Jeay Sindh Student Federation Official

Jeay Sindh Student Federation Official JSSF CENTRAL MARKAZ

04/08/2026

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن الائينس (جساف شهيد بشير خان ۽ جساف ) طرفان قائد عوام يونيورسٽي نوابشاھ ۾ هڪ شاندار ثقافتي ريلي جو ڏيک.

مرڪزي پريس پڌرائي 3 آگسٽ 2026عجيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (شھيد بشير خان) مرڪز طرفان حيدرآباد ڊويزن اندر وڌيڪ تنظيم سازي...
03/08/2026

مرڪزي
پريس پڌرائي
3 آگسٽ 2026ع

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (شھيد بشير خان) مرڪز طرفان حيدرآباد ڊويزن اندر وڌيڪ تنظيم سازي کي منظم ۽ بھتر ڪرڻ لا۽ حيدرآباد ڊويزن تي (ڊي او) علي شنباڻي کي مقرر ڪجي ٿو

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (شھيد بشير خان) مرڪز

03/08/2026

سامارو
03/08/2026

جساف شھيد بشيرخان ضلعي امرڪوٽ طرفان
ضلعي صدر باغي ڌونڪائي
ضلعي ماليات سيڪريٽري: مھيش سنڌي
سرمد سنڌي،باغي مگھواڙ جي اڳواڻيءَ ۾

ڊينگاڻ ڌونڪائي ۾ پرچم ڪشائي وئي.

جساف شھيد بشير خان ضلعو امرڪوٽ.

سنڌو ديش مقدر آسائين جي ايم سيد رھبر آ ( پريس رليز ) ملير ڪراچي 02/ 08/ 2026 /جساف شھيد بشير خان ضلعي ملير جي ڪانگريس جس...
03/08/2026

سنڌو ديش مقدر آ
سائين جي ايم سيد رھبر آ
( پريس رليز )
ملير ڪراچي
02/ 08/ 2026 /
جساف شھيد بشير خان ضلعي ملير جي ڪانگريس جساف شھيد بشير خان مرڪزي ماليات سيڪريٽري عزادار چانڊيو جي نگراني ھيٺ ٿي گزري.

جنھن ۾ ھيٺيان عھديدار چونڊيا ويا.

صدر = وھاب گبول

نائب صدر = ثاقب سنڌي

جنرل سيڪريٽري = توفيق ٻگھيو

جوائنٽ سيڪريٽري = راجا ھليو

پريس سيڪريٽري = سعيد سولنگي

ماليات سيڪريٽري =نعمان ٽڳڙ

آخر ۾ چونڊجي آيل سمورن ضلعي عھديدارن کي جساف شھيد بشير خان مرڪزي ماليات سيڪريٽري عزادار چانڊيو تنظيمي ڪم سچائي ۽ ايمانداري سان ڪرڻ جو حلف کڻايو

جساف شھيد بشير خان مرڪز.

26/07/2026

جلال پور ڪينال ۽ سنڌ جي پاڻيءَ جي حقن لاءِ وڙهندڙ آواز کي دٻائي نٿو سگهجي!
سنڌ جي پاڻيءَ جي تحفظ لاءِ جدوجهد دوران سائين منير حيدر شاهه سان گڏ گرفتار ڪيل جساف شھيد بشير خان ضلعي صدر صابر چانڊيو ۽ ٻين ساٿين کي ڪجهه ڪلاڪن جي غيرقانوني گرفتاري کان پوءِ آزاد ڪيو ويو.
سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي خلاف هلندڙ مزاحمت جاري رهندي. گرفتاريون، ڌمڪيون ۽ رياستي جبر اسان جي حوصلي کي جهڪائي نٿا سگهن. سنڌ جي دريائن، زمين ۽ قومي حقن جي حفاظت لاءِ هر محاذ تي جدوجهد جاري رهندي.
سنڌ جو پاڻي، سنڌ جي زندگي — ان تي ڪو به سودو قبول ناهي!

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جساف شھيد بشير خان مرڪز.

24/07/2026

لاڙڪاڻو

ٻٻرلو ڌرڻي تي ٿيندڙ تشدد،گرفتارين،داخل ڪيل ڪيسن،
معصوم پريا ڪماري سميت اغوا ڪيل مغوين جي بازيابيءَ لاءِ جساف جسقم ضلعي لاڙڪاڻي طرفان اعلانيل بک هڙتالي ڪيمپ ۾ جساف شھيد بشير خان ضلعي لاڙڪاڻو صدر محترم صابر علي چانڊيو خطاب ڪندي.

سنڌوديش مقدر آ سائين جي ايم سيد رھبر آ 24/07/202524 جولاءِ 2009ع تي شھيد اي سنڌوديش بشير خان قريشيءَ تي قاتلاڻي حملي ۾ ش...
24/07/2026

سنڌوديش مقدر آ
سائين جي ايم سيد رھبر آ

24/07/2025

24 جولاءِ 2009ع تي شھيد اي سنڌوديش بشير خان قريشيءَ تي قاتلاڻي حملي ۾ شھيد وڏي جو دفاع ڪندي شھادت ماڻيندڙ ڌرتي جي ارڏي بيباڪ ڪردار مٽيءَ جي مشتاق شھيد مشتاق خاصخيليءَ جي ورسي جي موقعي تي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جساف(شھيد بشير خان) شھيد مشتاق خاصخيليءَ کي سيس نوائي قومي سلام پيش ڪري ٿي.
جساف پنھنجي دودي پٽ مٽيءَ جي مشتاق شھيد مشتاق خاصخيليءَ تي ناز ڪري ٿي.

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جساف (شھيد بشير خان) مرڪز

لاڙڪاڻو جساف جسقم شھيد بشير خان ضلعي لاڙڪاڻي طرفانمعصوم پريا ڪماري،اجالا سولنگي،صبا ڪلھوڙو،فضيلا سرڪي سميت ٻارڙن جي گمشد...
24/07/2026

لاڙڪاڻو

جساف جسقم شھيد بشير خان ضلعي لاڙڪاڻي طرفان
معصوم پريا ڪماري،اجالا سولنگي،صبا ڪلھوڙو،فضيلا سرڪي سميت ٻارڙن جي گمشدگي خلاف ۽ ٻٻرلو ڌرڻي تي پوليس جي چڙھائي،تشدد ۽ گرفتارين خلاف جساف جسقم شھيد بشير خان ضلعي لاڙڪاڻي طرفان جناح باغ لاڙڪاڻي آڏو 24 ڪلاڪن جي بک ھڙتالي ڪيمپ جاري.

مر مرين آئون روئين موٽي آءُ مَ ڪانڌَڪچن وڏا پانڌ جيئڻ ٿورا ڏينهڙا.شھيدن جي ڏنل رَت مان ھميشہ سُرخ گُلاب ئي ڦُٽندا آھن.شھ...
22/07/2026

مر مرين آئون روئين موٽي آءُ مَ ڪانڌَ
ڪچن وڏا پانڌ جيئڻ ٿورا ڏينهڙا.

شھيدن جي ڏنل رَت مان ھميشہ سُرخ گُلاب ئي ڦُٽندا آھن.شھيد جي ڏنل قرباني ايندڙ مستقبل لاءِ مشعل راءِ آھي.
22 جولائي ڌرتيءَ جي اُن بھادر جرئتمند ارڏي ڪردار جو جنم ڏينھن آھي.جنھن کي پاڪستان جي ڀاڙيتو ايجنسين سنڌ سان ازلي ناتو قائم ڪرڻ جي عشق ۾ باکوڙي موري وٽ کولين جو کاڄ بڻائي جيئرو ساڙيو ويو.
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جساف (شھيد بشير خان) طرفان سنڌ جي عظيم پُٽ جي جنم ڏڻ جون سنڌي قوم کي مبارڪون پيش ڪريون ٿا.

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جساف (شھيد بشير خان) مرڪز..

Address

Karachi

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Jeay Sindh Student Federation Official posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share