علاج جي حوالي سان اهم حيثيت رکي ٿو. اسپتال جي مڪمل ٿيڻ سان لاڙڪاڻي سميت اتر سنڌ جي مختلف ضلعن مان ايندڙ مريضن کي جديد ۽ معياري علاج جون سهولتون سندن علائقي ۾ دستياب ٿيڻ جي اميد آهي.
انتظامي اختيارين پاران زمين تعميراتي ڪمپني حوالي ڪرڻ کي منصوبي جي عملي مرحلي ڏانهن اهم قدم قرار ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته 850 بسترن واري اسپتال جي تعمير مڪمل ٿيڻ سان لاڙڪاڻي ۾ صحت جي شعبي جو ڍانچو وڌيڪ مضبوط ٿيڻ جو امڪان آهي.

نعمت سائين ايئن ئي ڪنڌ اوچي ڳاٽ کڻي هل... ❗️سنڌ جون محبتون اوهان سان گڏ آهن... ❗️
18/09/2026

نعمت سائين ايئن ئي ڪنڌ اوچي ڳاٽ کڻي هل... ❗️
سنڌ جون محبتون اوهان سان گڏ آهن... ❗️

17/09/2026

اسان جي ملڪ ۾ پير جي دعا سان مريد گَڏَھُ به خريد نٿو ڪري سگهي، جڏهن ته مريد جي نذرانن مان پير پراڊو خريد ڪري ٿو!
🤔🤔

16/09/2026

لاڙڪاڻو پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ ڊويزن جي ضلعي آفيس مٿان مبينا طور حملو ۽ ڀنڃ ڊاھ ڪندڙ ٺيڪيدارن ۽ ٽينڊر ڪلارڪ يونين اڳواڻ کي حراسان ڪرڻ واري معاملي تي آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي طرفان پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ ڊويزن لاڙڪاڻي جي آفيس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي سخت قسم جي نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي آپڪا لاڙڪاڻو جي ضلعي صدر رفيق احمد جتوئي، جنرل سيڪريٽري مبين احمد ٻرڙو، انيس احمد عباسي، زوار رياض حسين سيال، اقبال عباسي، ذوالفقار بليدي ۽ ٻين چيو ته گذريل ڏينهن اين آءِ ٽي رکيل ھئي جنھن دوران نام نهاد ٺيڪيدارن سان گڏ آيل ڪجهه غير واسطيدار ماڻهن ماحول خراب ڪيو ۽ ڪلارڪن جي آفيسن مٿان حملو ڪري ڀنڃ ڊاھ ڪندي کين حراسان ڪيو ويو، جيڪو سراسر غلط ۽ غيرقانوني عمل آهي، ھنن چيو ته ڪلارڪن جو ڪھڙو ڏوھ ھيو جو انهن سان بداخلاقي ڪري آفيسن جا در ڀنڇي کين حراسان ڪيو ويو، ھنن چيو ته ھاڻي غنڊاگردي وارو دور ناهي آفيسن اندر آپڪا جا ميمبر ۽ عھديدار ننڌڻڪا ناھن آپڪا پنهنجي ڪلارڪن جو قانوني دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿي ھنن چيو ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو، پبلڪ ھيلٿ انجنيئر ۽ ذميوار ان سموري صورتحال پيدا ڪندڙن خلاف فوري طور تي ڪارروائي ڪري کين ڪيفر ڪردار تائين پهچائن نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
Zafar Abro Shokat Noonari Ashique Pathan Naveed Ali Larik Highways Employees Union CBA Sindh since 1974 Adv Sadam Bhatti Abdul Momin Kango Adv Arbab Burdi Journalist Syed Mehdi Shah Aijaz Chandio

رتوديرو کان ڪراچي علاج لاء ويل نوجوان حسنين ڀٽو بيهوشي واري حالت ۾ جناح اسپتال مان هٿ اچي ويو،ڊيمباڻي ميڊيڪل تي ڪم ڪندڙ ...
16/09/2026

رتوديرو کان ڪراچي علاج لاء ويل نوجوان حسنين ڀٽو بيهوشي واري حالت ۾ جناح اسپتال مان هٿ اچي ويو،

ڊيمباڻي ميڊيڪل تي ڪم ڪندڙ نوجوان حسنين ڀٽو گذريل ڏينهن علاج لاء ڪراچي پهتو، جتي هو پراسرار نموني گم ٿي ويو هو،

ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي سنجي ڊيمباڻي ٻڌايو ته حسنين ڀٽو ڪراچي ۾ ڪوچ مان لهڻ بعد اسپتال وڃڻ لاء رڪشو ڪرايو، جتي مبينا طور کيس نشو ڏئي سندس وٽان هڪ لک کان وڌيڪ علاج جا پئسا، موبائل فون ۽ ٻيو سامان ڦرڻ بعد کيس روڊ تي اڇلائي جوابدار فرار ٿي ويا،

بعد ۾ رينجرز اهلڪارن نوجوان کي بيهوشي واري حالت ۾ ڏسي جناح اسپتال منتقل ڪري داخل ڪرايو، نوجوان جي گمشدگي جون خبرون هلڻ بعد جناح اسپتال ۾ موجود رتوديرو واسي هڪ ڊاڪٽر کيس سڃاڻي ورتو ۽ وارثن کي اطلاع ڏنو هوش ۾ اچڻ بعد نوجوان جو وارثن سان رابطو ڪرايو ويو،

16/09/2026

🚨 ٽنڊوالهيار مان ڳڻتي جوڳي خبر
ڪتي جي ڏاڙهڻ کان 6 مهينا پوءِ 27 ورهين جي حاجاني لنڊ ۾ ريبيز جون علامتون ظاهر، حالت نازڪ، علاج لاءِ ڪراچي جي جناح اسپتال منتقل
ٽن ٻارن جي ماءُ حاجاني لنڊ کي ڪتي جي ڏاڙهڻ کان پوءِ ويڪسين به ڪرائي وئي هئي، علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو
#کرپشن #لاڑکانہ #احتساب

13/09/2026

ڪجهه ڏينهن پهريان اسمبلي جي فلور تي ويهي رڙيون پيا ڪيو ته سنڌ اسان جي ماءُ آهي ان جو ورهاڱو ڪڏهن به قبول نه ڪنداسون ۽ سنڌ جي سڀني پارٽين کي سڏيو پيا ته گڏجي منظم جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي توهان پنهنجي مڪاري لاڙڪاڻي ۾ ڏيکاري.
پر امن جدوجهد ڪندڙن تي لٺيون وسايون ٿئو ۽ ڪارڪنن کي کنڀيو ٿئو...عوامي ورڪرز مارڪسسٽ جي ساٿين جي گرفتاريءَ جي مذمت ڪيون ٿا.
ڪامريڊ ساٿين کي آزاد ڪيو.
پوليس گردي نامنظور

12/09/2026

لاڙڪاڻو پوليس ۽ حساس ادارن جي ڪچي ۾ وڏي ڪارروائي: موئن جو دڙو وٽان اغوا ٿيل ٻئي مغوي باحفاظت بازياب

Address

Nazimabad
Karachi

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when با خبر لاڑکانہ posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share