30/10/2025
اڄ محبوب مرشد روحاني رهنما پير امير علي شاهه جيلاني صاحب سان سندن رهائشگاهه تي ملاقات جو شرف حاصل ٿيو
هيءَ ملاقات روحانيت جي خوشبوءَ سان مهڪندڙ ۽ فڪر سان ڀرپور رهي۔ سٿ جا ساٿي سائين حاميد سمون سائين ثناءُالله سائين عبدالرزاق ۽ سر عبدالجبار به گڏ موجود هئا، جن جي موجودگيءَ سان گڏجڻ جو ماحول وڌيڪ دلڪش بڻجي ويو
محبوب مرشد سان سياسي سماجي ۽ موجوده دور جي حالتن بابت طويل گفتگو ٿي جنهن دوران سائينءَ پنهنجي بصيرت دانائي ۽ تجربن سان ڪيترن ئي معاملن تي راهنمائي فرمائي
ملاقات جو هر لمحو دل ۾ نئون اڀار ۽ فڪر جي نئين روشني ڇڏي ويو
آخر ۾ سائينءَ جي دعا ۽ شفقتن سان رخصت ٿيا سين دل ۾ روحاني سڪون ۽ فڪري تازگيءَ جو احساس کڻي واپس پنهنجي ماڳ ڏان موٽياسين ۔
Pir Ameer Ali Jeelani
Team Hameed pir Bux Samoon
✍️