13/10/2024
پيپلز اسٽوڊنٽ فيڊريشن ٿرپارڪر جي ورڪنگ ڪاميٽي جو اجلاس سپاف ضلع صدر سمير ٿاراڻي جي صدارت هيٺ ٿاراڻي ھائوس مٺي ۾ ٿيو جنهن ۾ 18 آڪٽومبر تي سانح ڪارساز جي تيارين جي حوالي سان ڊسڪشن ٿي اجلاس ۾ عطا الله ھنڱورجو اوم ٻالاڻي ڏانچند پرمار منيش ڌناڻي اصغر لنڊ سھيل ڏوھٽ غلام رحيم جوڻيجو نوشاد سوراڻي فياض احمد جنجھي عمران چانڊيو امتياز حسين ثناالله ناصر حسين بجير ماوجي ڌنراج ڪولھي ۽ بين شرڪت ڪئي جنهن جي ايجنڊا ۾ سمورن تعلقن جي عهديدارن کان ڪارڪردگي جي تفصيلي رپورٽ ورتي وئي ،ميٽنگ جي ايجنڊا ۾ غير سرگرم تنظيمي ميمبرز پنهنجي وضاحت پيش ڪئي قانوني ۽ سپليمينٽري ايڪشن لاء مرڪز کي سفارش ڪئي ويندي ، غير فعال يونٽز جي بحالي لاء نئين سر تنظيم سازي ڪري رپورٽ پي ايس ايف ڪيبينيٽ کي موڪلي ويندي سپاف ٿرپارڪر 18 آڪٽومبر تي ڀرپور نموني سان شرڪت ڪندي
سپاف ٿرپارڪر