10/08/2026
سنڌوديش مقدر آ
سائين جي ايم سيد رھبر آ
پريس پڌرائي: ١٠ آگسٽ ٢۰۲۶
اسان جو موت ڪنهن بيماري سبب بستري تي نه پر سنڌ جي بقا جي جنگ وڙهندي روڊن ۽ رستن تي ٿيندو .
(شهيد بشير خان قريشي)
سائين جي ايم سيد جو قول آھي ته توھان قوم کي ڪردار ڏيو قوم اوھان کي تاريخ ڏيندي. سنڌ ڪيترن ئي عظيم ڪردارن کي جنم ڏنو، اڄ جنھن انسان جو جنم ٿيو اھو شايد قدرت طرفان سنڌ کي ڏنل تحفو ھيو، جنھن پنھنجي ذاتي زندگي جي پرواھ نه ڪندي پنھنجو سڪون سنڌوديش جي آزادي جي لاء قربان ڪري ڇڏيو، بقول سائين جي ايم سيد جي اوھان قوم کي ڪردار ڏيو قوم اوھان کي تاريخ ڏيندي، شھيد بشير خان قريشي سنڌ کي اھڙو ته ڪردار ڏنو جو ڪروڙين دلين جي ڌڙڪن بڻجي ويو. شھيد وڏي پنھنجي عمل، ڳالھائڻ جي ھمت ۽ قربانين سان نوجوانن ۾ قومي شعور پيدا ڪيو.
شھيد بشير خان قريشي صرف ھڪ انسان جو نالو نه آھي پر ھڪ جدوجھد ۽ سنڌ جي آزادي جي علامت آھي، شھيد وڏو سنڌ جي لاء ھڪ اھڙو نالو آھي، جيڪو ھميشه بھادري، سچائي ۽ قرباني جي علامت طور ياد ڪيو ويندو.
جيئي سنڌ اسٽونڊٽس فيڊريشن- جساف ضلعو دائود پنھنجي شھيد چيئرمين جي ۶۷ سالگرھ جون پوري سنڌ کي مبارڪون ڏئي ٿي ۽ وچن ڪري ٿي ته شھيد چيئرمين جي ڇڏيل مشن کي جاري رکندي ھميشه سنڌ جي آزادي جي لاء جدوجھد ڪندي رھندي.
پاران: جساف ضلعو دائود ڪابينه ٢٢ فال