Voice of Sami

Voice of Sami “Where the public speaks without fear."

We provide home delivery service of Fresh Vegetables, Grocery, Stationary, Crockery, Medicines, Food and General Items across your area.

هڱورجا ريسڪيو 1122 ايمبولينس سروس: عوام جي خدمت يا ذاتي مقصدن لاءِ استعمال؟ريسڪيو 1122 هڪ بهترين ۽ انتهائي اهم ادارو آهي...
23/08/2026

هڱورجا ريسڪيو 1122 ايمبولينس سروس: عوام جي خدمت يا ذاتي مقصدن لاءِ استعمال؟

ريسڪيو 1122 هڪ بهترين ۽ انتهائي اهم ادارو آهي، جنهن جو بنيادي مقصد حادثن ۽ هنگامي حالتن ۾ زخمين ۽ مريضن کي بروقت طبي امداد فراهم ڪري اسپتال تائين پهچائڻ آهي. پر جيڪڏهن ڪنهن هنڌ ان اداري جي ايمبولينس کي عوامي خدمت بدران ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ته اهو انتهائي افسوسناڪ ۽ ڳڻتي جوڳو عمل آهي.

هڱورجا ۾ ڪجهه شهرين طرفان اهڙيون شڪايتون سامهون آيون آهن ته حادثي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن کي ريسڪيو 1122 ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ڪرڻ بدران روڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته زخمين ۽ انهن جي وارثن سان مبينا طور تي بدتميزي ۽ نامناسب رويو اختيار ڪيو وڃي ٿو.

هڪ افسوسناڪ واقعي ۾ ٻڌايو ويو ته PPHI جو هڪ ملازم پنهنجي گهرواري سميت موٽرسائيڪل حادثي جو شڪار ٿيو ۽ ٻئي زخمي ٿي پيا. جڏهن کين هنگامي حالت ۾ هڱورجا ريسڪيو 1122 ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ڪرڻ جي ضرورت هئي، تڏهن مبينا طور تي کين کڻڻ کان انڪار ڪيو ويو ۽ وارثن سان به بدتميزي ڪئي وئي، جنهن سبب زخمين کي سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پيو.

جيڪڏهن اهي شڪايتون درست آهن ته لاڳاپيل اختيارين کي گهرجي ته واقعي جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪرائي وڃي ۽ جيڪڏهن ڪنهن اهلڪار يا عملي طرفان ايمبولينس کي غلط مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ يا زخمين سان بدتميزي ڪرڻ ثابت ٿئي ته قانون ۽ اداري جي ضابطن موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.

ريسڪيو 1122 عوام لاءِ هڪ بهترين ادارو آهي، پر ڪنهن به اداري جا وسيلا ذاتي مفادن لاءِ استعمال ٿيڻ نه گهرجن.

ايمبولينس ڪنهن فرد، ملازم يا بااثر ماڻهو جي ملڪيت نه، پر عوام جي زندگي بچائڻ لاءِ هڪ هنگامي سهولت آهي.

اسان جو مطالبو آهي ته هڱورجا ريسڪيو 1122 جي ڪارڪردگي، ايمبولينس جي استعمال ۽ هنگامي ڪالن تي ٿيندڙ ردعمل بابت اعليٰ اختيارين نوٽيس وٺن، جيئن ڪنهن به زخمي يا مريض کي ذاتي پسند، اثر رسوخ يا غلط استعمال سبب بروقت طبي امداد کان محروم نه ٿيڻو پوي.

ريسڪيو 1122 عوام جي خدمت لاءِ آهي — عوام کي تڪليف ڏيڻ لاءِ نه.

سمي پريميئر ليگ سيزن 02 🏆وائس آف سمي جي طرفان سڄي سمي پريميئر ليگ سيزن 02 جي انتظاميا، رانديگرن، ٽيمن، اسپانسرز، امپائرن...
05/07/2026

سمي پريميئر ليگ سيزن 02 🏆

وائس آف سمي جي طرفان سڄي سمي پريميئر ليگ سيزن 02 جي انتظاميا، رانديگرن، ٽيمن، اسپانسرز، امپائرن، رضاڪارن ۽ ڪرڪيٽ سان محبت ڪندڙ هر فرد کي دل جي گهراين سان واڌايون ۽ نيڪ تمنائون.

اسان کي فخر آهي ته اسان جي يو سي سمي ۾ اهڙو شاندار ڪرڪيٽ ايونٽ منعقد ٿي رهيو آهي، جيڪو نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ اتحاد، ڀائيچاري ۽ مثبت سرگرمين کي هٿي ڏئي رهيو آهي.

الله پاڪ کان دعا آهي ته هي ٽورنامينٽ ڪاميابي سان مڪمل ٿئي، سڀئي ميچون بهترين راند جي جذبي سان کيڏيون وڃن ۽ هر ٽيم پنهنجي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري.

سمي پريميئر ليگ سيزن 02 جي ڪاميابي، اسان جي يو سي سمي جي ڪاميابي آهي.

❤️ وائس آف سمي طرفان سڀني لاءِ نيڪ خواهشون.

29/06/2026

يونين ڪائونسل (يوسي) چيئرمين جا فرض:

1. عوام کي بنيادي شهري سهولتون فراهم ڪرڻ.
2. صفائي سٿرائي جو نظام بهتر بڻائڻ.
3. نالين ۽ گندي پاڻي جي نيڪال جو انتظام ڪرائڻ.
4. صاف پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي لاءِ قدم کڻڻ.
5. اسٽريٽ لائيٽن جي تنصيب ۽ مرمت ڪرائڻ.
6. گهٽين ۽ رستن جي مرمت ۽ سار سنڀال.
7. پيدائش، وفات ۽ شادي جي رجسٽريشن جي نگراني.
8. عوامي شڪايتون ٻڌي انهن جو ازالو ڪرائڻ.
9. ترقياتي منصوبن جي رٿابندي، نگراني ۽ مڪمل ڪرائڻ.
10. سرڪاري فنڊن جو شفاف ۽ قانون موجب استعمال.
11. هنگامي حالتن (برسات، ٻوڏ، باهه وغيره) ۾ امدادي ڪاررواين جي اڳواڻي.
12. صحت، صفائي ۽ ماحولياتي بهتري لاءِ قدم کڻڻ.
13. عوام سان باقاعده رابطو رکڻ ۽ انهن جي مسئلن کي لاڳاپيل ادارن تائين پهچائڻ.
14. يونين ڪائونسل جي گڏجاڻين جي صدارت ڪرڻ ۽ قانون موجب انتظام هلائڻ.
15. علائقي جي مجموعي ترقي، امن امان ۽ عوامي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ

26/06/2026

10 محرالحرام روز عاشوره سمي شھر جو مرڪزي ماتمي جلوس

چيئرمين جي نااھلي سبب سمي شھر جا عزادار، پنھنجي مدد پاڻ؛ محرم الحرام جي احترام ۾ گھٽيون صاف ڪندي.جتي ذميوار خاموش ھجن، ا...
25/06/2026

چيئرمين جي نااھلي سبب سمي شھر جا عزادار، پنھنجي مدد پاڻ؛ محرم الحرام جي احترام ۾ گھٽيون صاف ڪندي.

جتي ذميوار خاموش ھجن، اتي عوام کي پاڻ ميدان ۾ لھڻو پوي ٿو. سمي شھر جي گھٽين جي صفائي لاءِ عزادارن جو پاڻ اڳتي اچڻ خدمت، اتحاد ۽ شعور جو بھترين مثال آھي.
چيئرمين جي نااھلي سبب صفائي جو ڪم رڪجي ويو، پر عزادارن پنھنجي ذميواري نڀائيندي گھٽيون صاف ڪري محرم الحرام جي احترام کي برقرار رکيو."

اھو منظر ٻڌائي ٿو تہ شھر جي خدمت لاءِ رڳو اختيار نه، پر اخلاص ۽ جذبو به ضروري آھي..

24/06/2026

سمي شھر ۾ 9 محرم الحرام جي مناسبت سان ماتم

24/06/2026

چيئرمين يوسي سمي خلاف محرم الحرام ۾ رستن جي صفائي ۽ ٻيا ضروري انتظام نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاج دوران شيعه علماء ڪائونسل ۽ وائيس آف سمي جي ميمبرز جا مئوقف

24/06/2026

سمي شهر ۾ 7 محرم الحرام جي مناسبت سان ماتمي جلوس

23/06/2026

يوسي سمي ۾ عزادار پنھنجي مدد پاڻ جلوس جي رستن جي صفائي ڪرڻ ۾ مصروف، يوسي چيئرمين جي نا اھلي جو ثبوت

23/06/2026

ھي ثبوت آھي يوسي سمي جي چيئرمين جي نا اھلي ۽ ڪرپشن جو، بي حسي ۽ بي شرمي جو . اڄ جلوس جي رات آھي، جلوس جو مين روٽ آھي پر يوسي سمي چيئرمين طرفان بي حسي جي بي شرمي جي حد آھي جو عزادار ۽ مومن پنھنجي مدد پاڻ جلوس جي رستن جي صفائي ڪري رھيا آھن.

Address

UC Sami Tehsil Sobhodeo
Karachi
66110

Telephone

+923463645078

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Voice of Sami posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category