P.T.A AL-Shahbaz Panel Larkano

P.T.A AL-Shahbaz Panel Larkano Teachers Association

اسان **ڊي اي او پرائمري لاڙڪاڻو (DEO Primary Larkano)** ۽ **ايڇ آر آفيس (HR Office)** جي اختيارين کان پنهنجي استادن جي ح...
24/05/2026

اسان **ڊي اي او پرائمري لاڙڪاڻو (DEO Primary Larkano)** ۽ **ايڇ آر آفيس (HR Office)** جي اختيارين کان پنهنجي استادن جي حقن جو حساب گهرون ٿا! نون ڀرتي ٿيل استادن کي گذريل ڪيترن ئي مهينن کان پگهارن کان محروم رکڻ انتظامي نااهلي جي انتها آهي.

🛑 اختيارين لاءِ اهم ۽ اثرائتا نقطا:

* **جوائننگ ڊيٽابيس (Joining Database) :** ڊي اي او پرائمري لاڙڪاڻو فوري طور تي ايڇ آر آفيس پاران لڳايل تمام غير ضروري اعتراضن (Objections) کي ختم ڪرائي ته جيئن استادن جو جوائننگ ڊيٽابيس ڪليئر ٿي سگهي. آفيسن جي اندروني سستي جي سزا استاد ڇو ڀوڳين؟
* **مالي دٻاءُ ۽ سختيون (Financial Stress & Hardship):** مهانگائيءَ جي هن دور ۾ استادن کي بنا پگهار جي رکڻ کين فاقاڪشيءَ ڏانهن ڌڪڻ برابر آهي. اهي استاد روزانو قرض کڻي اسڪولن تائين سفر ڪن ٿا، پر هاڻي انهن جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي چڪو آهي. ڪنهن به صورت ۾ استادن کي اهڙي مالي دٻاءُ ۾ رکڻ هاڻي برداشت نه ڪيو ويندو.
* **فوري نوٽيس جو مطالبو:** لاڳاپيل آفيسر فوري طور تي هن کليل ظلم جو نوٽيس وٺن ۽ بنا ڪنهن دير جي استادن جي پگهارن جو رستو صاف ڪن. استاد پنهنجو فرض پورو ڪري رهيا آهن، پر انتظاميا پنهنجي ذميواريءَ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي.

# # # ⚠️ اسان جو حتمي مطالبو:

پي ٽي الف سٽي لاڙڪاڻو واضح ڪري ٿي ته اسان کي هاڻي صرف ڪاغذي دلاسا نه، پر عملي ڪم کپي. جيڪڏهن ڊي اي او پرائمري ۽ ايڇ آر اختيارين فوري طور تي اهي اعتراض ختم ڪري پگهارون رليز نه ڪيون، ته پي ٽي الف استادن جي حقن لاءِ سخت ترين احتجاجي تحريڪ شروع ڪندي.

**استاد جو احترام، قوم جو احترام!** **مضبوط استاد، مضبوط قوم!**
ارباب خان ڀٽو
صدر پ. ٽ.الف سٽي لاڙڪاڻو

پ ٽ الف زنده آباد             استاد اتحاد زنده آبادتاريخ 23-05-2026 بروز ڇنڇر صبح 10 وڳي پ ٽ الف ضلعي لاڙڪاڻي جي ورڪنگ ڪ...
24/05/2026

پ ٽ الف زنده آباد استاد اتحاد زنده آباد

تاريخ 23-05-2026 بروز ڇنڇر صبح 10 وڳي پ ٽ الف ضلعي لاڙڪاڻي جي ورڪنگ ڪاميٽي جو اهم اجلاس سائين محمد اسلم ديدڙ، ضلعي صدر پ ٽ الف لاڙڪاڻو جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس جي شروعات تلاوتِ ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي، جنهن جي سعادت سائين ارباب خان ڀٽو، صدر پ ٽ الف سٽي لاڙڪاڻو حاصل ڪئي.

اجلاس ۾ هيٺين اهم ايجنڊائن تي غور ويچار ڪيو ويو:

1. آءِ بي اي ٽيسٽ پاس پرائمري ٽيچرز (فيبروري، مئي ۽ جون 2025) جا HR مان اعتراض ختم ڪرائي، جوائننگ ڊيٽابيس اپلوڊ ڪرائي، آءِ ڊي هائر ڪرائڻ.

2. سال 2024 جي رهيل PST کان HST پروموشن لاءِ DPC ڪرائڻ ۽ 2025-26 جي DPC جلد منعقد ڪرائڻ.

اجلاس ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته مرڪزي سطح جي اهم معاملن، جن ۾ سروس اسٽرڪچر، ڊيٽ آف انيشل اپائنٽمينٽ کان ريگيولر ڪرڻ، منجمد الائونس بحال ڪرائڻ، مهانگائي جي تناسب سان پگهارن ۾ 100٪ اضافو ۽ سرڪاري اسڪولن کي NGO حوالي ڪرڻ خلاف مرڪز ۾ ڀرپور آواز اٿاريو ويندو.

ايوان جي راءِ سان متفقه طور مٿيون ايجنڊائون منظور ڪيون ويون ۽ اهو عزم ورجايو ويو ته سنڌ جي پرائمري استادن جي حقن جي حاصلات لاءِ منظم ۽ ڀرپور تحريڪ هلائي ويندي.

اجلاس ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جي سينيئر نائب صدر الطاف حسين بروهي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري امام بخش ٻٽ، انفارميشن سيڪريٽري مجيب الرحمان جوڻيجو، آفيس سيڪريٽري اجيت ڪمار اوڏ، تعلقي لاڙڪاڻي جي صدر علي شير جتوئي، جنرل سيڪريٽري غلام الله سانگي، سٽي لاڙڪاڻي جي صدر ارباب خان ڀٽو، جنرل سيڪريٽري امرت لعل اوڏ، تعلقي رتوديرو جي جنرل سيڪريٽري ساجد حسين گوپانگ، تعلقي باقراڻي جي صدر خليل احمد شيخ، سينيئر نائب صدر همٿ علي ڏهر، تعلقي ڏوڪري جي صدر فيض محمد کوکر، جنرل سيڪريٽري وزير علي سرگاڻي، مجاهد ممتاز سومرو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري سٽي لاڙڪاڻو، نويد احمد جتوئي انفارميشن سيڪريٽري سٽي لاڙڪاڻو ۽ محمد شريف عمراڻي انفارميشن سيڪريٽري تعلقه لاڙڪاڻو سميت ٻين عهديدارن شرڪت ڪئي.







استاد اتحاد زنده باد                       پ ٽ الف زنده باد ڪالھہ تاريخ 21 مئي 2026 بروز خميس تي پ ٽ الف ڊويزن لاڙڪاڻو ص...
22/05/2026

استاد اتحاد زنده باد پ ٽ الف زنده باد


ڪالھہ تاريخ 21 مئي 2026 بروز خميس تي پ ٽ الف ڊويزن لاڙڪاڻو صدر محترم عبدالفتاح عباسيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ محترم پرويز احمد تنيو صاحب ڊپٽي ڊائريڪٽر H.R&T/ I.T سنڌ ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ سنڌ سان اھم ميٽنگ ٿي گذري. ميٽنگ ۾ پ ٽ الف ڊويزن ڊپٽي جنرل سيڪريٽري وحيد احمد ابڙو, ضلعي جنرل سيڪريٽري غلام حسين بروهي, تعلقه جنرل سيڪريٽري غلام اللٌٰه سانگي, سٽي صدر ارباب خان ڀٽو,سينيئر نائب صدر ايم بي ابڙو, جنرل سيڪريٽري امرت لعل اوڏ, تعلقه پريس سيڪريٽري محمد شريف عمراڻي, سٽي ماليات سيڪريٽري طارق رسول انڙ ۽ آفيس سيڪريٽري سليم اللّٰه بروھي ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. ميٽنگ ۾ پ ٽ الف وفد پاران استادن جي جائز مسئلن جي حل لاءِ چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪيو ويو. جنھن جون ايجنڊاز ھيٺ ڏجن ٿيون.

1- بائيو ميٽرڪ نظام کي ڊيسينٽرلائيزڊ ڪري ضلعي سطح تي آندو وڃي۔

2- فيبروري, مئي ۽ جون 2025 ۾ ڀرتي ٿيل استادن جي رھيل ڊيٽابيس ۾ موڊيفائيڊ آرڊرس کي متنازعه نه بڻائي جلد از جلد سندن ڊيٽابيس اپلوڊ ڪرائي SAP سسٽم کان I.Ds / ھائير ڪرائي پگھارون جاري ڪرايون وڃن.

3- ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرز جي انڪوائري تحت ڪيل آرڊرس مطابق بدلي ڪيل استادن جي بائيوميٽرڪ سندن موجوده ڊيوٽي اسٽيشن تي بحال ڪئي وڃي۔

4- سال 2022ع ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جي PSTs کي گريڊ 9 کان گريڊ 14 ۾ اپگريڊ ڪرڻ باوجود رڪارڊ ۾ اڃا به گريڊ 9 لکيل آهي، جنهن جي درستگي ڪئي وڃي۔

5- اِي- ٽرانسفر (E-Transfer) تحت آن لائين ايپليڪيشن تي اپلاءِ ڪرڻ لاءِ ڪيترائي اسڪول ريڊ زون ۾ آھن، جنهن جو بنيادي سبب رٽائرڊ استادن جو بائيو ميٽرڪ رڪارڊ سسٽم ۾ موجود هجڻ آهي۔ اهو رڪارڊ ختم ڪيو وڃي ته جيئن استاد آساني سان پنهنجي پسنديده اسڪولن ۾ بدلي لاءِ اهل ٿي سگهن۔

6- استادن کي هڪ تعليمي سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا بدلي ڪرائڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي۔

ميٽنگ ۾ ھر ھڪ ايجنڊا تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو جنهن تي جناب پرويز احمد تنيو صاحب پاران ڊپارٽمينٽ طرفان استادن جي جائز مسئلن جي حل لاءِ خاطري ڪرائي وئي.

⬅️ وڌيڪ چيو ته ڊيسينٽرلائيزڊ بائيوميٽرڪ نظام ۽ فيبروري, مئي ۽ جون 2025 ۾ ڀرتي ٿيل استادن جي ڊيٽابيس ڪليئر ٿيڻ کان اڳ بائيوميٽرڪ رجسٽر ڪرڻ (موڊيفائيڊ آرڊرس) وارو مسئلو سيڪريٽري سطح جو آھي جيڪو تنظيم جا مرڪزي اڳواڻ سيڪريٽري ايجوڪيشن ۽ D.G.H.R سان ملي ڪري حل ڪرائي سگھن ٿا.

⬅️ 2022 ۾ اپگريڊ ٿيل استادن جي لسٽ موجوده ڊائريڪٽر لاڙڪاڻو کان اٽيسٽ ڪرائي ڏني وڃي ته جيئن سندن بائيو ميٽرڪ رڪارڊ ۾ پوسٽ کي گريڊ 14 ۾ تبديل ڪري سگھجي.

⬅️ جيڪي به استاد رٽائرڊ ٿي چڪا آھن انھن جا اوريجنل رٽائرمينٽ آرڊرس موڪليا وڃن ته جيئن اسڪولن جي بائيوميٽرڪ رڪارڊ مان ھٽائي رڪارڊ جي درستگي ڪري سگھجي.

پ ٽ الف ضلعي لاڙڪاڻي جي ورڪنگ ڪاميٽي جو اجلاس تاريخ 23 مئي ڏينھن ڇنڇر تي صبح جو 10 وڳي،ھنڌ، گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اس...
21/05/2026

پ ٽ الف ضلعي لاڙڪاڻي جي ورڪنگ ڪاميٽي جو اجلاس تاريخ 23 مئي ڏينھن ڇنڇر تي صبح جو 10 وڳي،
ھنڌ، گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول ديني مدرسه لاڙڪاڻو ۾ ڪوٺايو ويو آھي.
ضلعي لاڙڪاڻي جي مڙني عھديدارن، يونٽ ۽ تعلقن جي عھديدار صاحبان کي ميٽنگ ۾ شرڪت ڪرڻ جي ڪوٺ ڏجي ٿي.
ايجنڊ:HST ،پروموشن
ڊيٽا بيس ۽ پگهار کان متاثر استادن جو اھم مسئلو,Hst پروموشن کان متاثر استادن سان گڏجي حڪمت عملي جوڙڻ. توھان جو تعاون، مسئلن جي حل طرف قدم رھندو.
محمد اسلم ديدڙ
صدر
پ ٽ الف ضلعو لاڙڪاڻو

21/05/2026

تاريخ ثابت ڪيو آھي ته ڪھڙي مرڪزي باڊي جي دور ۾ پرائمري استاد محڪوم ٿيو. پرائمري استادن سان سروس اسٽرڪچر جو ڌوڪو ڪنھن ڪنھن ڪيو. سروس اسٽرڪچر جو ڌرڻو ڪنھن ختم ڪيو. سنڌ ايمپلائيز الائنس جي شاندار جدوجهد کي ڪنھن ڪنھن ناڪام ڪيو. سنڌ جا اسڪول ڪنھن جي دور ۾ اين جي اوز جي حوالي ٿيا. ڪنھن ڪنھن تنظيم کي روزگار جو ذريعو بڻايو آھي. ڪير ڪير استادن جي جائز ڪم تي سيڪڙو مقرر ڪري ويٺو آھي. ڪنھن ڪنھن پنھنجي دور ۾ پرائمري استادن جا hst پروموشن ضايع ڪيا. ڪنھن ڪنھن جي دور ۾ ون پيج hst پروموشن ٿيا. ڪير ڪير استادن جي پئسن تي گليمر جي زندگي بسر پيو ڪري. ڪھڙن ڪھڙن ضلعن جي عھديدارن hst پروموشن تان ھٿ کڻي ذاتي فائدا ورتا. ڪنھن ڪنھن پرائمري استادن جو مستقبل تباہ ڪيو آھي.
ضلع صدر لاڙڪاڻو (پ. ٽ.الف) محمد اسلم ديدڙ

21/05/2026
21/05/2026

Address

Larkana

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when P.T.A AL-Shahbaz Panel Larkano posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category