Kertee

Kertee Kertee is a most historical and and cultural village located in 21 kilometers in the south of Mithi city, Tharparkar, Sindh, Pakistan.

Kertee is an old and very historical village in Tharparkar, Sindh, Pakistan, located 21 kilometers to the south of Mithi city, also known as Kertigarh, Karentigadh, Kadli Nagar or Karot Kot under the rule of the Makwana clan, It was known as Kirtigadh. During the rule of Makwana clan it was known as Kertigarh. It was called Karli Nagar in Gujarati language. The village Kertee is major populated by

Sodha Rajputs and some other castes are also inhabitant here, like as Harijan, Bheel, Maher, Bhatti, Jadeja and some houses of Muslims But Sodha are in majority there. There is also some temples of Lord Shiva, and some other common deities like Pir Pithora, Oghar Nath, Pir Bhavsingh, Mard Ali Shah, there are various followers of Mauji & Mataji. In 12th century Makwana clan ruled over there, in those of Kesar Makwana was the brave and famous ruler who fought with Hamir Soomra, here after Raja Chandersen Sodha took over the rule on Kirtigarh and thus Sodha inhabitant there. The village has facilities of a Hospital, Road, Light, Summer pump water.

امر رائيسنگهه راجپوت #ڪيرٽيءَ تاريخ جي جَهروڪن ۾...!!قسط #2انگريز ليکڪ جون ميڪلنڊ (John McLeod) پنهنجي شاهڪار تخليق ”دي ...
29/12/2025

امر رائيسنگهه راجپوت

#ڪيرٽيءَ تاريخ جي جَهروڪن ۾...!!

قسط #2

انگريز ليکڪ جون ميڪلنڊ (John McLeod) پنهنجي شاهڪار تخليق ”دي ميڪنگ آف جهاليشور“ (The making of jhaleshvar) ۾ لکي ٿو ته ”ڪيرٽيءَ گڊ ۾ پهرين بلوچن جي بادشاهي هُئي ۽ بعد ۾ مڪواڻا راجپوت آيا“ اهڙي ڳالهه ايوا اُلين (Eva Ulian) پنهنجي ڪتاب ”راجپوت“ (Rajput) ۾ پڻ لکي آھي. مڪواڻا پهرين ڪُنتلپور (اُترپرديش) جا راجا هُئا، اُتان کان سِکري آيا. آڳاٽي سمي جي ڳالهه آھي ته جڏھن سکريءَ (اُتر پرديش) جو راجا ڪرپال ديو جي ڪنهن تيرٿ ياترا تي ويل هو، تڏھن پويان سندس ننڍي ڀاءُ ڌنراج سِکريءَ جو راڄُ دوکيبازيءَ سان کسي ورتو. ڪرپال ديو پنهنجي وشواشگهاتيءَ ڀاءُ سان وڙھڻ بدران جلاوطنيءَ کي ترجيح ڏني، ۽ سِکريءَ مان ڪوچ ڪري تڏھوڪي ڪيرنٽي گڊ ۽ هاڻوڪي ڪيرٽيءَ گڊ ۾ آيو، جتي بلوچن سان جنگ ڪري انهن کي شڪست ڏيئي پنهنجو راڄُ قائم ڪيو. ڪرپال ديو جي چوويهين پيڙھيءَ ۾ ڪيسرديوجي عرف ڪيسر مڪواڻو ڪيرٽيءَ گڊ جو راجا ٿيو، جنهن امرڪوٽ جي راجا همير سومري کي ڏينهن جا تارا ڏيکاريندي جوراور جنگ جوٽيندي پنهنجي پيءُ کي ڏنل وچن پاريو هو. ڪيسر ديو وڏو ٻلڌاري يوڌو هو. ڪيسر ديو جي هٿ ۾ سوا سؤ مڻ لوھ جو ڀالو هوندو هو، اُن جا هٿ گوڏن تائين ڊگها هوندا هُئا. چون ٿا ته جن جي هٿ جون تريون گوڏن تي پُڄن اُنهن کي ”اجانباهُو“ چوندا آھن. اهڙا ماڻهو انتهائي بهادر، ۽ ڀاڳيوان هوندا آھن. ڪيسر ديو مڪواڻا، ڇتراپتي شواجي مريٺا ۽ ارجڻ پانڊو ”اجانباهُو“ هُئا. ڪيسر ديو مڪواڻو اُھو مها اجانباهُو ۽ ٻلوان هو جنهن جي هٿ ۾ ساڍا ٽي ٽانڪ جي ڪمان تلوار هوندي هُئي. ساڍا ٽي ٽانڪ جي تلوار کي هُو ڪکُ وانگي هوا ۾ هلائي ڏيکاريندو هو. هُو جڏھن ڳالهائيندو هو ته ڪانسيءَ جا ٿانوَ وڄڻ لڳندا هُئا ايڏو دمدار آواز هوندو هو. ڪيسر ديو جي باري ۾ ”جهالا ونس ورڌي“ ڪتاب ۾ لکيل هي ڪويتا ان ڳالهه جي گواه آھي ته وير بهادر ڪيسرديو واقعي تاريخ جو وڏو ڪردار ٿي گُذريو آھي.

مندر نيتي نا مهد، ڪيسرديو ڪرپال

ويري آشا ڪرتا وبد، نوڙيا شريسٿا نرپال

(وير بهادر ڪيسرديو مڪواڻو جيڪو ڪرپال ديو جي پيڙھيءَ ۾ ڄائو هو..جنهن جو تيج سِجُ وانگي تيز هو. اهو دشمن سان ائين وڙھيو جو دنيا پئي ڳالهيون ڪري.)

نوڙيا شريسٿا نرپال، شيهه سومرا ني آپي

سنڌُ مانهي شوتڻي، شريشٿا پراتيمائو سٿاپي.

(وڏي پئماني تي ويڙھ ڪري سومرن کي شڪست ڏنائين، سنڌُ ۾ اڄُ به اوچي ڳاٽ سان ڳائجي پيو، ۽ وڏي پئماني تي شو جون مورتيون سنڌُ جي مختلف ماڳن تي ٺهرايون)

سُنو امر سُکدام، سڪل نروپگُڻ مان سُندر،

هر سريکا هرپال، اوتاريا اني مندر

(امر سُکدام نالي چارڻ ڪوي چوي ٿو ته ٻُڌو انتهائي سُندر گُڻن سان سرشار ۽ شڪل ۾ ڀڳوان جهڙو سُندر هرپال نالي پُٽ انهيءَ ڪيسرديو جي گهر ۾ پئدا ٿيو هو)

راقم الحروف پاران ڳوٺ ڪيرٽيءَ گڊُ جي مختلف ڪردارن کي شاندار رنگ (جس/سلام) ڏنل آهي جيڪي هن ريت آھي؛

رنگ ڪيسر ديو ني رنگ ڪيرٽيءَ را نِير ني

رنگ وياس ديوجي ني رنگ هرپال وِير ني

رنگ ڪيسر ديو را ڀالا ني رنگ راڻڪ را والا ني

رنگ هرپال را جهالا ني رنگ پربت ري مالا ني

رنگ ڪيسر ري ڪيڪاڻ ني رنگ جهاجها ٻاڻ ني

رنگ مڪواڻا ري راج ني رنگ سگڙي راجاڻ ني

رنگ ڪيسر رجپوت ني جي هيريا گهوڙا همير

سومرين لايو ست ويسان ڌن ڌن پِتا را وِير

ڌَن ڌَن ٿانري ماتا ني ڌَن ڪيسريا جَوان

پِتا را وچن آپي پاڙيا اي ڏيڌي اپنا پَراڻ

پراڻ ڏيڌي وچن پاڙيا اَن راکي پَت راجاڻ

او ڪنور ڪيسر ديو رو جي را جگ ڪري بکاڻ

رنگ ڪيرٽيءَ را گَڊ ني رنگ اوگهڙناٿ ني

رنگ مڙد شاھ ني رنگ ڪويان ري بات ني

رنگ راج ڪُماريان ني رنگ راڻڪ را روپ ني

رنگ راجا روپاڙسنگهه رنگ سوڍا سپوت ني

رنگ خانجي را امل ني، رنگ اڻند ري پمنگ ني

رنگ رجپوتان ري ريت ني رنگ سگڙي سنگ ني

ھلندڙ؛


امر رائيسنگهه راجپوت #ڪيرٽيءَ تاريخ جي جَهروڪن ۾...!!سنڌُ صدين کان تهذيبن جي ماءُ رهي آھي، هتي ڪيئي تهذيبون پروان چڙھيون...
28/12/2025

امر رائيسنگهه راجپوت

#ڪيرٽيءَ تاريخ جي جَهروڪن ۾...!!

سنڌُ صدين کان تهذيبن جي ماءُ رهي آھي، هتي ڪيئي تهذيبون پروان چڙھيون آھن. موهن جي دڙي ۽ ڪاهُوءَ جي دڙي، کان وٺي ڪوٽڏيجيءَ جي قلعي جي کنڊرن تائين هن سرزمينِ سنڌُ جي مردم خيز مٽيءَ جي چَپي چَپي ۾ انيڪ تهذيبي داستان دفن ٿيل آھن. سنڌُ جي شاندار تاريخ ۽ تهذيب جو ذڪر رِگ ويد، مهاڀارت ۽ رامائڻ جهڙن پاڪ ڪتابن ۾ پڻ ٿيل آھي. ڪنهن پِراچين زماني ۾ جڏھن ٿر مان هاڪڙو ۽ مهراڻ نديون وهنديون هُيون، تنهن وقت مٺيءَ جي ڏکڻ ۾ ريڻيءَ/ميڻيءَ نديءَ جي ڪناري تي آباد ڪڙليءَ ننگر/ڪيرنٽيءَ گڊ پڻ پارينگر ۽ نوهٽي وانگي هڪ شاندار بندرگاھ هوندو هو. هتي وڏو وڻج واپار ٿيندو هو. ڪيرٽيءَ لفظ ڪيٽيءَ مان نڪتل لڳي ٿو. ”اُٺا مينهن ملير“ ۾ جو مصنف نفيس احمد ناشاد لکي ٿو ته ”آڳاٽي دور ۾ هن علائقي اندر ”ميڻي ندي“ نالي هڪ وهڪري جا آثار پڻ ملن ٿا، جنهن تي مٺي تعلقي جي اندر ”ڪيرٽي“ ۽ ”ڪڙلي نگر“ جا شهر آباد هئا، جن مان ڪيرٽي 10-11 صدي ڌاري مڪواڻن جي گادي پڻ هو. ڪيرنٽيءَ گڊ ٿر جي تمام پُراڻي رياست هُئي. اڄ ڪلهه هڪ ڳوٺ آھي، صحراِ ٿر ۾ آباد هي ڳوٺ پنهنجي ڪهاڻي پاڻ بيان ڪري ٿو. هن ڳوٺ جا پُراڻا کنڊرات اهو ٻُڌائين ٿا ته هي صديون پُراڻي تهذيب رکندڙ بستي هُئي، پوءِ اُھو تيرنهن سؤ اوڻيهٺ سال پُراڻو قبرستان هُجي يا هڪ هزار نَوي سال پُراڻو مٺي پاڻيءَ جو کوھ هُجي. هي کوھ پنهنجي نوعيت جي هڪ انوکي ڪهاڻي رکي ٿو. هي کوھ تمام وڏن وزني ۽ قديميءَ پٿرن جو ٻَڌل آھي، جيترو اونهو آھي ايترو ئي هيٺ وڃي ويڪرو آھي، هڪ اندازي مُطابق هن کوھ جي هيٺ پاڻيءَ ۾ ايتري ويڪر آھي جو پنج سؤ ماڻهو هڪ ئي وقت آسانيءَ سان ويهي سگهن ٿا. شايد جنگي حملن کان بچاءُ لاءِ ايڏي ويڪر رکي ويئي ھُئي. حملن وقت عورتن کي کوھ ۾ محفوظ لڪائي رکندا هُئا. هي تاريخي کُوھ ڪيسر ديو مڪواڻي جو کوٽايل آھي، جنهن جون قديمي مُورتيون (لوهرٽيون) اڄ به کوھ ۾ هيٺ هڪڙي پاسي تي لڳل آھن. روايت آھي ته ڪيسرديو جو پُٽ هرپال ديو جڏھن گجرات ويو هو تڏھن هن کوھ جو پاڻيءَ به ساڻ کڻي ويو هو جنهن کي اُتي پوڄيو ويو. اڄُ به مڪواڻن ۾ جيڪو به راجا ٿئي ٿو اهو پهرين ڪيرٽيءَ جو پاڻيءَ پيئي ٿو.

روايت آھي ته هن کوھ جو پاڻي آڳاٽي زماني ۾ ڪَڙو هو. هڪ ڏينهن وينجهڻياريءَ جو درويش بلال فقير پنهنجون مينهون ڪاهي چُونپڻيءَ وَٽان مَٽيو ته چُونپڻيءَ وارن مينهن کي پاڻي پيارڻ نه ڏنو، فقير چُونپڻيءَ جي پاڻيءَ کي سَراپ (بددعا) ڏيئي، ڪاوڙ ۾ سڌو ڪيرٽي آيو جتي هن کُوھ مان پاڻي ڪڍندڙ ڪنهن سوڍي کي صدا هنئين ته ”کيس مينهنون پيارڻ ڏئي،“ سوڍي چيو ”جيڪو اوهان جو حُڪم فقير پر پاڻي ٻاڙو آھي،“ فقير وراڻيو ”وارو وار اگر پاڻيءَ ۾ لئي اچي ته سمجهه گهونيءَ جو نار کولي ڇڏيو اٿم“ سوڍي وارو واريو ته خدا جي قدرت سان پاڻيءَ ۾ لئي نڪتي، ۽ اُن ڏينهن کان وٺي اڄُ ڏينهن تائين پاڻي صفا سسوئو پلر ۽ اڻکوٽ آھي.

ڪيرٽيءَ کي جتي تاريخ جي الڳ الڳ ڪتابن ۾ ڪڙليءَ ننگر ۽ ڪيرنٽي گڊ لکيو ويو آھي، اُتي ڪيروٽ ڪوٽ پڻ لکيو ويو آھي. اليگزينڊر ڪنلوچ فوربيس پنهنجي ڪتاب ”رس مالا“ ۾ ڪيرٽيءَ کي ڪيروٽ ڪوٽ لکي ٿو.

”رپوٽ آن دي اينٽيڪوائيٽس آف ڪاٺياواڙ اينڊ ڪڇ“ ۾ جيمس برگيس پڻ ڪيرٽيءَ کي ”ڪيروٽ ڪوٽ“ لکيو آھي ان ڏنگين ۾ واضح طور اهو ڄاڻايو آھي ته ڪيرٽيءَ جو اصل نالو ڪيروٽ ڪوٽ آھي. اهڙي طرح راڻڪ ديويءَ تي لکيل اننت پاءِ جي مشهور ڪتاب ”راڻڪ ديويءَ“ ۾ پڻ ڪيرٽيءَ کي ڪيروٽ ڪوٽ لکيو ويو آھي.

ڪيرٽيءَ کي سڀ کان پهرين ڪنهن ۽ ڪڏھن وسايو ان جو ته ڪوبه پُختو ثبوت نٿو ملي، پر هتي جي ريتيلن ڌڙن ۾ دفن ٿيل هر شيءَ هڪ نئين ڪهاڻي ٻُڌائي ٿي. ٽن مُختلف هندن تي مليل قلعن جا نشان، چانديءَ ۽ پِتل جا سڪا، پراچين شمشان گهاٽ ۾ مليل لوهرٽيون، پاڻيءَ جا کڏا ۽ کاڌي پيتي جا صديون پُراڻا ٿانوَ ٿپا وغيره ان ڳالهه جا گواه آھن ته هي تهذيب سنڌُ جي شاهڪار تهذيب جو هڪ اٽوٽ حصو آھي...

ھلندڙ





Address

Village Kertee
Mithi
24°36'37.5"N69°54'53.9"E

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Kertee posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share