29/12/2025
امر رائيسنگهه راجپوت
#ڪيرٽيءَ تاريخ جي جَهروڪن ۾...!!
قسط #2
انگريز ليکڪ جون ميڪلنڊ (John McLeod) پنهنجي شاهڪار تخليق ”دي ميڪنگ آف جهاليشور“ (The making of jhaleshvar) ۾ لکي ٿو ته ”ڪيرٽيءَ گڊ ۾ پهرين بلوچن جي بادشاهي هُئي ۽ بعد ۾ مڪواڻا راجپوت آيا“ اهڙي ڳالهه ايوا اُلين (Eva Ulian) پنهنجي ڪتاب ”راجپوت“ (Rajput) ۾ پڻ لکي آھي. مڪواڻا پهرين ڪُنتلپور (اُترپرديش) جا راجا هُئا، اُتان کان سِکري آيا. آڳاٽي سمي جي ڳالهه آھي ته جڏھن سکريءَ (اُتر پرديش) جو راجا ڪرپال ديو جي ڪنهن تيرٿ ياترا تي ويل هو، تڏھن پويان سندس ننڍي ڀاءُ ڌنراج سِکريءَ جو راڄُ دوکيبازيءَ سان کسي ورتو. ڪرپال ديو پنهنجي وشواشگهاتيءَ ڀاءُ سان وڙھڻ بدران جلاوطنيءَ کي ترجيح ڏني، ۽ سِکريءَ مان ڪوچ ڪري تڏھوڪي ڪيرنٽي گڊ ۽ هاڻوڪي ڪيرٽيءَ گڊ ۾ آيو، جتي بلوچن سان جنگ ڪري انهن کي شڪست ڏيئي پنهنجو راڄُ قائم ڪيو. ڪرپال ديو جي چوويهين پيڙھيءَ ۾ ڪيسرديوجي عرف ڪيسر مڪواڻو ڪيرٽيءَ گڊ جو راجا ٿيو، جنهن امرڪوٽ جي راجا همير سومري کي ڏينهن جا تارا ڏيکاريندي جوراور جنگ جوٽيندي پنهنجي پيءُ کي ڏنل وچن پاريو هو. ڪيسر ديو وڏو ٻلڌاري يوڌو هو. ڪيسر ديو جي هٿ ۾ سوا سؤ مڻ لوھ جو ڀالو هوندو هو، اُن جا هٿ گوڏن تائين ڊگها هوندا هُئا. چون ٿا ته جن جي هٿ جون تريون گوڏن تي پُڄن اُنهن کي ”اجانباهُو“ چوندا آھن. اهڙا ماڻهو انتهائي بهادر، ۽ ڀاڳيوان هوندا آھن. ڪيسر ديو مڪواڻا، ڇتراپتي شواجي مريٺا ۽ ارجڻ پانڊو ”اجانباهُو“ هُئا. ڪيسر ديو مڪواڻو اُھو مها اجانباهُو ۽ ٻلوان هو جنهن جي هٿ ۾ ساڍا ٽي ٽانڪ جي ڪمان تلوار هوندي هُئي. ساڍا ٽي ٽانڪ جي تلوار کي هُو ڪکُ وانگي هوا ۾ هلائي ڏيکاريندو هو. هُو جڏھن ڳالهائيندو هو ته ڪانسيءَ جا ٿانوَ وڄڻ لڳندا هُئا ايڏو دمدار آواز هوندو هو. ڪيسر ديو جي باري ۾ ”جهالا ونس ورڌي“ ڪتاب ۾ لکيل هي ڪويتا ان ڳالهه جي گواه آھي ته وير بهادر ڪيسرديو واقعي تاريخ جو وڏو ڪردار ٿي گُذريو آھي.
مندر نيتي نا مهد، ڪيسرديو ڪرپال
ويري آشا ڪرتا وبد، نوڙيا شريسٿا نرپال
(وير بهادر ڪيسرديو مڪواڻو جيڪو ڪرپال ديو جي پيڙھيءَ ۾ ڄائو هو..جنهن جو تيج سِجُ وانگي تيز هو. اهو دشمن سان ائين وڙھيو جو دنيا پئي ڳالهيون ڪري.)
نوڙيا شريسٿا نرپال، شيهه سومرا ني آپي
سنڌُ مانهي شوتڻي، شريشٿا پراتيمائو سٿاپي.
(وڏي پئماني تي ويڙھ ڪري سومرن کي شڪست ڏنائين، سنڌُ ۾ اڄُ به اوچي ڳاٽ سان ڳائجي پيو، ۽ وڏي پئماني تي شو جون مورتيون سنڌُ جي مختلف ماڳن تي ٺهرايون)
سُنو امر سُکدام، سڪل نروپگُڻ مان سُندر،
هر سريکا هرپال، اوتاريا اني مندر
(امر سُکدام نالي چارڻ ڪوي چوي ٿو ته ٻُڌو انتهائي سُندر گُڻن سان سرشار ۽ شڪل ۾ ڀڳوان جهڙو سُندر هرپال نالي پُٽ انهيءَ ڪيسرديو جي گهر ۾ پئدا ٿيو هو)
راقم الحروف پاران ڳوٺ ڪيرٽيءَ گڊُ جي مختلف ڪردارن کي شاندار رنگ (جس/سلام) ڏنل آهي جيڪي هن ريت آھي؛
رنگ ڪيسر ديو ني رنگ ڪيرٽيءَ را نِير ني
رنگ وياس ديوجي ني رنگ هرپال وِير ني
رنگ ڪيسر ديو را ڀالا ني رنگ راڻڪ را والا ني
رنگ هرپال را جهالا ني رنگ پربت ري مالا ني
رنگ ڪيسر ري ڪيڪاڻ ني رنگ جهاجها ٻاڻ ني
رنگ مڪواڻا ري راج ني رنگ سگڙي راجاڻ ني
رنگ ڪيسر رجپوت ني جي هيريا گهوڙا همير
سومرين لايو ست ويسان ڌن ڌن پِتا را وِير
ڌَن ڌَن ٿانري ماتا ني ڌَن ڪيسريا جَوان
پِتا را وچن آپي پاڙيا اي ڏيڌي اپنا پَراڻ
پراڻ ڏيڌي وچن پاڙيا اَن راکي پَت راجاڻ
او ڪنور ڪيسر ديو رو جي را جگ ڪري بکاڻ
رنگ ڪيرٽيءَ را گَڊ ني رنگ اوگهڙناٿ ني
رنگ مڙد شاھ ني رنگ ڪويان ري بات ني
رنگ راج ڪُماريان ني رنگ راڻڪ را روپ ني
رنگ راجا روپاڙسنگهه رنگ سوڍا سپوت ني
رنگ خانجي را امل ني، رنگ اڻند ري پمنگ ني
رنگ رجپوتان ري ريت ني رنگ سگڙي سنگ ني
ھلندڙ؛