Suhini Paras

Suhini Paras life is lession ...... firstly i am a journalist field reporter tv anchor stage programs host little bit poet columnist social activist

08/04/2026

مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ... شاعري.. امداد حسيني
آواز تعمير حسين

24/03/2026

عيد معني خوشي جنهن تي سڀني جو حق آهي ڇا اهو سوچيندا آهيون?

سنڌ جي دنگن ۽ ننگن جانعرا هڻڻ وارا ماٺ ڇو؟سنڌ جي ڌرتي تي جڏهن به ڪنهن نياڻي جي عزت تي وار ٿيو آهي،تڏهن غيرت مند ڏهرڪي سو...
28/02/2026

سنڌ جي دنگن ۽ ننگن جانعرا هڻڻ وارا ماٺ ڇو؟

سنڌ جي ڌرتي تي جڏهن به ڪنهن نياڻي جي عزت تي وار ٿيو آهي،تڏهن غيرت مند ڏهرڪي سوڌو سنڌ جي صحافين سنڌپرست پاران آواز ضرور اٿيو آهي. پر اڄ اسان جي برادري سان ٿيل هيڏي وڏي ڏاڍ تي عجب ۾ وجنهدڙ ماٺ ڇو آهي؟
ڏهرڪي ۾ ڀرچونڊي جي ميان برادري جي هڪ ڇڙواڳ،ظالم، جابر، اسان جي پاڙي لائي آزار بڻيل ميان حرب ﷲ ۽ ان جي پٽ حفيظ پاران پنهنجي پاڙي جي هڪ نياڻي کي زوريء اغوا ڪري، سڄو مهينو قيد ۾ رکيو ويو، ورغلائي، ڌمڪيون ڏئي نڪاح ڪرايو ويو. وارثن کي ماٺ رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن.
اسان جي برادري جي ووٺ کي سدائين ڀرچونڊي جي پيرن توڙي مهر، لنڊ، شر، پتافي،ڏهر ۽ لغاري سردارن پنهنجي ذاتي ملڪيت ۽ ڀاڱي ڀائيواري سمجهيو ويو آهي. پر اڄ جڏهن اسان جي عزت تي هڪ ڇڙواڳ وار ڪيو،تڏهن ڪو به اڳتي وڌي مسڪينن جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ڇو ناهي؟
ڇا هيء ماٺ بااثر ميان جي ڊپ جي ڪري آهي؟
ڇا دهشت ۽ ڌمڪين آڏو سڀئي ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺا آهن؟
يا اسان جي برادري جي پيڙاھ ڪنهن جي نظر ۾ ئي ناهي رهي؟
اسان قوم پرست اڳواڻن، صحافين، ۽ سماجي شعور رکندڙ ماڻهن کي نماڻو عرض ٿا ڪريون ته هن ڏاڍ خلاف آواز اٿارين. هڪ نياڻي جو ايندڙ وقت عزت ۽ هڪ مٽنب جو سڪون داءُ تي لڳل آهي.

اسان جي رڳو هڪ گهر آهي:
نياڻي کي آزاد ماحول ۾ پنهنجي وارثن سان ملڻ ڏنو وڃي، ته جيئن هوءَ بنا ڪنهن دٻاءُ جي پنهنجي مرضي ظاهر ڪري سگهي.
Rauf Hassan Rajri

26/02/2026







fans

زورين نظاماڻي جيڪو مضمون  (IT IS OVER) ايڪسپريس ٽربيون ۾ لکيو جيڪو تڪڙو ئي اُتان ڊليٽ به ڪرايو ويو پر اُن کان اڳ ئي ڪروڙ...
18/01/2026

زورين نظاماڻي جيڪو مضمون (IT IS OVER) ايڪسپريس ٽربيون ۾ لکيو جيڪو تڪڙو ئي اُتان ڊليٽ به ڪرايو ويو پر اُن کان اڳ ئي ڪروڙين نه پر کربين ماڻهن اُن نوجوان جي مضمون کي پڙهي ورتو هو. مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اُن مضمون ۾ اِهڙي ڪهڙي بم ٺاهڻ جي ترڪيب لکيل هئي جيڪا پنهنجي ئي مُلڪ کي تباهه ڪري پئي سگهي جو اُن مضمون کي ڊليٽ ڪرايو ويو؟ ها ائين ضرور چئي سگهجي ٿو ته هر اُهو ماڻهو جِنهن وٽ هٺُ انا پئسو طاقت آهي سو ضرور نئين ٽهيءَ جي شعور کي پڙهي ۽ سمجهي ڇرڪيو هوندو.پر اسان نٿا سمجهون ته زورين جيڪو ٻن اهڙن ڪردارن جو اولڙو آهي جِن جي ڇاپ اڄ به ماڻهن جي ذهنن تي چِٽي آهي، مان ڳالهه ڪري رهي آهي فضيلا قاضي جيڪا نالي واري اداڪارا،ڊائريڪٽر،پروڊيوسر آهي ۽ قيصر خان نظاماڻي جيڪو نه رڳو ناليوارو اداڪار،ڊائريڪٽر،پروڊيوسر پر سياسي شعور رکندڙ ۽ قانون جي ڄاڻ سان ڀريل هڪ ادارو آهي زورين انهن ٻنهي سهڻن سلجهيل ڪردارن جو ئي اولڙو آهي ۽ اِهو به سچ آهي ته پنهنجي پيءَ ماءُ جي روپ ۾ هڪ آرسي ننڍپڻ کان سندس اڳيان رهي آهي جِنهن ۾ سماج جي هر پاسي کي زورين ڏٺو سمجهيو پرکيو ۽ پروڙيو آهي تِنهن کانپوءِ ئي سندس ذهن جي ڪِنهن هڪ ڪنڊ مان ڪو آواز پڙاڏو بڻجي ڪَرُ کڻي اڀريو آهي ۽ کيس اِهو سڀ لکڻ تي اتساهيو آهي. پنهنجي مضمون ۾ زورين ائين کڻي سمجهو ته ڪالهه اڄ ۽ سڀاڻي کي هڪٻئي جي آمهون سامهون بيهاريو آهي ۽ مضمون ۾ چِٽو پڙهي ۽ سمجهي سگهجي ٿو ته اسان جي نئين ٽهي ڇا ٿي گهري؟ نئين ٽهيءَ کي پراڻي ٽهيءَ جي ماڻهن کان رڳو سبق پرائڻو آهي نڪي ساڳيون ڪوتاهيون ورجائڻيون آهن. مضمون ۾ زورين اِهو به سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هاڻي اسان جي ٽهي پراڻيون ڳالهيون جيڪي رڳو ڳالهيون ئي رهيون آهن، اُنهن سان نئين ٽهيءَ جو ڪوبه فائدو ناهي پر نئين ٽهيءَ کي نوان دڳ ملي چڪا آهن ڇو ته پراڻي ٽهيءَ ته ڪي به اهڙا دڳ نه ٺاهيا جيڪي نوجوانن لاءِ ڪِنهن نواڻ ڏانهن وڃڻ لاءِ هجن يا نوجوانن کي ڪو اتساهه ڏين اڳتي وڌڻ جي ڪا آس ڏيارين. جيڪي سگهارا جهونا ۽ جهونيون ڪرسين جي ويڙهه ۾ ملهه پهلوانن جيان وَرَ کنيون سنڌرو ٻڌي بيٺا آهن اُنهن وٽ ته سواءِ ويڙهه جي ٻيو ڪجهه به ناهي جڏهن ته اڄ جو نوجوان تعليم شعور فهم ادراڪ ۽ نواڻ ڏانهن ويندڙ واٽ گهري ٿو. ته ڳالهه اِها آهي ته اسان پنهنجي ٻارن کي سوال ڪرڻ کان ڪئين ٿا جَهلي سگهون؟ ۽ ڇو جَهليون؟ سوال ڪرڻ اسان جي نوجوانن جو حق آهي .اُن ۾ ڪِنهن کي به ڪاوڙ ڇو لڳڻ گهرجي؟ زورين هر نوجوان جو آواز بڻجي ٻڌائي ٿو ته اسان کي هاڻي صديون پراڻيون تقريرون مثال يا ڪڏهن به پورا نه ٿيندڙ خواب هاڻي ناهن ڏسڻا ۽ اِهو پڻ ٻڌائي ٿو ته هاڻي جهونن اڳواڻن جي اي سي هال وارن سيمينارن ۾ ڪيل ڳالهيون پڻ مٿي ۾ سو ٿيون وجهن ۽ ڀُل ۾ جيڪڏهن ڪي نوجوان اُنهن سيمينارن يا ڪانفرنسز ۾ اچي به وڃن ٿا ته اُنهن جي ڪنن تي هيڊ فون لڳل آهن. مطلب ته اُهي جهونن سياستدانن جا پراڻا فارمولا هاڻي نئين ٽهيءَ تي ڪو به اثر نٿا ڪَن ۽ زورين اِهو به پنهنجي مضمون ۾ ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته نوجوانن کي نواڻ سڌارو اڳتي وڌڻ جا موقعا گهرجن نه ڪي واندن واريون ڳالهيون جيڪي وڏن اي سي هالز ۾ پروگرام ڪرائي پنهنجا بجيٽ ڪاڳرن ۾ پورا ڏيکارڻ لاءِ ڪيون وڃن ٿيون. نواجوان نوان موقعا گُهري ٿو دنيا جي ڊوڙ ۾ ڊوڙڻ گهري ٿو. زورين ڇا غلط چيو آهي ته اسان کي سگهارو نظام گهرجي، برابري وارا حق گهرجن؟ ۽اهڙو سگهارو نظام جِنهن ۾ ڪجهه به ٻڌائڻ جي گهرج نه هجي سڀ ڪجهه چِٽو نظر ايندو هجي... ۽ جڏهن نوجوان کي نظام ۾ سڀ ڪجهه صاف ۽ چِٽو ڏسڻ ۾ ايندو ته اسڪولن ڪاليجن ۾ وڃي جهونن سياستدانن حڪمرانن کي پنهنجي سٺي نظام هجڻ جون وضاحتون يا ثابتيون نه ڏيڻو پونديون نوجوان پاڻهيءَ پنهنجي مُلڪ سان پيار ڪندا ۽ اُهو هونئين به ڪَن ٿا. زورين چا غلط لکيو آهي ته نوجوان چنڊ کان به اڳيان وارو ڏيهه ٽيڪنالاجي جي ذريعي ڏسي چڪو آهي ۽ ڏسي رهيو آهي ته اِن ۾ ڪهڙي غلط ڳالهه لکي اٿس؟ ۽ نوجوان اڳيان جي ڄاڻ به رکي ٿو ته ڇا ٿيڻ وارو آهي ته نوجوان کي توهان جي ڳالهه ٻڌڻ جي گهڙي گهرج آهي؟ ها اِهو ڪڙو سچ ضرور لکيو اٿس ته جهونا سياستدان حڪمران جيڪو ٿوڙو گهڻو سمجهه شعور ماڻهن ۾ آهي اُهو به ڦرڻ جي ڪوششن ۾ آهن ته جئين ڦٽندڙ شعور کي پاڙن کان وڍيو وڃي پر اِهو ته اڻ ٿيڻو آهي ڇو ته شعور جو پاڙون هاڻي ڪي هڪ هنڌ تائين ناهن پر پکڙجي چڪيون آهن جيڪي پيون ڦٽنديون. زورين ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته توهان جيڪو سچ عوام کي ڏيکارڻ يا سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو اُن کي نوجوان ته گهٽ ۾ گهٽ مڃڻ ڏسڻ سمجهڻ کان انڪاري آهن ۽ نوجوان هاڻي پاڻ سوچي ۽ لوچي ٿو .اسان سمجهون ٿا ته زورين ايندڙ وقت جي اوني فڪر ۽ سڌاري لاءِ پنهنجي خيالن جو ڏاڍي سهڻي نموني سان اظهار ڪيو آهي ۽ کيس ساراهڻ گهرجي ڇو ته ٻار جڏهن پنهنجي وڏن کي حق ۽ سچ جو درس ڏيڻ شروع ڪَن ته پڪ سمجهو ته هاڻي اسان جو وقت ناهي اسان جي ٻارن جو وقت آهي ۽ اُنهن کي پنهنجي مرضيِ سان ساهه کڻڻ ڏيڻ گهرجي نڪي رنڊڪون وجهڻ گهرجن.زورين هڪ ڏاڍي سٺي ڳالهه لکي آهي توهان طاقت ساان پنهنجي اقتدار تي ويهي سگهون ٿا پر عوام جو اِن سان ڪو ڏيڻ وٺڻ ناهي ڇو ته عام ماڻهو بنا سپاهين جي ڪٿي به وڃي سگهي ٿو پراقتدار ۾ ويٺل ماڻهو اِهو سوچي به نٿا سگهن.ها اهو به سچ آهي ته اسان جا ٻار پنهنجي ئي ڏيهه ۾ رهي پاڻ کي اوپرو محسوس ٿا ڪَن ۽ هر ٻئي ڏينهن اسان کان سوال ٿا ڪن ته ولايت ۾ اسان جو ڪو مِٽ مائٽ آهي ته اسان هليا وڃو ٻاهر، اِها اسان جي ٻارن جي سوچ ثابت ڪري ٿي ته اسان جا حڪمران، واڳ ڌڻي پنهنجي نسلن کي ڪجهه نه ڏئي سگهيا سواءِ ڊپ،موت، ڦرلُٽَ، لاشن جي ۽ سڀ اُهي احساس جيڪي ڪِنهن به حساس ماڻهو لاءِ موت جي احساس کان گهٽ ناهن ۽ واقعي اسان جي ٻارن ته سوچي به ڇڏيو آهي ته مون کي ولايت وڃڻو آهي ڇو ته نوجوان سوچي ٿو ته اسان کي هيسائي ايترو ته هيڻو ڪيو ويو آهي جو وڙهي ته نٿو سگهجي پوءِ ٻيو رستو هِتان نڪري وڃڻ ئي آهي اِها ڪا سٺي سوچ ته ناهي. اِن تي اقتدار ۾ ويٺل ماڻهن کي ضرور ويچارڻ گهرجي .ڇو ته زورين نوجوان ۽ حڪمرانن يا اقتدار ۾ ويٺل ماڻهن جي وچ واري خال جي جيڪا ڳالهه ڪئي آهي سا گهڻي ڳڻتيءَ جوڳي آهي ۽ نئين ٽهي ڇا ٿي گهري اُن جي ابتڙ اقتدار ۾ ويٺل حڪمران ڇا پيا ڏين؟ زورين جا ويچا توڙي جو ڊليٽ ڪيا ويا پر اسان سمجهون ٿا ته زورين هر نوجوان جو آواز بڻجي پڙاڏن جو روپ ڌاري چڪو آهي ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪنڊ تائين وڃي پهتو آهي منهنجي ذاتي راءِ مطابق اِهو ڪو سٺو سونئڻ ناهي ته اسان جا ٻار پنهنجن ئي وڏن جي سوچ سان بغاوت ڪَن پر وڏن کي به پنهنجي ٻارن نوجوانن کي بغاوت واري دڳ ڏانهن وڃڻ يا سوچڻ کان روڪڻ لاءِ ڪي جوڳا اُپاءَ وٺڻ جي گهرج آهي اڄ زورين لکيو آهي سڀاڻي ٻيو ڪو نوجوان اهو سڀ سوچيندو جيڪو هُن ڏٺو پوءِ اقتدار ۾ ويٺل ماڻهو ڪِنهن ڪِنهن جا مضمون ڊليٽ ڪرائيندا؟
سهڻي پارس

Big thanks to Abadull Karam Avadull Karam, Shoaib Shoro, Faqeer Abdul Sattar, Shoukat Samejo, Mumtaz Abbasi, MD Ali, Kaa...
17/01/2026

Big thanks to Abadull Karam Avadull Karam, Shoaib Shoro, Faqeer Abdul Sattar, Shoukat Samejo, Mumtaz Abbasi, MD Ali, Kaaronjhar Kalhoro, Farooq Sindhi, Ali Gul Burfat, Mumtaz Ali, Faheem Chandio, Rafique Soomro, Manzoor Soomro, Zain Umer, Irfanali Dayo, Khadim Teevno, Haji Ali Gohar, Asif Ali, Iqbal Ahmed Soomro, Sajjad Abbasi, Mushtaq Ahmed, Doolahdarya Khan Unar, Abdul Rauf, Shahbaz Shahbaz, Ali Abbas, Nisar Ahmed Jarwar, Abdul Rasheed Katpar, Shahabuddin Thaheem, Mumtaz Ali, Don Bull Bull, Insaf Ali, Mukhtiar Panhwar, Ataoallah Chandio, Zaheer Khan, Raheela Shaikh, Souhrab Ali Mnige, Nawab Gul, Zulfiqar Ali Rahujo, Saif Balouch, Abull Khailk, Deen Muhammadmuzafar, Irfan Khan Mangrio, Saleem Bajeer, M Yousaf Rind, Shahzaib Khokhar, Badshah Baksh, Fayaz Gul Memon, Zaheer Abbas, Imtiaz Memon, دلبر شاھ سيد

for all of your support! Congrats for being top fans on a streak 🔥!

With Zulfiqar Halepoto – I'm on a streak! I've been a top fan for 20 months in a row. 🎉
17/01/2026

With Zulfiqar Halepoto – I'm on a streak! I've been a top fan for 20 months in a row. 🎉

With Shamim Soomro – I'm on a streak! I've been a top fan for 3 months in a row. 🎉
13/01/2026

With Shamim Soomro – I'm on a streak! I've been a top fan for 3 months in a row. 🎉

هڪ فقير مستاني روپ ۾ بازار مان لنگهيو تہ هڪ دڪاندار ان فقير کي سڏ ڪري پيار ۽ محبت سان کير جو وٽو پياريو ٿورو اڳتي هليو ت...
13/01/2026

هڪ فقير مستاني روپ ۾ بازار مان لنگهيو تہ هڪ دڪاندار ان فقير کي سڏ ڪري پيار ۽ محبت سان کير جو وٽو پياريو ٿورو اڳتي هليو تہ مينهن وسڻ جي ڪري رستن تي گپ هئي 2 پيار ڪندڙ محبوب ۽ محبوبا سامهون کان آيا پئي ھن فقير جي گپ ۾ دافوڙون جي ڪري محبوبا جا ڪپڙا خراب ڪري ٿي ويا تہ عاشق فقير کي ٿف هڻي چيو فقير منھنجي محبوبه جا ڪپڙا خراب ڪري ڇڏئي فقير آسمان ڏي نھاري چيو واھ رب تنھنجي قدرت ڪاٿي پيار مجهان کير جا وٽا پيو پيارين تہ ڪاٿي ٿڦون پيو هڻائين رات جو اهوعاشق پنھنجي گهر جي ڇت تان ڪري پيو ڪنڌ ڀڄي پيس مري ويو تہ صبح جو ماڻھن فقير کي چيو فقير تو عاشق کي پٽ ڏني هئي ڇا? جو رات جو مري ويو فقير چيو ابا مون ڪابه پٽ نہ ڏني هن پنھنجي محبوبا جا ڪپڙا خراب ٿيڻ سهي نه سگهيو هوندو فقير آسمان ڏانهن نهاري ڏي چيو ته منھنجي دوست مونکي لڳندڙ ٿڦ نه سٺي هوندي. مقصد تہ مستانن چرين کي ڏسي ڀوڳ مسخري ڪري انهن کي رنجائيندا نہ ڏيندا ڪريو ڪهڙي خبر ڏسڻ ۾ چريو هجي پر الله جو ڪامل ولي هجي.

Address

Karachi

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Suhini Paras posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Suhini Paras:

Share

Category