27/08/2026
نادرا Pak ID ايپ ذريعي پينشن جي باآساني تصديق!
تمام پينشنرز — بشمول بزرگ شهري، عورتون، بيمار ۽ خصوصي افراد — هاڻي گھر ويٺي Pak ID موبائل ايپليڪيشن ذريعي پنهنجو لائف سرٽيفڪيٽ (Proof of Life) بلڪل مفت حاصل ڪري سگهن ٿا.
اهم سهولتون:
بئنڪ وڃڻ جي ضرورت ناهي: ڏکين قطارن ۽ بئنڪن جي چڪرن کان آزاد ٿي ايندڙ 6 مهينن لاءِ پينشن جي مسلسل فراهمي يقيني بڻايو.
اهلِ خانه جي مدد: جيڪڏهن پينشنر پاڻ ايپ استعمال نٿو ڪري سگهي، ته سندس رت جا مٽ مائٽ (شريڪِ حيات، ٻار، والدين، ڀيڻ يا ڀاءُ) "My Blood Relatives" جو آپشن چونڊي درخواست جمع ڪرائي سگهن ٿا.
مختلف طريقا: ايپ ۾ آڱرين جي نشانن (Fingerprints) ۽ چهري جي تصديق (Facial Recognition) جي سهولت موجود آهي. ان کان علاوه نادرا سينٽر يا اي-سهولت فرينچائز تان به سرٽيفڪيٽ بنوائي سگهجي ٿو.
خودڪار سسٽم: سرٽيفڪيٽ جاري ٿيڻ بعد اهو خودڪار طريقي سان متعلـقہ پينشن ڪنٽرولر (CGA/MAG) ڏانهن منتقل ٿي ويندو.
درخواست ڏيڻ جو طريقيڪار:
Pak ID ايپ کوليو ۽ لاگ ان ٿيو.
Proof of Life (Pensioner) چونڊيو.
جيڪڏهن پاڻ پينشنر آهيو ته Myself، يا گھر واري لاءِ My Blood Relatives چونڊيو.
ڏنل هدايتن موجب چهري يا آڱرين جي تصديق مڪمل ڪريو.
درخواست مڪمل ٿيڻ تي ID Vault ۾ My Documents / POLC مان پنهنجو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪريو.