31/05/2026
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) شاخ ڪوٽڙي جي وفد جي سيڪريٽري ماليات نور محمد سيال سان ملاقات
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) شاخ ڪوٽڙي جي وفد سيوهڻ ۾ سگا جي سيڪريٽري ماليات محترم نور محمد سيال سان ملاقات ڪئي.
ملاقات نهايت خوشگوار ۽ علمي ماحول ۾ ٿي، جنهن دوران سگا جي تنظيمي معاملن، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي سرگرمين جي فروغ سميت نوجوانن کي سگا جي مقصدن ۽ سرگرمين سان وڌيڪ ويجهو آڻڻ بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي باهمي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۽ مستقبل ۾ گڏيل پروگرامن جي انعقاد تي پڻ اتفاق راءِ ظاهر ڪيو ويو.
سيڪريٽري ماليات سگا محترم نور محمد سيال سگا جي تنظيم کي وڌيڪ مضبوط ۽ فعال بڻائڻ لاءِ پنهنجي تجويزن ۽ خيالن کان آگاهه ڪيو، جڏهن ته وفد پاران پڻ شاخ ڪوٽڙي جي سرگرمين ۽ مستقبل جي رٿابندي بابت بريفنگ ڏني وئي.
وفد ۾ صدر سگا شاخ ڪوٽڙي عبدالستار ڀٽو، جنرل سيڪريٽري غفار خان جمالي، خزانچي/سيڪريٽري پلاننگ اميد علي آمڙو ۽ چيئرمين اليڪشن رضا علي لاشاري شامل هئا.
ملاقات جي پڄاڻي تي سنڌ جي ادبي، ثقافتي ۽ تعليمي سرگرمين جي واڌاري، سگا جي استحڪام ۽ قومي خدمت جي جذبي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو.