11/05/2026
ضلع مٽياري جي شاھپور ٿاڻي جي هد گورنمينٽ بوائز هائر سيڪنڊري اسڪول الھ ڏنو ساند جي ٻن استادن زبير علي ميمڻ ۽ اجي ڪمار کان اسڪول ايندي ڳوٺ الهڏنو ساند ڀرسان پسٽل جي زور تي روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا۔ ڦر ڪندڙ ڦورن پسٽل جا فائر پڻ ڪيا پر گولي چيمبر ۾ ڦاسي پئي ۽ استاد جاني نقصان سان بچي ويا۔ ان سڄي معاملي تي گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول جي پرنسپل حامد علي چانگ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ اعلا اختيارين کان گهر ڪئي اسان جي استادن جي سيڪيورٽي کي يقيني بنايو وڃي ۽ جيڪي شيون هن واردات ۾ ڦريون ويون آهن انهن کي موٽايو وڃي۔ شاهپور ٿاڻي جي SHO هن واردات جي FIR پڻ داخل ڪري ڇڏي آهي ۽ ٿيل نقصان جي واپسي جي پڻ خاطري ڪرائي آهي۔