Thar Citizen Forum

Thar Citizen Forum Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Thar Citizen Forum, Social service, Tharparkar, Mithi.

حڪومت سنڌ ھرسال رائلٽي جي وصولي، خرچن ۽ باقي رقم بابت وائيٽ پيپر جاري ڪري ۽ ان جي آزاد آڊٽ ڪرائي.         ِ
25/09/2026

حڪومت سنڌ ھرسال رائلٽي جي وصولي، خرچن ۽ باقي رقم بابت وائيٽ پيپر جاري ڪري ۽ ان جي آزاد آڊٽ ڪرائي.








ِ




25/09/2026

ٿرڪول ڊمپر مافيا
ٿر جا ماروئڙا

رائلٽي فنڊ مان جديد اسپتالون، صاف پاڻي جا منصوبا، ماحولياتي نگراني، وڻڪاري ۽ آلودگي جي تدارڪ لاءِ مستقل بجيٽ مختص ڪئي وڃ...
25/09/2026

رائلٽي فنڊ مان جديد اسپتالون، صاف پاڻي جا منصوبا، ماحولياتي نگراني، وڻڪاري ۽ آلودگي جي تدارڪ لاءِ مستقل بجيٽ مختص ڪئي وڃي.

ٿر مان نڪرندڙ ڪوئلي تي حاصل ٿيندڙ رائلٽي ۾ ٿرپارڪر جي عوام جو قانوني ۽ اخلاقي حق تسليم ڪيو وڃي ۽ اُن لاءِ واضح قانونسازي...
24/09/2026

ٿر مان نڪرندڙ ڪوئلي تي حاصل ٿيندڙ رائلٽي ۾ ٿرپارڪر جي عوام جو قانوني ۽ اخلاقي حق تسليم ڪيو وڃي ۽ اُن لاءِ واضح قانونسازي ڪئي وڃي.

24/09/2026

عوامي شڪايتن تي ماحولياتي کاتي جي ڪارروائي! اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ مصري ميمڻ ويجهو روڊ تي لڳل ڪنڪريٽ پلانٽ جو سيپا جي ضلعي انچارج شاهد الرحمان دورو ڪيو. پلانٽ انتظاميا کي ماحولياتي آلودگي ختم ڪرڻ ۽ عوامي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جون سخت هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

17/09/2026

ٿرڪول ريلوي لائين پروجيڪٽ

ٿرڪول ريلوي لائين پروجيڪٽ مقامي ماڻهن لاءِ فائدو کڻي اچڻ بدران سندن صديون پراڻي گهر، روزگار ۽ ماحول کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ٻنيون، ٽوڀا، ترايون تباهه ٿي چڪيون آهن. ٿر جو سڀ کان وڏو اثاثو اتان جا "گئوچر" (چراگاهه) آهن، جتي مال مويشي چرندا هئا، اهي هاڻي ڪانٽيڊار تارن ۽ پٽڙين جي ور چڙهي ويا آهن. هن پروجيڪٽ جي ڪري ٿر جي مقامي وڻن، ٻوٽن ۽ خوبصورت جهنگلي جيوت کي شديد نقصان پهتو آهي. ماحولياتي توازن مڪمل طور تي بگڙجي چڪو آهي، جنهن جو اثر سڌو سنئون ٿر جي موسم تي پوندو. مقامي ماڻهو پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي بي گهر ۽ بي يارو مددگار بڻجي ويا آهن. گڏوگڏ بي زبان جانورن جي زندگي به عذاب ۾ اچي وئي آهي. ٿرين جي سماجي ۽ معاشي زندگي سخت متاثر ٿي آهي.

16/09/2026

ٿر جي سڃاڻپ ۽ نامياري کاهوڙي شخصيت، ٿر سٽيزن فورم جي چيئرمين محترم اوڀايو جوڻيجو جو جنم ڏينهن ٽي سي ايف آفيس ۾ شاندار نموني ملهايو ويو. تقريب ۾ فورم جي ميمبرن ۽ دوستن شرڪت ڪري کيس جنم ڏينهن جون مبارڪون پيش ڪيون ۽ سندس سماجي خدمتن کي ساراهيو. سائين اوڀايو جوڻيجو کي جنم ڏينهن جون لک لک مبارڪون! 🎂🥳

ٿر سٽيزن فورم وومين گروپ سان سلسليوار ماحولياتي گفتگو لاء ٿرپارڪر جي ماحولياتي ماهر ۽ سوائل سائنٽسٽ سائين ڀواني شنڪر پنه...
11/09/2026

ٿر سٽيزن فورم وومين گروپ سان سلسليوار ماحولياتي گفتگو لاء ٿرپارڪر جي ماحولياتي ماهر ۽ سوائل سائنٽسٽ سائين ڀواني شنڪر پنهنجي تجربي ۽ ماهرانه ليڪچر ڏيندڳ

10/09/2026

ڇاڇرو ۾ ٻن تعلقن ڏاهلي ۽ ڇاڇرو جي عوام جا مسئلا ٻڌڻ لاء ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر عارف عزيز جي کليل ڪچهري، سوين ماڻهن روينيو، ريلوي لائين پروجيڪٽ، پاڻي، تعليم، صحت سميت مختلف کاتن خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا

Address

Tharparkar
Mithi
69230

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Thar Citizen Forum posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category