EcoLegis Hub

EcoLegis Hub A youth led platform created to share knowledge, ideas, and innovations on climate action in Pakistan

ٻوڏ اوچتو اچي سگهي ٿي ۽ گهرن، روزگار ۽ زندگين لاءِ وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو. جڏهن به ٻوڏ جي ويجهو اچڻ جي خبر ملي، تڏهن تيزيء...
27/08/2025

ٻوڏ اوچتو اچي سگهي ٿي ۽ گهرن، روزگار ۽ زندگين لاءِ وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو. جڏهن به ٻوڏ جي ويجهو اچڻ جي خبر ملي، تڏهن تيزيءَ سان قدم کڻڻ ۽ ذميواري سان ڪم ڪرڻ ضروري آهي. سڀ کان پهرين پنهنجي گھر وارن کي محفوظ ڪرڻ لازمي آهي.

ٻوڏ جي حالت ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي
پنهنجي خاندان کي بچايو پنهنجي ڪٽنب، پالتو جانورن ۽ قيمتي سامان کي محفوظ ۽ مٿانهين هنڌ تي منتقل ڪريو.

بجلي ۽ گئس بند ڪريو – جيڪڏهن ممڪن هجي ته بجلي، گئس ۽ پاڻي جي فراهمي بند ڪريو ته جيئن حادثا نه ٿين.

ٻوڏ کان بچاءَ جا اوزار لڳايو ريتي جون ڀريون يا ٻيا اوزار رکي پاڻي کي گهر ۾ اچڻ کان بچايو.

هڪ ٻئي جي مدد ڪريو – پاڙيسرين، خاص ڪري ٻارن، بزرگن ۽ معذور ماڻهن جي مدد ڪريو ته جيئن هو به محفوظ جڳهه تي پهچي سگهن.

باخبر رهو مقامي اختيارين، ريڊيو يا سوشل ميڊيا ذريعي نون هدايتن کان واقف رهو.

🌍 ياد رکو: وقت تي قدم کڻڻ سان نقصان گهٽجي سگهي ٿو ۽ زندگيون بچائي سگهجن ٿيون. حفاظت رڳو پنهنجي لاءِ نه، پر سڄي برادري لاءِ ضروري آهي. گڏجي، اسين ٻوڏ جي مشڪلاتن جو مقابلو ڪري سگهون ٿا.

Protect Your Family and Community

Floods can come suddenly and cause severe damage to homes, livelihoods, and lives. It is important to act quickly and responsibly when a flood warning is issued. Protecting yourself and your family should always be the first priority.

What To Do in Case of a Flood Warning:

1. Protect Your Family First -Move your family, pets, and valuable belongings to a safe and higher place.

2. Turn Off Utilities – If it is safe, switch off electricity, gas, and water supply to prevent accidents.

3. Use Flood Protection Equipment – Place sandbags, barriers, or any flood protection tools to minimize water entering your home.

4. Help Each Other – Support neighbors, especially children, the elderly, and people with disabilities, in reaching safety.

5. Stay Informed – Listen to local authorities, radio, or official social media updates for the latest instructions.

🌍 Remember: By acting on time, you can reduce damage and save lives. Safety is not just about protecting yourself but also about supporting your community. Together, we can face the challenges of floods.

23/07/2025
ڇا توهان کي خبر آهي؟ موسمياتي تبديليءَ سبب لڏپلاڻ ڪندڙ هر 5 ماڻھن مان 4 عورتون ۽ ڇوڪريون آهن. هي حيرت انگيز حقيقت يونائي...
19/07/2025

ڇا توهان کي خبر آهي؟ موسمياتي تبديليءَ سبب لڏپلاڻ ڪندڙ هر 5 ماڻھن مان 4 عورتون ۽ ڇوڪريون آهن. هي حيرت انگيز حقيقت يونائيٽڊ نيشن (UN) طرفان شيئر ڪئي وئي آهي، جنھن مطابق موسمياتي بحران صرف ماحولياتي مسئلو ناهي، اهو هڪ صنفي بحران به آهي.

خاص طور تي اهڙن ملڪن ۾ جتي ترقي تمام گهٽ آهي، جيئن پاڪستان، اتي جڏهن طوفان يا ٻوڏ اچي ٿي ته عورتون ۽ ڇوڪريون تمام گهڻو متاثر ٿين ٿيون. اهي پنهنجا گهر وڃائي ويهن ٿيون، روزگار ختم ٿي وڃي ٿو، ۽ انهن وٽ صحت جي سهولتن تائين رسائي به محدود هوندي آهي. انهن کي عام طور تي ڪو به فيصلو ڪرڻ جو اختيار ناهي هوندو، ۽ لڏ پلاڻ ڪرڻ جي آزادي به گهٽ هوندي آهي.

موسمياتي تبديليون سدائين انهن کي ئي سڀ کان اڳ نشانو بڻائين ٿيون، جيڪي اڳ ۾ ئي ڪمزور آهن ۽ انهن ۾ عورتون اڳيان آهن.

جيڪڏهن اسان واقعي موسمي تبديليءَ سان وڙهڻ چاهيون ٿا ته اسان کي صنفي انصاف کي مرڪز بڻائڻو پوندو. ان جو مطلب آهي ته عورتن جي ڳالهه ٻڌجي، انهن کان انهن جي صحت ۾ ٿيندڙ تبديلين جي باري ۾ پڇجي انهن کي پاليسين جي تياريءَ ۾ شامل ڪيو وڃي، ۽ انهن جي حقن جي حفاظت ڪئي وڃي.

ياد رکو: هڪ برابر دنيا ئي هن سڙندڙ ڌرتيءَ کي بچائي سگهي ٿي.

Did you know that 4 out of 5 people displaced by climate change are women and girls? This shocking fact, shared by the United Nations, reveals a deep truth، climate change is not just an environmental crisis, it’s also a gender crisis.

In many parts of the world, especially in developing countries like Pakistan, women and girls often bear the brunt of natural disasters. When floods hit, homes are lost, and livelihoods vanish it’s women who are left struggling to care for their families, access healthcare, or even find a safe place to live. Most of them have fewer rights, limited mobility, and no decision-making power during emergencies.

Climate change hits the most vulnerable first — and women are often on the frontlines.

If we want to fight climate change effectively, we must center gender justice in climate action. That means listening to women, involving them in climate policy-making, and protecting their rights and futures.

Let’s remember: an equal world is a stronger world even in the face of a burning planet.

ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته زمين تباھ ٿي رهي آھي. اسان ڪيتري ٽائم تائين هن گرمي ۾ زنده رهي سگهون ٿا؟ڇا اهو توھان به محسوس ڪيو آه...
07/07/2025

ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته زمين تباھ ٿي رهي آھي. اسان ڪيتري ٽائم تائين هن گرمي ۾ زنده رهي سگهون ٿا؟

ڇا اهو توھان به محسوس ڪيو آهي؟
ھوا ﺟﻮ وزنائتو محسوس ٿيڻ. گرمي جي موسم گهڻو وقت هلڻ, وڻن مان موسم کان اڳ ۾ گل پيدا ٿيڻ. فصلن جو جلدي سڪڻ.
اسين هڪ خاموش ايمرجنسي مان گذري رهيا آهيون جنهن کي گلوبل وارمنگ چيو وڃي ٿو يعني اهڙي گرمي جيڪا پوري دنيا تي اثر انداز ٿي رهي آهي.
ڊيڄاريندڙ حقيقت اها آهي ته

عالمي موسمياتي اداري(NASA ) ۽ ٻين موسمياتي ادارن مطابق:
•سال 2023 انسانيت جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ گرم ترين سال رهيو، جنهن ۾ ڌرتيءَ جو تقريبن گرمي پد °1.45 سينٽِيگريڊ تائين وڌي ويو.

• ﺟﻮﻥ 2024 گرميءَ جو سڀ ريڪارڊ توڙي ڇڏيا جيڪو انساني تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ گرم ترين مهينو رهيو.
•گذريل 10 سالن مان 7 سال سَڀ کان گھڻا گرم ريڪارڊ ڪيا ويا.

جيڪڏهن اسين °1.5 گرمي پڊ جي حد پار ڪري وياسين ته اسين ان جڳھ تي پهچي وينداسين، جتان واپسي ممڪن نه رهندي ، ٻيلا سڙي ويندا، مرجان ريٽ تباهه ٿيندا، ۽ ڪيترائي شهر رهڻ جي قابل نه رهندا.

پاڪستان لاءِ موسمي تبديلي ڪا ڪهاڻي نه پر روز جي حقيقت آهي.

•جَيڪب آباد ۾ گرمي °52 سينٽگريڊ تي پهتي، اسڪول بند ٿيا، اسپتالون گرمي جي اثر هيٺ آيل مريضن سان ڀرجي ويون.

•اتر وارن علائقن جا گليشيئر اڳ کان وڌيڪ تيزيءَ سان ڳري رهيا آهن، جنهن سان وڏي ٻوڏ اچڻ، پاڻي جي کوٽ، ۽ لڏپلاڻ جو خطرو وڌي ويو آهي.

•سنڌ ۽ بلوچستان ۾ خشڪ سالي، بارشن جي کوٽ، ۽ فصلن جي گهٽ اپت عام ٿي وئي آهي.

•لکين ماڻهو بجليءَ جي کوٽ، پاڻيءَ جي اڻهوند، ۽ صحت جي خطري سان منهن ڏئي رهيا آهن.

•هي ڪو ايندڙ مستقبل نه، اڄ جو بحران آهي.

🌏 هي سڀ ڇو ٿي رهيو آهي؟

بجلي، گاڏين ۽ ڪارخانن لاءِ استعمال ٿيندڙ فاسل فيولز (ڪوئلو، تيل، گئس) مان نڪرندڙ گرين هائوس گئسون ڌرتيءَ جي ماحول کي گرم ڪن ٿيون.
اهي گئسون ڄڻ ڌرتيءَ تي ڪپهه جي ٿلهي چادر وانگر آهن، جيڪا گرمي کي اندر ئي قيد ڪري ڇڏي ٿي. ان کان علاوه، جهنگلن جي ڪٽائي، صنعتي زراعت، ۽ بي ترتيب اڀرندڙ شهر به هي گرمي وڌائين ٿا.

🧭 اسين ڇا ڪري سگهون ٿا؟

•نوجوانن ۽ هارين کي موسمي تبديلي جي حقيقتن بابت آگاهه ڪرڻ گھرجي

🌱 پاڪ ۽ پائيدار عملن کي فروغ ڏيڻ گھرجي جيئن ته توانائي بچائڻ، پاڻي جو صحيح استعمال، ۽ ھر جڳه تي وڻ لڳائڻ

📣 ماحولي انصاف لاءِ آواز اٿارڻ ته جيئن محروم طبقن کي تحفظ ۽ طاقت ملي

🧠 مقامي سطح تي حل پيدا ڪرڻ جيئن ته گرميءَ ۾ برداشت لائق گهر ٺاهڻ، شهرن ۾ وڌيڪ وڻ، ۽ پاڻي بچائيندڙ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻ.

گرمي جو وڌڻ صرف انگن اکرن جو مسئلو نه آهي پر انساني زندگين، ذريعن، ۽ مستقبل جي امانت جو سوال آهي.

جيڪڏهن اسين گڏجي، همدرديءَ ۽ انصاف سان قدم کڻنداسين، ته اسين اڃا به حالتون سنوارڻ جي سگهه رکون ٿا.
پر وقت تمام تيزيءَ سان نڪري رهيو آهي.

اچو ته ڌرتيءَ کي ٿڌو ڪيون جيستائين وقت آهي.

The Earth Is Boiling How Long Can We Survive the Heat?

Have you felt it too?
The air feels heavier. The heat lingers longer. Trees bloom early. Crops wither faster.
We are living through a silent emergency — and it's called global heating.

📊 The Alarming Truth:

According to NASA (2024) and the World Meteorological Organization,

The year 2023 was the hottest year ever recorded, with global temperatures rising 1.45°C above pre-industrial levels.

June 2024 broke all previous records as the hottest month in human history.

7 of the top 10 warmest years occurred in the last decade alone.

If we cross the 1.5°C threshold, we may trigger irreversible damage to Earth’s ecosystems — from collapsing coral reefs and dying forests to cities becoming unlivable.

💥 What’s Happening in Pakistan?

In Pakistan, we’re not just reading about climate change we’re living it.

In Jacobabad, temperatures reached 52°C, forcing schools to close and hospitals to fill with heatstroke cases.

Our glaciers in the north are melting faster than ever, threatening floods, water shortages, and displacement.

Sindh and Balochistan are experiencing longer droughts and failed crop cycles.

Millions face energy shortages, water scarcity, and extreme health risks due to the heat. This isn’t a future problem it’s today’s crisis.

🌏 Why Is This Happening?

Burning fossil fuels (coal, oil, and gas) for electricity, transport, and industry releases greenhouse gases like carbon dioxide and methane. These gases trap heat in the atmosphere, like a blanket, causing Earth to overheat.

Deforestation, industrial farming, and rapid urbanization add fuel to the fire.

🧭 What Can We Do?

At EcoLegis Hub, we believe the solutions start with awareness and action:

💡 Educate youth and communities about the science and urgency of climate change.

🌱 Promote sustainable practices like clean energy, water conservation, and tree plantation.

📣 Advocate for climate justice — ensuring marginalized groups are protected and empowered.

🧠 Innovate local solutions for adaptation, such as heat-resilient housing, urban green spaces, and water-saving tools.

---

🕊️ Climate Peace Starts With Climate Action

This rising heat is not just a number — it’s about lives, livelihoods, and the legacy we’re leaving behind.

If we act together with urgency, empathy, and equity we can still reverse the damage. But the window is closing.

🔥 Let’s cool the Earth, while there’s still time.


🌧️ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ موسمي بحران: ڇا اسين تيار آھيون؟پاڪستان عالمي موسمي تبديلي جي اڳين لائين تي بيٺو آهي ۽ سنڌ ۽ بلوچستا...
02/07/2025

🌧️ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ موسمي بحران: ڇا اسين تيار آھيون؟

پاڪستان عالمي موسمي تبديلي جي اڳين لائين تي بيٺو آهي ۽ سنڌ ۽ بلوچستان جهڙا صوبا هن بحران جو سڀ کان وڏو نقصان ڀوڳي رهيا آهن.

هر سال، برساتون وڌيڪ شديد، بيترتيب، ۽ خطرناڪ ٿي رهيون آهن. سال 2022 ۾، سنڌ ۾ 726 سيڪڙو وڌيڪ برسات پئي، جڏهن ته بلوچستان ۾ 590 سيڪڙو معمول کان وڌي وئي. ان موسمي تباهيءَ سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ 33 ملين ماڻهن جي زندگين تي اثر پيو.

اهي واقعا اتفاق نه هئا. سائنس صاف طور ٻڌائي رهي آهي ته هي نئون موسم جو رويو آهي. 2023 ۾ ڇپيل Environmental Research: Climate جي ريسرچ مطابق، وڌندڙ گرميون، برف پگهرڻ، ۽ گرين هائوس گيسن سبب ڏکڻ پاڪستان ۾ برساتون انتهائي خطرناڪ ٿي رهيون آهن.

🛑 سوال اهو آهي: ڇا اسين تيار آھيون؟

گهڻن خطرناڪ ضلعن ۾ جواب اڃا تائين نه آهي پر EcoLegis Hub ۾ اسان يقين رکون ٿا ته تبديلي نوجوانن، علم، ۽ جدت سان شروع ٿئي ٿي.

انهيءَ ڪري، اسان سنڌ ۽ بلوچستان ۾ موسمي لچڪ (climate resilience) ٺاهڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون:

🔧 ماحول بابت شعور ۽ برساتن جي تياريءَ تي مرڪوز ڪميونٽي سيشن نوجوانن جي اڳواڻيءَ ۾ موسم ۽ آفتن جي روڪٿام بابت تربيتون. سبز جدت ۽ ماحول دوست روزگار تي ٻڌل تعليمي پروگرام
📣 ماحولي انصاف ۽ برابر بحالي پاليسين لاءِ آواز بلند ڪرڻ

ڇو ته موسمي تبديلي هاڻي مستقبل جو خطرو نه رهي اها هاڻ روزاني جي حقيقت آهي.

اسان کي ڏکڻ پاڪستان لاءِ مقامي ۽ نوجوانن جي اڳواڻيءَ واري موسمي حڪمت عمليءَ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي.

نوجوان جي آوازن عورتن، مذهبي اقليتن، ۽ معذور نوجوانن کي اڳيان آڻڻ ضروري آهي.

سڀ کان اهم ڳالهه: موسمي عمل ئي موسمي امن جي بنياد آهي ڇو ته جتي تباهي ٿيندي آهي، اتي اڻبرابري ۽ بيچيني جنم وٺندي آهي.

اچو ته هي موسم بي بسيءَ جو نه، پر تياري، انصاف، ۽ نوجوانن جي اڳواڻيءَ جي موسم بڻايون.

Climate Crisis in Sindh & Balochistan: Are We Prepared for What's Coming?

Pakistan is standing at the frontline of the global climate emergency and provinces like Sindh and Balochistan are paying the highest price. With each passing year monsoon rains are growing stronger more unpredictable and more destructive. In 2022, Sindh witnessed an unprecedented 726% increase in rainfall while Balochistan faced 590% above normal precipitation, leaving entire towns underwater and affecting 33 million people across the country. But these weren’t isolated incidents science confirms this is the new climate reality. A 2023 study published in Environmental Research Climate warns that rising temperatures, intensified by global warming are amplifying monsoon extremes in southern Pakistan. Melting glaciers and scorching heatwaves are now fueling floods we can no longer call “natural.”

🛑 So, Are We Ready?

In many vulnerable districts the answer is still no but at EcoLegis Hub we believe change begins with youth, knowledge and innovation.

That’s why we are committed to building climate resilience in Sindh and Balochistan through:

🔧 Community-centered climate awareness and preparedness

👥 Youth led training sessions on climate adaptation and disaster response

🌱 Green innovation labs and sustainable livelihood education

📣 Advocacy for climate justice and inclusive recovery policies Because climate change isn’t a distant future anymore it’s a daily struggle for millions.

We must invest in local youth-powered climate solutions tailored for southern Pakistan. Voices from the margins women, religious minorities, youth with disabilities must lead the conversation.

And most importantly, we must recognize that climate action is the foundation of climate peace because where disaster strikes, inequality and unrest often follow.

Let this not be another season of helplessness let it be a season of preparedness, justice, and youth-driven action.




پاڻي جي ضايع ٿيڻ سان موسم تي ٿيندڙ اثر ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته پاڻي جو ضايع ٿيڻ اسان جي ماحول تي ڪيئن اثر وجهي رهيو آهي؟جڏهن...
26/06/2025

پاڻي جي ضايع ٿيڻ سان موسم تي ٿيندڙ اثر
ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته پاڻي جو ضايع ٿيڻ اسان جي ماحول تي ڪيئن اثر وجهي رهيو آهي؟
جڏهن به اسين نل هلائي ڇڏي ڏيندا آھيون يا فصلن کي حد کان وڌيڪ پاڻي ڏيندا آھيون، ته اسين رڳو پاڻي ضايع نه ڪنداآھيون، پر پنهنجي ماحول تي به دٻاءُ وجهي رهيا آهيون.

پاڻي جي پيداوار، پمپنگ ۽ صفائي لاءِ تمام گهڻي توانائي جي ضرورت هوندي آهي. اها توانائي اڪثر ڪري فاسل فيولز يعني پيٽرول ۽ گئس (گهٽندڙ وسيلن) مان حاصل ڪئي ويندي آهي، جيڪي هوا ۾ گرین هاؤس گئسون ڇڏين ٿيون. انڪري، جيترو پاڻي اسين ضايع ڪنداسين، اوتري توانائي خرچ ٿيندي ۽ اوترو ئي اسان موسمي تبديلي کي خراب ڪنداسين.

پاڪستان ۾ پاڻي جي کوٽ اڳ ۾ ئي هڪ سنجيده خطرو بڻجي چڪي آهي. برفاني گليشيئرز تيزيءَ سان ڳري رهيا آهن، مينهن جا نمونا تبديل ٿي رهيا آهن، ۽ زميني پاڻي جي سطح گهٽجي رهي آهي. جڏهن اسين پاڻي ضايع ڪيون ٿا، ته اسين ان بحران کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيون ٿا.

💧 پاڻي بچائڻ جو مطلب آهي توانائي بچائڻ ۽ توانائي بچائڻ جو مطلب آهي پنهنجي ڌرتي جي حفاظت.
ان بابت تَوِهان پهنجي رائي ڏيو ته اسان ماحول جي وڌيڪ بهتر حفاظت ڪيئن ڪري سگهون ٿا.

Do you know how wasting water is affecting our climate?
When every time we leave the tap running or over irigate our fields, we are not just wasting water we are adding stress to our climate system.

Producing, pumping, and treating water requires a lot of energy. And that energy mostly comes from burning fossil fuels, which release greenhouse gases. So, the more water we waste, the more energy we consume and the more we fuel climate change.

In Pakistan, water scarcity is already becoming a serious threat. Glaciers are melting faster, rainfall patterns are shifting, and underground water levels are falling. When we waste water, we speed up this crisis.

💧 Saving water means saving energy. And saving energy means protecting our earth.
Share your opinion on how we can better protect our environment.




25/06/2025

EcoLegis Hub is a youth-led platform dedicated to sharing knowledge, inspiring innovation, and building policy awareness around climate action in Pakistan.
As we all know, the whole world is facing climate challenges. We have created this platform to share knowledge about climate change

We believe that informed, empowered youth are the key to building a sustainable future. Through this platform, we aim to:

Share accessible information on climate change and environmental issues. Highlight local and global climate solutions. Showcase youth-led innovations and green initiatives. Encourage dialogue on climate justice, sustainability, and public policy.

Whether you're a student, activist, researcher, or simply passionate about the planet — EcoLegis Hub is your space to learn, engage, and act.

🌿 Let's rethink climate action, together.

جيئن اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته، سڄي دنيا ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي. اسان هي پليٽفارم ماحولياتي تبديلي بابت ڄاڻ شيئر ڪرڻ لاءِ ٺاهيو آهي.
هي پليٽفارم ماحولياتي تبديلي بابت ڄاڻ، جدت، ۽ پاليسين جي شعور کي وڌائڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي.

اسان جو يقين آهي ته باخبر ۽ بااختيار نوجوان ئي پائيدار مستقبل جو بنياد آهن. هي پليٽفارم ان لاءِ ٺاهيو ويو آهي ته جيئن ماحولياتي مسئلن بابت سادي ۽ مفيد ڄاڻ فراهم ڪري سگھجي. مقامي ۽ عالمي ماحولياتي مسئلن کي اجاگر ڪري اُن جي حل بابت ڳالهائي سگهجي.

نوجوانن جي اڳواڻي ۾ ٿيندڙ جدت ۽ گرین منصوبن کي سامهون آڻي سگھجي. ماحولياتي انصاف، پائيداري، ۽ پاليسين بابت ڳالهه ٻولهه کي هٿي ڏئي.

چاهي توهان شاگرد آهيو، سماجي ڪارڪن، محقق، يا صرف ڌرتيءَ سان محبت رکو ٿا ته EcoLegis Hub اوهان لاءِ هڪ اهڙو پليٽفارم آهي، جتي اوهان سکڻ، ڳالهائڻ ۽ عمل ڪرڻ لاءِ گڏ اچي سگهو ٿا.

🌱 اچو ته گڏجي ماحولياتي تبديليءَ جي رستن کي نئون رخ ڏيون.

Address

Karachi
75330

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when EcoLegis Hub posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category