26/08/2026
# جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي پيغام
الحمدلله، رب العالمين، درود ۽ سلام هجن حضرت محمد ﷺ تي، جيڪي سڄي انسانيت لاءِ رحمت بڻجي آيا.
جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي بابرڪت موقعي تي مان سمورن مسلمان ڀائرن ۽ ڀينرن کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هي ڏينهن اسان لاءِ خوشي، محبت، امن، ڀائيچاري ۽ حضور اڪرم ﷺ جي پاڪ سيرت تي عمل ڪرڻ جي تجديد جو ڏينهن آهي.
اچو ته هن مقدس موقعي تي پاڻ ۾ اتحاد، اخوت، برداشت ۽ انسانيت جي خدمت جو جذبو پيدا ڪريون ۽ پنهنجي زندگي کي حضور پاڪ ﷺ جي تعليمات موجب گذارڻ جو عزم ڪريون، ڇو ته دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي سندن پاڪ اسوه حسنہ تي عمل ڪرڻ ۾ ئي آهي.
الله پاڪ کان دعا آهي ته هو اسان سڀني کي حضور اڪرم ﷺ جي محبت نصيب فرمائي، ملڪ پاڪستان ۾ امن، خوشحالي ۽ ترقي عطا فرمائي، ۽ اسان جي عبادتن ۽ نيڪ عملن کي پنهنجي بارگاهه ۾ قبول فرمائي.
**جشن عيد ميلاد النبي ﷺ مبارڪ هجي.**
**چوڌري احسان آرائين**
**چيئرمين، ٽائون ڪميٽي ميرواهه گورچاڻي**