Advocate Hamlesh

Advocate Hamlesh Advocate High Court from District Tharparkar Sindh.

07/06/2023

ضمانت کی سطح پر کیے گئے مشاہدات ٹرائل کورٹ پر اثر انداز نہیں ہو سکتے، کیونکہ ان کی حیثیت ایک عبوری نظر کی ہوتی ہے.
(2018 PCrLJ 173)
(2019 YLR 1617)

 ......دنيا جي هر آزاد ملڪ رياست پنهنجي  ڪاروهنوار کي هلائڻ لاء ڪجه اصول نظم وضبط مقرر ڪندي آھي جنهن کي دستور پاليسي يا ...
23/05/2023

......
دنيا جي هر آزاد ملڪ رياست پنهنجي ڪاروهنوار کي هلائڻ لاء ڪجه اصول نظم وضبط مقرر ڪندي آھي جنهن کي دستور پاليسي يا آئين چئبو آھي...جنهن م شهرين کي ڏنل حقوق ۽ ملڪ کي هلائڻ جي طريقيڪار جو ذڪر ٿيل هوندو آھي....ائين اي اسان جو ملڪ پاڪستان به پنهنجي شھرين کي ڪجه بنيادي حقوق ڏي ٿو...جيڪي رياست کي هر حال م فراهم ڪرڻا آھن...پر مسئلو اهو آھي ته اسان جي سماج ۾ عام شهريَ کي ڪا خبر ئي نه آھي ته منهنجا به ڪي حق آھن...جيڪڏھن اسان پنهنجي حقوق بابت ڄاڻ حاصل ڪيون ۽ پراپر طريقي سان انهن کي حاصل ڪرڻ لاء ڪوشش ڪيون ته معاشري م ڪافي حد تائين انصاف جي فراهمي يقيني بڻجي ويندي ۽ ڪنهن سان به ظلم ۽ زيادتي نه ٿيندي...
#پاڪستان جو آئين آرٽيڪل اٺ کان وٺي اٺاويھ تائين ڪجه بنيادي حقوق پنهنجي شھرين کي ڏي ٿو جيڪي هن ريت آھن:👇👇👇

09, of person.

👈هر شھري کي پنهنجي زندگي بي خوف وخطر جيئڻ جو حق حاصل آهي ۽ رياست پاڪستان ڪنهن به شھري کان جيئڻ جو حق ۽ آزادي نٿي کسي سگهي...
10, as to arrest and
detention..
👈ڪنهن به ماڻھو کي اگر پوليس گرفتار ڪري ته پوليس جي مٿان اهو فرض آھي ته هن کي گرفتاري جو سبب ايف آئي آر جي ڪاپي لازمي ڏي...۽ چوويهن ڪلاڪن جي اندر ان ماڻھو کي مئجسٽريٽ جي سامهون پيش ڪري ۽ان ماڻھو کي اهو به حق حاصل آھي ته هو پنهنجي دفاع لاء مرضي جو وڪيل مقرر ڪري..
10,A, to fair trial...
👈ڪنهن به ماڻھو کي اگر ڪنهن ڏوه م گرفتار ڪيو ويو آھي ته هُن کي اهو حق حاصل هوندو ته سندس ڪيس قانوني پرويسيجر مطابق ئي هلايو ويندو ان کان هٽي ڪري ڪو ٻيو طريقيڪار استعمال نه ڪيو ويندو...
11, and forced labour., prohibited...
👈ڪير به ماڻھو ڪنهن به ماڻھو کي غلام نٿو بڻائي سگهي ۽ نه ئي ڪنهن کان ڪو جبري پورهيو ٿو ڪرائي سگهي....چوڏھن سالن کان گهٽ عمر وارو ٻار ڪنهن به فيڪٽري ...مل يا ڪنهن ٻي جاء تي جبري مشقت وارو ڪم نٿو ڪري سگهي ان تي مڪمل پابندي هوندي.
12, against retrospective punishment..
👈ڪنهن به ماڻھو کي اهڙي ڏوه يا غلطي جي سزا نه ڏني ويندي جيڪا ان ڏوه جي ڪرڻ وقت قانون م ڏوه طور لکيل نه هجي... مثال هڪ ڪار کي ڪيتري اسپيڊ تي هلائڻ گهرجي اهو ضابطو قانون م طئي نه ٿيل هجي ۽ اچانڪ ھڪ قانون تيار ڪيو وڃي ته 80 جي رفتار کان مٿي ڪير به ڪار نه هلائي ته ان صورت م قانون ٺھڻ کان ڪجه ٽائيم اڳم اگر ڪنهن 80 جي رفتار کان مٿي گاڏي هلائي آھي ته ان کي ان ڏوه جي سزا نه ڏني ويندي..
13, against double punishment and self-incrimination.
👈ڪنهن به ماڻھو کي هڪ ساڳئي ڏوه جي ٻه دفعا سزا نه ڏني ويندي ۽ نه ئي ڪنهن ماڻھو کي مجبور ڪيو ويندو ته هو پنهنجي پاڻ خلاف پاڻ گواهي ڏي.
14, of dignity of man.
👈ڪنهن به ماڻھو جي عزت نفس کي مجروح نه ڪيو ويندو نه ئي سندس گهر ۽ پرائيويسي کي پامال ڪيو ويندو ۽ نه ئي پوليس کي اهو حق حاصل آھي ته ڪنهن جي مٿان تشدد ڪري ڪنهن ڏوه جو ثبوت حاصل ڪرڻ لاء.
15, of movement.
👈هر شھري کي اهو حق حاصل آھي ته پاڪستان م ڪنهن به جاء تي وڃي گهمي ڦري به سگهي ٿو ۽ رهائش به اختيار ڪري سگهي ٿو...ڪنهن خاص قانون جو احترام ڪندي.
16, of assembly.
👈سڀني شھرين کي اهو حق حاصل آھي ته پر امن طريقي سان بغير ڪنهن هٿيارن جي ڪنهن به به جاء تي ڪا گڏجاڻي يا جلسو ڪري سگهن ٿا.
17, of association.
👈سڀني شھرين کي اهو حق حاصل آھي ته پنهنجي حقن جي حاصلات لاء ڪا تنظيم.يونين يا ڪا ايسوسيئشن ٺاھي سگهن ٿا پر اها ملڪي خودمختياري ۽ اخلاقيات جي خلاف نه هجي.
18, of trade,business or profession.
👈هر شھري کي اهو حق حاصل آھي ته هو قانون طرفان جائز قرر ڏنل ڪو به ڪاروبار ڌنڌو يا واپار ڪري سگهي ٿو (نوٽ)ڪجھ ڪاروبارن لاء لائسنس هئڻ لازمي آھي.
19, of speech.
👈هر شھري کي اهو حق حاصل آھي ته هو ڳالهائي تقرير ڪري ڪا شي تحرير ڪتاب لکي سگهي ٿو.(نوٽ)مذھب اسلام يا ملڪ جي خودمختياري يا پاڪستان جي ڪنهن دوست ملڪ ۽ ڪورٽ سڳوري ۽ اخلاقيات جو خيال رکيو ويندو.
19_A to information.
👈هر شھري کي اهو حق حاصل آھي ته هو عوامي بهتري جي لاء متعلقا ادارن مان گهربل ڄاڻ حاصل ڪري سگهي...مثال طور توهان جي پاڙي جو اسڪول اسپتال انجو بجيٽ ڪيترو آيو ڪٿي خرچ ٿيو ان جي ڪارڪردگي بابت توهان ان اداري جي جي انتظاميا کان ڊيٽا حاصل ڪري سگهو ٿا..(نوٽ) قانوني حدن م رهندي.
20 to profess religion and manage religious institutions.
👈هر ماڻھو کي اهو حق حاصل آھي ته هو ڪوبه مذھب يا عقيدو پنهنجي مرضي موجب قبول ڪري سندس مذھب ۽ فرقي جي تبليغ ڪري ۽ ادارو قائم ڪري...
21 against texation for purposes of any particular religion.

👈ڪنهن به ماڻھو کي ڪير مجبور نٿو ڪري سگهي ته هو ڪنهن خاص فرقي يا مذھب لاء ڪو چندو يا ٽيڪس ڏي..
22. as to educational institution in respect of religion.
👈ڪنهن به ماڻھو کي مجبور نه ڪيو ويندو ته هو ڪنهن مذھبي عبادت يا گڏجاڻي يا ڪنهن اداري م داخل ٿئي جنهن کي هو مڃيندڙ نه هجي....
هر مذھبي ڪميونٽي کي اها اجازت هوندي ته هو پنهنجي ڪميونٽي جي ٻارن کي مذھبي روايات ۽ ادارا کولي ڏي.
ڪنهن به ڪميونٽي کي رنگ نسل ۽ مذھب جي بنياد تي اهڙي اداري م داخل ٿيڻ کان منع نه ڪيو ويندو جيڪو پبلڪ ٽيڪسز مان ٺھيل هجي
23 as to property.
👈هر شھري کي اهو حق حاصل آھي ته پاڪستان م ڪنهن به جاء تي ڪا پراپرٽي زمين خريد يا وڪرو سگهي..قانون طرفان بندش پيل جاء کان علاوه.
24 of property rights.
👈ڪنھن به ماڻهو کي پنهنجي جائداد جي حق ملڪيت کان محروم نه ڪيو ويندو.
نوٽ:جيڪڏھن گورنمنٽ پبلڪ انٽريسٽ لاء ڪا جائداد يا زمين ڪنهن کان وٺندي ته ان کي ڪمپنسيشن ادا ڪئي ويندي.
25 of citizens.
👈رياست قانون جي نظر م سڀ شھري برابر آھن جنس جي بنياد تي ڪوبه فرق نه آھي
نوٽ:
رياست کي اهو حق حاصل آھي ته عورتن ۽ ٻارن جي ڀلائي لاء ڪو اسپيشل قانون ٺاھي سگهي.
25,A to education.
👈رياست جي جي اها ذميواري آھي ته پنجن سالن کان وٺي سورنهن سالن جي عمر تائين هر شھري کي لازمي بنيادي تعليم مهيا ڪري.
26, discrimination in respect of access to public places.
👈ڪنهن به پبلڪ انٽرٽينمنٽ جي جاء تي ڪنهن کي اچڻ کان منع نه ڪيو نه ڪيو ويندو رنگ نسل مذھب يا جنس جي بنياد تي
27, against discrimination against services.
👈ڪنهن به شھري کي پاڪستان جي خدمت ڪرڻ ڪنهن اداري يا نوڪري جنهن کي حاصل ڪرڻ جو ھو لائق هجي رنگ نسل مذھب يا ڄمڻ جي هنڌ جي بنياد تي منع نه ڪيو ويندو.
نوٽ:
28, of language script and culture.
👈هر ڪميونٽي کي پنهنجي ٻولي ثقافت جي تحفظ جو حق حاصل آھي ته هو ان جي بچاء ۽ واڌاري لاء ڪوشش ڪري ادارا قائم ڪري...
👇
اهي بنيادي حقوق رياست پاڪستان اسان کي مهيا ڪري ٿي...جيڪڏھن توهان سمجهو ٿا توهان جي ڪنهن بنيادي حق جي تلفي ٿي رهي آھي ته توهان آئين جي آرٽيڪل 199 تحت هاء ڪورٽ سڳوري ۾ درخواست ڏئي سگهو ٿا اميد ته توهان کي ضرور انصاف ملندو...

22/05/2023

Article 19A- is Constitutional and fundamental right of every citizen of Pakistan:

Right to information

The Sindh Transparency and Right to Information Act 2017!

مٿين قانون تحت ڪنھن بہ اداري کان عوام کي عوام جي اھم معاملن ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو آئيني ۽ قانوني حق حاصل آھي.

ھر شھري يا ڳوٺاڻو ڪنھن بـ اداري ۽ يو سي ـ ٽائون يا ميونسپل چيئرمين کان بجيٽ ۽ خرچ بابت پڇاڻو ڪري سگھي ٿو ـ

دوستن کي گذارش آھي تہ ھن قانون تحت پنھنجي حقن جي لاء اڳتي وڌن. اسان اوھان سان گڏ آھيون ھر قانوني صلاح مشوري لا رابطو ڪريو ـ
ايڊووڪيٽ ھمليش ڪمار سوٽھڙ

Email Sentences and phrases in different situations.
21/05/2023

Email Sentences and phrases in different situations.

حڪومت طرفان هڪ عدالتي ڪميشن جوڙي وئي آهي جنهن ۾ ٽن سينيئر ججن شامل آهن جن کي تازو آڊيو ليڪس جي سچائي ۽ ”عدليه جي آزادي ...
21/05/2023

حڪومت طرفان هڪ عدالتي ڪميشن جوڙي وئي آهي جنهن ۾ ٽن سينيئر ججن شامل آهن جن کي تازو آڊيو ليڪس جي سچائي ۽ ”عدليه جي آزادي تي انهن جا اثر“ جي جاچ ڪرڻ جو ڪم ڏنو ويو آهي.

15/04/2022
  یہاں کمروں کا کرایہ 4 ہزار سے 40 ہزار نہیں کیا جاتا۔ یہاں گاڑی کو دھکہ لگانے کے پیسے ہرگز نہیں لیے جاتے۔یہاں انسانیت ہ...
16/01/2022


یہاں کمروں کا کرایہ 4 ہزار سے 40 ہزار نہیں کیا جاتا۔ یہاں گاڑی کو دھکہ لگانے کے پیسے ہرگز نہیں لیے جاتے۔
یہاں انسانیت ہے، مری کی طرح مردہ ضمیروں کی بستی نہیں۔ اگر کسی کو خراش بھی آئے تو آس پاس کی پوری بستی کو تکلیف ہوتی ہے۔
یہاں آپ پہاڑ بھی اور میدان بھی ایک ساتھ دیکھیں۔
یہاں آکر خرچہ پانی ختم ہو گیا تو بھی کوئی پریشانی نہیں۔لوگ نہایت پر امن،مخلص اور انتہائی مہمان نواز ہیں
I❤THAR Tharparkar Tour & Travels

08/12/2020

Sindh Prohibition of Preparation, Manufacturing, Storage, Sale and Use of Gutka and Manpuri Atc 2019.

Address

Near Sindh Bank
Mithi
69230

Telephone

+923363320160

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Advocate Hamlesh posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Advocate Hamlesh:

Share

Category