Joining Hands Mir Pur Bathoro

Joining Hands Mir Pur Bathoro With your donations, join us to serve

Joining Hands is a welfare organization committed to supporting poor and needy families through education, health, nutrition, clean water, small business support, marriage assistance, and social development projects.

26/08/2026



!

اچو ته گڏجي ھڪ غريب مسڪين ڀيڻ جيڪا گلي جي وڏي بيماري ۾ وڪوڙجي وئي آھي ان جي علاج ۾ مدد ڪريون !

جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو توھان سڀني مالي طور سگھارن انسانن کي عرض ٿو ڪري ته ھڪ غريب مسڪين عورت جيڪا گلي جي وڏي بيماري ۾ وڪوڙجي وئي آھي ان جي علاج ۾ مدد ڪريون ! بيمار عورت غريب ھئڻ ڪري پنھنجو علاج نٿي ڪرائي سگھي !

وڏي بيماري ۾ وڪوڙيل غريب بيمار عورت جي علاج لاء مدد ڪندڙ انسان دوست جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو جي ھيٺين ڪارڪنن سان رابطو ڪري مدد ڪري سگھن ٿا !

پنھنجي پنهنجي تعاون جمع ڪرائڻ لاء جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو جو ايزي پئسا اڪائونٽ يا بئنڪ اڪائونٽ استعمال ڪري سگھجي ٿو ! اداري جي ھيٺين ڪارڪنن سان رابطو پڻ ڪري سگھو ٿا :-


03492776532



06067948275403


پنھنجي تعاون لاء رابطو ڪريو :-

عبدالجبار حاجي عبداللطيف کٽي ...... 03103820262
اياز علي محمد ابراھيم کٽي .............. 03342048853
سجاد حسين محمد ابراھيم کٽي ....... 03158019506
رضوان احمد محمد اسماعيل کٽي .... 03110651444
محمد سليمان الھڏنو کٽي ............. 03163979061

جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو توھان سڀني کي وس آھر سھڪار ڪرڻ لاء درخواست ڪري ٿو ! اسان جي ٿوري ٿوري تعاون سان غريب بيمار عورت جو علاج ٿي سگھندو جنھن سان سندس تڪليف گھٽجي سگھندي ! انشاءالله


توھان جي تعاون
جو طلبگار ادارو

جوائننگ ھينڊز
ميرپوربٺورو

خدمت ذميواري سان جوائننگ هينڊز ميرپوربٺورو پاران پنهنجي وارڊ جي مختلف پاڙن ۾ وڌندڙ مڇرن جي آزار ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿين...
23/08/2026

خدمت ذميواري سان

جوائننگ هينڊز ميرپوربٺورو پاران پنهنجي وارڊ جي مختلف پاڙن ۾ وڌندڙ مڇرن جي آزار ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صحت جي خطرن ( مليريا ) کي نظر ۾ رکندي، مڇرن جي خاتمي ۽ بچاءَ لاءِ گھر گھر مڇر مار ڦوھارو ڪرائڻ جي سلسلي ۾ وارڊ # 01 جي مختلف پاڙن جي رھواسين کي اعتماد ۾ وٺي راضپو حاصل ڪرڻ لاء گڏجاڻين جي سلسلي ۾ اڃ ٻئي ڏينھن تي وارڊ # 01 جي ڪلاتري , گھراڻا,شيدي , کٽي ۽ شورائي پاڙي جي ذميوار ماڻھن سان شورائي پاڙي جي مسجد ۾ گڏجاڻي ڪري کين مڇرن جي آزار کان بچاء لاء جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو پاران گھر گھر مڇر مار ڦوھارو ڪرائڻ جي منصوبي بابت ڄاڻ ڏئي کين اعتماد ۾ ورتو ۽ سندن راضپو معلوم ڪيو !

گڏجاڻي ۾ حاضر ماڻھن پاران جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو جي اھڙي عمل کي ساراھيندي خوشي جو اظھار ڪيو ۽ پنھنجي مڪمل تعاون ۽ سھڪار جو يقين ڏياريندي چيائون ته اھو سٺو ڪم آھي مڇر مار ڦوھارو ٿيڻ سان اسان جو پنھنجو فائدو آھي , مڇرن کان بچاء وارو ڦوھارو گھر گھر ۾ ٿيڻ سان مڇرن جو آزار گھٽجندو !

شورائي , ڪلاتري ۽ شيدي برادري جي ماڻھن جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو جي سماجي خدمتن کي ساراھيندي بھترين خدمتون قرار ڏيندي خوشي جو اظھار ڪيو ۽ تمام گھڻي خوشي جو اظھار ڪيائون !

جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو پاران ڪلاتري , شيدي , شورائي , کٽي پاڙي جي سمورن رھواسين پارن ڏنل ھاڪاري موٽ تي سندن مھربانيون مڃيون ۽ اتي موجود سڀني پاڙي وارن جي رضامندي سان محترم جميل احمد ڪلاتري , محترم سچل شورائي, محترم معظم سرور شيدي ۽ محترم گل حسن شيدي کي سھولتڪار رڪن طور مقرر ڪيو ويو جيڪي مڇر مار ڦوھارو ڪرائڻ لاء گھر گھر وٺي ھلندا ۽ ڦوھاري وارو عمل مڪمل ڪرائيندا !

جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو ڪلاتري شورائي گھراڻا شيدي کٽي پاڙي جي گڏجاڻي لاء محترم جميل احمد ڪلاتري پاران ميزباني جا فرض ادا ڪندي سھولتڪار ٿيڻ تي سندس لک مھربانيون مڃي ٿو !

واضع رھي ته محترم جميل احمد ڪلاتري رضاڪارانا بنياد تي پاڙي جي لڳ ڀڳ پنجاھ گھرن تي روبرو وڃي دعوت ڏني جنھن محنت ۽ جاکوڙي عمل تي کيس سلام پيش ڪريون ٿا !

جوائننگ هينڊز ميرپوربٺورو وارڊ # 01 جي مختلف پاڙن جي رهواسين پاران ھاڪاري موٽ ڏيندي گھر گھر ڦوھارو ڪرائڻ لاء راضي ٿيڻ تي سندن لک مھربانيون مڃي ٿو .

ساٿ ھلندو رھي , لاٽ ٻرندي رھي

غريبن جو
خدمتگار ادارو

جوائننگ ھينڊز
ميرپوربٺورو

خدمت ذميواري سان جوائننگ هينڊز ميرپوربٺورو پاران پنهنجي وارڊ جي مختلف پاڙن ۾ وڌندڙ مڇرن جي آزار ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿين...
23/08/2026

خدمت ذميواري سان

جوائننگ هينڊز ميرپوربٺورو پاران پنهنجي وارڊ جي مختلف پاڙن ۾ وڌندڙ مڇرن جي آزار ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صحت جي خطرن ( مليريا ) کي نظر ۾ رکندي، مڇرن جي خاتمي ۽ بچاءَ لاءِ گھر گھر مڇر مار ڦوھارو ڪرائڻ جي سلسلي ۾ وارڊ # 01 جي مختلف پاڙن جي رھواسين کي اعتماد ۾ وٺي راضپو حاصل ڪرڻ لاء گڏجاڻين جي سلسلي ۾ اڃ ٻئي ڏينھن تي وارڊ # 03 جي مڱڻھار پاڙي جي استاد رجب مڱڻھار جي دڪان جي اڳيان مڱڻھار ۽ مھيشوري برادري جي وڏي انگ جي ماڻھن سان گڏجاڻي ڪري کين مڇرن جي آزار کان بچاء لاء جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو پاران گھر گھر مڇر مار ڦوھارو ڪرائڻ جي منصوبي بابت ڄاڻ ڏئي کين اعتماد ۾ ورتو ۽ سندن راضپو معلوم ڪيو !

مڱڻھارڀ۽ مھيشوري پاڙي جي ماڻھن پاران جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو جي اھڙي عمل کي ساراھيندي خوشي جو اظھار ڪيو ۽ پنھنجي مڪمل تعاون ۽ سھڪار جو يقين ڏياريندي چيائون ته اھو سٺو ڪم آھي مڇر مار ڦوھارو ٿيڻ سان اسان جو پنھنجو فائدو آھي , مڇرن کان بچاء وارو ڦوھارو گھر گھر ۾ ٿيڻ سان مڇرن جو آزار گھٽجندو !

مڱڻھار ۽ مھيشوري برادري جي ماڻھن جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو جي سماجي خدمتن کي ساراھيندي بھترين خدمتون قرار ڏيندي خوشي جو اظھار ڪيو ۽ چيائون ته اسان مڱڻھار فقير غريب ماڻھون اسان جي فائدي لاء اسان وٽ ھلي اچڻ تي تمام گھڻي خوشي ٿي آھي توھان جون مھربانيون !

جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو پاران مڱڻھار ۽ مھيشوري پاڙي جي سمورن رھواسين پارن ڏنل ھاڪاري موٽ تي سندن مھربانيون مڃيون ۽ اتي موجود سڀني پاڙي وارن جي رضامندي سان استاد رجب مڱڻھار ۽ امجد مڱڻھار ۽ استاد ڦوٽو مھيشوري کي سھولتڪار رڪن طور مقرر ڪيو ويو جيڪو مڇر مار ڦوھارو ڪرائڻ لاء گھر گھر وٺي ھلندا ۽ ڦوھاري وارو عمل مڪمل ڪرائيندا !

جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو مڱڻھار ۽ مھيشوري پاڙي جي گڏجاڻي لاء محترم استاد رجب مڱڻھار ۽ امجد مڱڻھار پاران ميزباني جا فرض ادا ڪندي سھولتڪار ٿيڻ تي سندس لک مھربانيون مڃون ٿو !

جوائننگ هينڊز ميرپوربٺورو وارڊ # 01 جي مختلف پاڙن جي رهواسين پاران ھاڪاري موٽ ڏيندي گھر گھر ڦوھارو ڪرائڻ لاء راضي ٿيڻ تي سندن لک مھربانيون مڃي ٿو .

ساٿ ھلندو رھي , لاٽ ٻرندي رھي

غريبن جو
خدمتگار ادارو

جوائننگ ھينڊز
ميرپوربٺورو

خدمت ذميواري سان جوائننگ هينڊز ميرپوربٺورو پاران پنهنجي وارڊ جي مختلف پاڙن ۾ وڌندڙ مڇرن جي آزار ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿين...
23/08/2026

خدمت ذميواري سان

جوائننگ هينڊز ميرپوربٺورو پاران پنهنجي وارڊ جي مختلف پاڙن ۾ وڌندڙ مڇرن جي آزار ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صحت جي خطرن ( مليريا ) کي نظر ۾ رکندي، مڇرن جي خاتمي ۽ بچاءَ لاءِ گھر گھر مڇر مار ڦوھارو ڪرائڻ جي سلسلي ۾ وارڊ # 01 جي مختلف پاڙن جي رھواسين کي اعتماد ۾ وٺي راضپو حاصل ڪرڻ لاء گڏجاڻين جي سلسلي ۾ اڃ ٻئي ڏينھن تي وارڊ # 01 جي موچي پاڙي جي مندر جي اڱڻ تي ڀڳت برادري جي ذميوار ماڻھن سان گڏجاڻي ڪري کين مڇرن جي آزار کان بچاء لاء جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو پاران گھر گھر مڇر مار ڦوھارو ڪرائڻ جي منصوبي بابت ڄاڻ ڏئي کين اعتماد ۾ ورتو ۽ سندن راضپو معلوم ڪيو !

موچي پاڙي جي ماڻھن پاران جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو جي اھڙي عمل کي ساراھيندي خوشي جو اظھار ڪيو ۽ پنھنجي مڪمل تعاون ۽ سھڪار جو يقين ڏياريندي چيائون ته اھو ڀلائي جو ڪم آھي مڇر مار ڦوھارو ٿيڻ سان اسان جو پنھنجو فائدو آھي , مڇرن کان بچاء وارو ڦوھارو گھر گھر ۾ ٿيڻ سان گھڻو فائدو ٿيندو !

ڀڳت برادري جي ذميوارن ۽ نوجوانن جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو جي سماجي خدمتن کي ساراھيندي بھترين خدمت قرار ڏنو ۽ اھڙيون خدمتون ڏيندو رھڻ جي لاء دعائون ڏنيون !

ڀڳت برادري جي نوجوانن به پاڙي جي حوالي کان رابطاڪاري ۽ تنظيمي جوڙجڪ لاء شروعاتي واٽس ايپ سٿ جوڙي صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آھن جيڪو عمل اتساھيندڙ آھي ! نوجوانن جي بھتر رابطاڪاري ۽ تنظيمي جوڙجڪ لاء نيڪ تمنائن جو اظھار ڪجي ٿو. اميد ڪجي ٿي ته نوجوان پاڻ ۾ ٻڌي ۽ اتفاق سان برادري کي ترقي ,خوشحالي ۽ روشن خيالي طرف کڻي بھتر خدمتون ڏيندا !

ڀڳت برادري پاران جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو سان تنظيمي ڳانڍاپي ۽ رابطي ۾ رھڻ جي خواھش جو اظھار ڪيو , جنھن تي تنظيمي رابطا بحال رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو !

جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو پاران موچي پاڙي جي سمورن رھواسين پارن ڏنل ھاڪاري موٽ تي سندن مھربانيون مڃيون ۽ اتي موجود سڀني پاڙي وارن جي رضامندي سان سندر ڪمار واگھيلا ۽ سائين ونود ڪمار ۽ سائين رميش ڪمار کي سھولتڪار رڪن طور مقرر ڪيو ويو جيڪو مڇر مار ڦوھارو ڪرائڻ لاء گھر گھر وٺي ھلندا ۽ ڦوھاري وارو عمل مڪمل ڪرائيندا !

جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو موچي پاڙي جي گڏجاڻي لاء محترم سندر ڪمار واگھيلا پاران ميزباني جا فرض ادا ڪندي سھولتڪار ٿيڻ تي سندس لک مھربانيون مڃون ٿو !

جوائننگ هينڊز ميرپوربٺورو وارڊ # 01 جي مختلف پاڙن جي رهواسين پاران ھاڪاري موٽ ڏيندي گھر گھر ڦوھارو ڪرائڻ لاء راضي ٿيڻ تي سندن لک مھربانيون مڃي ٿو .

ساٿ ھلندو رھي , لاٽ ٻرندي رھي

غريبن جو
خدمتگار ادارو

جوائننگ ھينڊز
ميرپوربٺورو

خدمت ذميواري سان جوائننگ هينڊز ميرپوربٺورو پاران پنهنجي وارڊ جي مختلف پاڙن ۾ وڌندڙ مڇرن جي آزار ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿين...
22/08/2026

خدمت ذميواري سان

جوائننگ هينڊز ميرپوربٺورو پاران پنهنجي وارڊ جي مختلف پاڙن ۾ وڌندڙ مڇرن جي آزار ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صحت جي خطرن ( مليريا ) کي نظر ۾ رکندي، مڇرن جي خاتمي ۽ بچاءَ لاءِ گھر گھر مڇر مار ڦوھارو ڪرائڻ جي سلسلي ۾ وارڊ جي مختلف پاڙن جي رھواسين کي اعتماد ۾ وٺي راضپو حاصل ڪرڻ لاء گڏجاڻين جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آھي !

انھي سلسلي ۾ شروعاتي طور تي وارڊ # 01 جي ٺاراڻي پاڙي ۾ مامون ٺاراڻي جي دڪان وٽ پاڙي جي سوين ماڻھن سان گڏجاڻي ڪري کين مڇرن جي آزار کان بچاء لاء جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو پاران گھر گھر مڇر مار ڦوھارو ڪرائڻ جي منصوبي بابت ڄاڻ ڏئي کين اعتماد ۾ ورتو ۽ سندن راضپو معلوم ڪيو !

ٺاراڻي پاڙي جي ماڻھن پاران جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو جي اھڙي عمل کي ساراھيندي خوشي جو اظھار ڪيو ۽ پنھنجي مڪمل تعاون ۽ سھڪار جو يقين ڏياريندي چيائون ته اھو پاڻ ڀلو ڪم آھي مڇر مار ڦوھارو ٿيڻ سان اسان جو پنھنجو فائدو آھي اسان ننڍي ھوندي ڏٺو ھو ته مڇرن کان بچاء وارو ڦوھارو گھر گھر ڪرايو ويندو ھو جنھن سان گھڻو فائدو ٿيندو ھو ! گھڻي وقت کان پوء وري اھڙو گھر گھر ڦوھارو ٿيندو جيڪو يقينن فائدو ڏيندو !

جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو پاران ٺاراڻي پاڙي جي سمورن رھواسين پارن ڏنل ھاڪاري موٽ تي سندن مھربانيون مڃيون ۽ اتي موجود سڀني پاڙي وارن جي رضامندي سان مامون ٺاراڻي کي سھولتڪار رڪن طور مقرر ڪيو ويو جيڪو مڇر مار ڦوھارو ڪرائڻ لاء گھر گھر وٺي ھلندو ۽ ڦوھاري وارو عمل مڪمل ڪرائيندو !

ٺاراڻي پاڙي جي گڏجاڻي کان پوء
کٽي پاڙو ۽ ڪنڀار پاڙي جي گڏجاڻي لاء سڀاڻي سجاد حسين پپو کٽي رابطا ڪري وقت مقرر ڪندو ,

موچي پاڙي جي گڏجاڻي لاء محترم سندر ڪمار واگھيلا سان ڪال وسيلي رابطو ڪري سڀاڻي رات 8:00 وڳي وقت مقرر ڪيو ويو آھي انھي سان گڏ مڱڻھار پاڙي جي گڏجاڻي پڻ ڪئي ويندي

ڪلاتري , شورائي گھراڻا ۽ شيدي پاڙي جي گڏجاڻي لاء محترم جميل احمد ڪلاتري صاحب سان ڪال وسيلي رابطو ڪري ساڻس طئي ٿيل ڳالھ مطابق پاڻ سڀاڻي وچين نماز واري وقت پاڙي جي سڀني ماڻھن کي گڏجاڻي جو وقت 9:00 وڳي ٻڌائيندو جنھن تي ساڻن گڏجاڻي ڪري کين اعتماد ۾ وٺي راضپو معلوم ڪيو ويندو ! انشاءالله

انھن گڏجاڻين جي مڪمل ٿيڻ کان پوء باقي شورا پاڙو,دينل شاھ پاڙو, ۽ ديوان پاڙو جي رھواسين سان گڏجاڻي ڪري کين گھر گھر اسپري ڪرائڻ لاء عرض ڪري کين اعتماد ۾ وٺي سندن راضپو معلوم ڪيو ويندو ! انشاءالله

جوائننگ هينڊز ميرپوربٺورو وارڊ # 01 جي مختلف پاڙن جي رهواسين پاران ھاڪاري موٽ ڏيندي گھر گھر ڦوھارو ڪرائڻ لاء راضي ٿيڻ تي سندن لک مھربانيون مڃي ٿو .

ساٿ ھلندو رھي , لاٽ ٻرندي رھي

غريبن جو
خدمتگار ادارو

جوائننگ ھينڊز
ميرپوربٺورو

جوائننگ هينڊز ميرپوربٺورو پاران پنهنجي وارڊ جي مختلف پاڙن ۾ وڌندڙ مڇرن جي آزار ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صحت جي خطرن ( ...
22/08/2026

جوائننگ هينڊز ميرپوربٺورو پاران پنهنجي وارڊ جي مختلف پاڙن ۾ وڌندڙ مڇرن جي آزار ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صحت جي خطرن ( مليريا ) کي نظر ۾ رکندي، مڇرن جي خاتمي ۽ بچاءَ لاءِ عملي قدم کڻڻ جي سلسلي ۾ اڄ تاريخ 21 آگسٽ 2026 تي محمد سليم کتري جي معرفت صحت کاتي جي مليريا ڪنٽرول پروگرام ضلعي سجاول جي اهم رڪن محترم امام ڏنو ڪانڌڙو (ڊيٽا ڪليڪٽ آفيسر ) Deta colllect officer (VBD) Malaria Department سان تفصيلي ملاقات ۽ صلاحڪاري گڏجاڻي ڪئي وئي.

گڏجاڻي دوران مڇرن جي واڌ ويجھ ، انهن جي پيدا ٿيڻ وارن هنڌن، مڇرن جي وڌندڙ آزار، مليريا کان بچاءَ ۽ مڇرن جي آبادي کي گهٽائڻ لاءِ موجود عملي طريقن بابت تفصيلي معلومات حاصل ڪئي وئي.

محترم امام ڏنو ڪانڌڙو مڇرن جي خاطمي جي حوالي سان پنهنجي تجربي ۽ ڄاڻ جي روشني ۾ ٻڌايو ته مڇرن جي خاتمي لاءِ صرف اسپري ڪرڻ ڪافي ناهي، پر انهن جي واڌ ويجھ وارن هنڌن جي نشاندهي، بيٺل پاڻي جي خاتمي، صفائي سٿرائي ۽ گهرن اندر مناسب طريقي سان اسپري ڪرڻ سميت گڏيل ۽ مسلسل قدم کڻڻ ضروري آهن. عالمي صحت واري اداري (WHO) پڻ مڇرن جي ڪنٽرول ۾ افزائش وارن هنڌن جي انتظام، لاروا ڪنٽرول، انڊور ريزيڊيوئل اسپري ۽ مڇردانين جهڙن طريقن کي صورتحال مطابق انتھائي اهم قرار ڏنو آھي.

مڇرن تي ضابطو / خاطمي جا ٽي طريقا ٻڌايا وڃن ٿا جن ۾

1. آئي آر ايس IRS انڊور ريزيڊيوئل اسپري
2. لارويسائيڊ
3. فيوميگيشن

1. آئي آر ايس IRS — Indoor Residual Spray
انڊور ريزيڊيوئل اسپري =
گهر جي اندر رهجي ويندڙ جراثيم مار دوا جو اسپري
هن طريقي ۾ منظور ٿيل حشرات ڪش دوا گهرن جي اندرين ڀتين ۽ انهن هنڌن تي ڦوھارو ڪئي ويندي آهي، جتي مڇر آرام ڪرڻ لاءِ ويهندا آهن. مڇر دوا لڳل ڀت تي ويهندو آهي ته دوا مڇر کي ماري ٿي يا ان جي بقا کي روڪي ٿي. ان دوا جو اثر ڪجهه عرصي تائين ڀت تي موجود رهي ٿو، تنهنڪري ان کي Residual چيو وڃي ٿو.
خاص طور تي مليريا پکيڙيندڙ Anopheles مڇرن جي ڪنٽرول ۾ IRS اهم آهي. آئي آر ايس IRS جو مقصد هوا ۾ مڇر مارڻ نه، پر مڇر جي آرام ڪرڻ واري هنڌ کي دوا سان محفوظ ڪرڻ آهي.

2. لارويسائيڊنگ Larviciding
لارويسائيڊنگ مڇر جي ٻچن/لاروا کي پاڻيءَ ۾ ختم ڪرڻ
مڇر بالغ ٿيڻ کان اڳ پاڻيءَ ۾ لاروا جي صورت ۾ هوندو آهي. تنهنڪري جتي مڇر پيدا ٿين ٿا، انهن پاڻيءَ جي هنڌن کي نشانو بڻائي مناسب منظور ٿيل Larvicide استعمال ڪيو ويندو آهي.
مثال:
بيٺل پاڻي جا تلاءَ
کڏون ۽ کوهه جهڙا پاڻي جا هنڌ
نيڪال جو بيٺل پاڻي
ٽائر، ڊرم ۽ ٻيا پاڻي گڏ ڪندڙ برتن
اهڙا ٻيا پاڻيءَ جا هنڌ جتي مڇر افزائش ڪن ٿا
مقصد: مڇر کي بالغ ٿيڻ کان اڳ ئي ختم ڪرڻ، يعني Breeding Source Control.

هر پاڻيءَ جي هنڌ تي پاڻمرادو ڪيميائي دوا وجهڻ مناسب ناهي. دوا جو قسم، مقدار ۽ استعمال صحت/مليريا ڪنٽرول جي تربيت يافته عملي جي هدايت مطابق ٿيڻ گهرجي، خاص طور تي پيئڻ جي پاڻي وارن هنڌن تي.

3. فيوميگيشن Fumigation
فيوميگيشن = بند يا مخصوص جاءِ ۾ گئس/دونهين جي صورت ۾ حشرات ڪش عمل
هن طريقي ۾ اهڙي دوا يا مادو استعمال ڪيو ويندو آهي جيڪو گئس، بخار يا دونهين جي صورت ۾ مڇرن ۽ ٻين حشرات تائين پهچي انهن کي ختم ڪري.

گڏجاڻي ۾ مڇرن جي واڌ ويجھ ۽ ان سان لاڳاپيل اھم معلومات ملڻ کان پوء مڇرن تي ضابطو آڻڻ جي لاء عملي اپاء وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنھن ۾ مڇرن جي خاتمي لاءِ وارڊ جي مختلف پاڙن م گھر گھر وڃي ڦوھارو ڪرڻ , بيٺل پاڻي ۾ دوا ملائڻ ۽ ڪارو تيل جيترو ٿي سگھيو اوترو لڳائي مڇرن جو خاطمو ڪيو ويندو ! جنھن لاء گهربل دوا ۽ فني / مھارتي مدد مليريا ڪنٽرول پروگرام صحت کاتي سجاول پاران ڏني ويندي, جڏھن ته مختلف پاڙن جي گهرن ۾ مڇر مار اسپري/ڦوھاري جو عمل ڪرائڻ لاء ايندڙ مزور عملي کي مزوري / اجورت ڏھاڙي جي حساب سان جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو ادا ڪندو .

اھڙي سٽاء جڙڻ کان پوء جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو ڪجھ ڏينهن ۾ پنھنجي تياري مڪمل ڪندي وارڊ # 01 ٽائون ڪميٽي ميرپوربٺورو جي سڀني پاڙن جنھن ۾
موچي پاڙو ,
ڪنڀار پاڙو ,
کٽي پاڙو ,
ٺاراڻي پاڙو,
شورا پاڙو,
دينل شاھ پاڙو,
شيدي پاڙو,
ڪلاتري پاڙو,
شورائي پاڙو ۽
ديوان پاڙو جي رھواسين سان گڏجاڻي ڪري کين گھر گھر اسپري ڪرائڻ لاء عرض ڪيو ويندو جنھن کان پوء راضي ٿيندڙ گھرن جي فھرست تيار ڪري لکت ۾ آڻي تاريخ مقرر ڪرڻ کان پوء مليريا ڪنٽرول پروگرام جي رڪن مانواري امام ڏنو ڪانڌڙو صاحب سان رابطو ڪري گھربل دوا ۽ عملو گھرائي گھر گھر ڦوھارو ڪرائڻ جو عمل شروع ڪيو ويندو ! انشاءالله

جوائننگ هينڊز ميرپوربٺورو وارڊ جي مختلف پاڙن جي رهواسين مان پر اميد آھي ته اھي مڇرن جي آزار کان بچاءَ لاءِ جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو جي ھن مهم ۾ ھاڪاري موٽ ڏيندي گھر گھر ڦوھارو ڪرائڻ لاء راضي ٿي سهڪار ڪندا.

جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو محترم محمد سليم کتري صاحب ۽ صحت کاتي جي مليريا ڪنٽرول پروگرام ضلعي سجاول جي اھم رڪن مانواري امام ڏنو ڪانڌڙو صاحب پاران پنھنجو قيمتي وقت ڏيئي گڏجاڻي ڪري نھايت ئي ڪارائتي ڄاڻ ڏئي پنھنجو تجربو ونڊ ڪيو ۽ مڇرن جي خاطمي لاء پنھنجو سھڪار آڇيو جنھن لاء جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو تمام گھڻيون مھربانيون مڃي ٿو !

ساٿ ھلندو رھي , لاٽ ٻرندي رھي

غريبن جو
خدمتگار ادارو

جوائننگ ھينڊز
ميرپوربٺورو

Carrer Opportunity .........
22/08/2026

Carrer Opportunity .........

   پاران گلي جي وڏي بيماري جي موذي مرض ۾ وڪوڙيل ھڪ غريب عورت بينظير زال علي عباس عرف ڪمدار ملاح جي علاج لاء مدد ڪرڻ وري ...
21/08/2026



پاران گلي جي وڏي بيماري جي موذي مرض ۾ وڪوڙيل ھڪ غريب عورت بينظير زال علي عباس عرف ڪمدار ملاح جي علاج لاء مدد ڪرڻ وري رکيل پوسٽ کي پڙھڻ کان پوء رانجھاڻي زئور برادري ڳوٺ حاجي الھجڙيو زئور جي ھڪ ننڍڙي شاگرد نوجوان الله جي ٻانھي وڏي دل سان پنھنجي حصي جي مدد ڪندي ايزي پئسا اڪائونٽ ذريعي 1000 اکرين ھڪ ھزار روپين جي مددي رقم اداري کي موڪلي ڏني آھي ! ان مليل مددي رقم سان وڏي بيماري جي مريض عورت جي علاج لاء مددي رقم وڌي 5170 اکرين پنج ھزار ھڪ سئو ستر روپيا جمع ٿي وئي آھي !

جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو گلي جي وڏي بيماري ۾ وڪوڙيل غريب عورت جي علاج لاء اداري تي ڀروسو ڪندي مددگار ٿيندڙ ان نوجوان الله جي ٻانھي جون تمام گھڻيون مھربانيون مڃي ٿو ۽ رب پاڪ کان دعاگو آھي ته ھن نيڪ عمل کي ان جي حق ۾ قبول فرمائي ! آمين مددگار ٿيندڙ نوجوان جي روزي رزق ۽ عزت ۾ برڪتن جو سبب بڻائي ! آمين

جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو اميد ڪري ٿو ته ٻيا به انسان دوست ماڻھو اداري سان سھڪار ڪندا ته جيئن گلي جي وڏي بيماري ۾ وڪوڙيل غريب عورت جي گڏيل طور تي وڌ کان وڌ مدد ٿي سگھي ! انشاءالله

وڏي بيماري ۾ وڪوڙيل غريب بيمار عورت جي علاج لاء مدد ڪندڙ انسان دوست پنھنجي پنهنجي تعاون جمع ڪرائڻ لاء جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو جو ايزي پئسا اڪائونٽ يا بئنڪ اڪائونٽ استعمال ڪري سگھن ٿا ۽ اداري جي ھيٺين ڪارڪنن سان رابطو پڻ ڪري سگھن ٿا :-


03492776532



06067948275403


پنھنجي تعاون لاء رابطو ڪريو :-

عبدالجبار حاجي عبداللطيف کٽي ...... 03103820262
اياز علي محمد ابراھيم کٽي .............. 03342048853
سجاد حسين محمد ابراھيم کٽي ....... 03158019506
رضوان احمد محمد اسماعيل کٽي .... 03110651444
محمد سليمان الھڏنو کٽي ............. 03163979061

غريبن جو خدمتگار ادارو

جوائننگ ھينڊز
ميرپوربٺورو

Job Opportunity....
20/08/2026

Job Opportunity....

جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو سائين محمد جمن سوھو صاحب جي فرزند محترم غلام راشد سوھو کي او ليول ڪيمبرج IGCSE جي فائنل رزلٽ ۾...
20/08/2026

جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو سائين محمد جمن سوھو صاحب جي فرزند
محترم غلام راشد سوھو کي او ليول ڪيمبرج IGCSE جي فائنل رزلٽ ۾ اٺ سبجيڪٽن مان سندس گروپ جي اھم سبجيڪٽس ۾ A* Star ۽ A جڏهن ته ٽن ۾ B گريڊ سان پاس ڪرڻ تي کوڙ ساريون شاباسون ۽ مبارڪون ڏئي ٿو !

جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو نوجوان غلام راشد ولد محمد جمن سوھو صاحب کي سندس روشن مستقبل لاء نيڪ تمنائڻ جو اظھار ڪري ٿو !

روشن مستقبل
لاء دعاگو

جوائننگ ھينڊز
ميرپوربٺورو

Address

Main Street Khatti Neighbourhood, Old Fish Markete Ward# 01
Mirpur Bathoro
73030

Opening Hours

Monday 09:00 - 17:00
Tuesday 09:00 - 17:00
Wednesday 09:00 - 17:00
Thursday 09:00 - 17:00
Friday 09:00 - 17:00
Saturday 09:00 - 17:00
Sunday 09:00 - 17:00

Telephone

+923053426313

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Joining Hands Mir Pur Bathoro posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Joining Hands Mir Pur Bathoro:

Share

Category