Awami Elmi Adabi Forum Shah-Ladhani

Awami Elmi Adabi Forum Shah-Ladhani Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Awami Elmi Adabi Forum Shah-Ladhani, Khairpur.

Awami ilmi Adabi Forum is a brother wing of Awami Tahreek (a leftist revolutionary political party in Pakistan) which promotes educational activities for the true betterment of people.

27/02/2024
حيدرآبادعوامي تحريڪ جو اليڪشن منشور نيوزعوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اليڪشن ڪميٽي جي انچارج...
03/02/2024

حيدرآباد
عوامي تحريڪ جو اليڪشن منشور
نيوز
عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اليڪشن ڪميٽي جي انچارج ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، ڪاشف ملاح، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، عاطف ملاح حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪري عوامي تحريڪ جو اليڪشن منشور جاري ڪري ڇڏيو.

• پاڪستان کي 1940ع جي قرارداد تحت هڪ سيڪيولر ۽ جمهوري ملڪ بڻايو ويندو: عوامي تحريڪ جو اليڪشن منشور

• سنڌ جي جاگرافيائي وحدت هر لحاظ کان مٿانهين آهي، سنڌ جي ورهاڱي جي هر شڪل کي رد ڪيو ويندو. عوامي تحريڪ جو اليڪشن منشور

• سويلين سرڪاري توڙي نجي ادارن جي اهم عهدن تي رٽائرڊ توڙي حاضر سروس فوجين کي ملازمتون ڏيڻ واري عمل تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي ويندي. عوامي تحريڪ جو اليڪشن منشور
• مزدور جي ماهوار پگهار 80 هزار رپيا مقرر ڪئي ويندي.

• صوبائي گورنرن جي چونڊ سڌي ريت عوامي ووٽن وسيلي ڪرائي ويندي.

• وفاق کي مخصوص کاتا، باقي سمورا اختيار ايڪائن کي ڏنا ويندا:

• سرڪاري زمين انعام جي طور تي نوڪر شاھي ۽ ٻين مفردن کي ڏيڻ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي ويندي.

• زمين جي آبياري لاءِ پاڻيءَ جي فراهمي، سٺا رستا ۽ سستيون سفري سهولتون، روزگار ۽ پيداوار لاءِ صنعتون لڳايو وينديون.

• زرعي سڌارا آڻي زمين جي حد باراني 75 ايڪڙ ۽ نهري 50 ايڪڙ في خاندان مقرر ڪئي ويندي.

• 16 ايڪڙ زمين في هاري خاندان کي ڏني ويندي.

• عورتن جي نمائندگي هر شعبي ۾ برابري جي بنياد تي ڪئي ويندي.

• جي ڊي پي جو 6 سيڪڙو صحت ۽ 6 سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪيو ويندو.

• 1973ع جي آئين ۾ غير مسلمانن کي ٻئين درجي جو شهري قرار ڏيڻ واري شق کي آئيني ترميم وسيلي ختم ڪيو ويندو.

• عورتن کي مردن کان گهٽ ڏيکارڻ وارا سمورا ڪارا قانون ختم ڪيا ويندا.

• ملڪي مفادن جي روشني ۾ پرڏيھي پاليسي جو تعين ڪيو ويندو. عوامي تحريڪ جو اليڪشن منشور

• امن پسند ملڪن، پاڙيسري ملڪن ۽ ٽين دنيا جي ملڪن سان برابري جي بنياد تي دوستاڻا سياسي، معاشي، تھذيبي ۽ سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا ويندا.

• پاڪستان جي اندورني معاملن ۾ سامراجي طاقتن جي مداخلت کي روڪيو ويندو. عوامي تحريڪ جو اليڪشن منشور

• سي پيڪ جا منصوبا سنڌ، بلوچستان، پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ سرائيڪي وسيب ۾ برابري جي بنياد تي تعمير ڪرايا ويندا. عوامي تحريڪ جو اليڪشن منشور

• سنڌ سميت بلوچستان، پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ سرائيڪي وسيب ۾ صنعتي زون قائم ڪيا ويندا. عوامي تحريڪ جو اليڪشن منشور

• لٽ مار ۾ شريڪ حڪمرانن کان لٽيل دولت واپس وٺي عوام تي خرچ ڪئي ويندي. عوامي تحريڪ جو اليڪشن منشور

• ڪرپشن جي ڏوھارين کي سزاءِ موت يا عمر قيد ڏيارڻ لاءِ قانون سازي ڪئي ويندي. عوامي تحريڪ جو اليڪشن منشور

• وفاق توڙي صوبن ۾ شاھي پروٽوڪول کي ختم ڪيو ويندو. عوامي تحريڪ جو اليڪشن منشور

دعوت نامو====================="سماج کي ڪتاب ۽ علم جي ضرورت"پيارا ساٿيوعلمي ۽ ادبي تسلسل کي جاري رکندي سڀاڻي آچر تي 11:30...
19/12/2020

دعوت نامو
=====================
"سماج کي ڪتاب ۽ علم جي ضرورت"

پيارا ساٿيو

علمي ۽ ادبي تسلسل کي جاري رکندي سڀاڻي آچر تي 11:30 وڳي "سماج کي ڪتاب ۽ علم جي ضرورت" بابت گڏجاڻي رکي وئي آهي.
ان لاءِ علم سان چاه رکندڙن کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي.

پروگرام:
تاريخ: 2020-12-20
ڏينهن: آچر
وقت: :11:30 وڳي صبح
گڏجڻ جو هنڌ: گورنمينٽ پرائمري اسڪول محمد شاھلڌاڻي.

استاد حاڪم علي جتوئي
استاد بلال احمد انصاري
استاد نادر علي شيخ

13/12/2020

عوامي علمي ادبي فورم شاهلڌاڻي طرفان تاريخ 2020-12-13 تي يوسي شاهلڌاڻي ۾ "تعليم جي اهميت ۽ تعليم جو سماج ۾ ڪردار" عنوان هيٺ ويهڪ ٿي گذري.
ان دوران رفيق احمد شيخ گيت ٻڌائيندي.

عوامي علمي ادبي فورم شاهلڌاڻي طرفان تاريخ 2020-12-13 تي يوسي شاهلڌاڻي ۾ "تعليم جي اهميت ۽ تعليم جو سماج ۾ ڪردار" عنوان ت...
13/12/2020

عوامي علمي ادبي فورم شاهلڌاڻي طرفان تاريخ 2020-12-13 تي يوسي شاهلڌاڻي ۾ "تعليم جي اهميت ۽ تعليم جو سماج ۾ ڪردار" عنوان تي ويهڪ ٿي گذري. جنهن ۾ علائقي جي شاگردن، نوجوانن ۽ استادن ڀرپور شرڪت ڪئي. جنهن دوران تعليم جي حوالي سان ڳالھ ٻوله ٿي. ۽ ان تسلسل کي اڳتي لاءِ برقرار رکندي ايندڙ آچر تي ٻي ويهڪ پڻ ڪئي ويندي.

12/12/2020

* تعليم جي اهميت ۽ ان جو سماج ۾ ڪردار*
تاريخ: 2020-12-13 آچر
11 وڳي صبح
هنڌ: گورنمينٽ پرائمري اسڪول محمد شاھلڌاڻي.

12/12/2020

دعوت نامو
====================

اسلام عليڪم

*** تعليم جي اهميت ۽ ان جو سماج ۾ ڪردار***

پيارا ساٿيو
جيئن ته اسان جي علائقي جو نوجوان تعليم جي معاملي ۾ مونجهارن جو شڪار آهي ۽ تعليم جي اهميت سمجهي ناهي سگهيو. تنهنڪري تعليم جي اهميت ۽ ان جو سماج ۾ ڪردار بابت هڪ گڏجاڻي رکي وئي آهي ته جيئن ان عنوان بابت گڏجي ڳالھ ٻوله ڪجي انهن مسئلن جا حل تلاش ڪجن.
ان لاءِ علم سان چاه رکندڙن کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي.

پروگرام:
تاريخ: 2020-12-13
ڏينهن: آچر
وقت: 11 وڳي صبح
گڏجڻ جو هنڌ: گورنمينٽ پرائمري اسڪول محمد شاھلڌاڻي.

استاد حاڪم علي
استاد بلال احمد
استاد نادر علي

11/12/2020

Welcome Everyone

Address

Khairpur

Telephone

+923337172235

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Awami Elmi Adabi Forum Shah-Ladhani posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share