Dharti Time Diplo

Dharti Time Diplo Social Activist , Journalist , Anchorperson .

🌹🌹🌹
17/12/2025

🌹🌹🌹

17/12/2025
06/12/2025

Culture day GBLSS Malihar

ٿر جي سونهن مورپکين جي مٺڙي ٻولي هر طرف ساوڪ زمين سائي چادر اوڊي ورتي۔مورن جو رقص جانورن جي چرپر ڌنارن جو هڪلون ڀٽن پاسي...
22/07/2025

ٿر جي سونهن مورپکين جي مٺڙي ٻولي هر طرف ساوڪ زمين سائي چادر اوڊي ورتي۔مورن جو رقص جانورن جي چرپر ڌنارن جو هڪلون ڀٽن پاسي ٻنين ۾ پيدا ٿيندڙ فصلن جي خوشبو ٿر جي زمين مان قدرتي طور پيدا ٿيندڙ ۔مختلف قسمن جون ڀاڄيون کنڀيون ۔مريڙو ۔للر ۔ پپون ۔۔ ڪونڊير۔ ۽ٻنين مان تيار ٿيندڙ گدريون۔ ڇانهيا ۔ مڳ۔ ڪورڙ رب جي ذات ٿر مٿان قدرتي حسن سر سبزوسياحن لا۽ هڪ وڏو تفريحي ماڳ سانوڻي وسڪاري جي مند ۾ ٿي ويندو آهي ٿر جا ماڻهو مهمانوازي ۾آيل اوطاق تي مهمانن جي خدمت دل جان سان ڪندا آهن هيئر ٿر جي موسم گهمڻ جهڙي آهي هر هنڌ سياحن جي وڏي رش گڊي ڀٽ ۔ماروي جو کوه ۔ڪارونجهر جي چوٽي تي لطف اندوز ٿيندا آهن۔رات جي وقت ٿر جي اوطاقن جو رخ ڪندا آهن پنهنجي فرمائش مطابق ٿر جي ماڻهن کان ٿر جون ڀاڄيون پچارائي کائيندا آهن ٿر جي رات به پرسڪون ماحول واري هوندي آهي هن سال رب پاڪ ٿر پارڪر جي مٿان اڃان به برسات جي سخت ضرورت آهي مالڪ خير جون برساتون وسا۽ فصلن ۾ برڪت عطا فرمائي قرب مهربانيون وڏا وڙ ۔
ٿرمنهنجو شل همشيه آباد هجي 🥀🥀

17/07/2025

*بريڪنگ نيوز – مٺي*
رپورٽر حافظ عبدالڪريم بجير۔
مٺي-ڏيپلو روڊ تي جلال جي وانڊ وٽ رات دير سان افسوسناڪ واقعو: جمعون ولد موسيٰ ڳوٺ مالهيار بجير جي واڙي تان 2 ٻڪرا چور چوري ڪري ويا۔

ڀاڳين جا ٻئي هٿ مٿي تي، ڳوٺاڻا پريشان، پير موجود، پوليس خاموش۔
ٿرپارڪر ۾ چوريون روزاني معمول بڻجي ويون آهن، جڏهن ته پوليس چورن جي سامهون بي وس بڻيل آهي۔

علائقي واسين اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته امن امان کي بهتر بڻايو وڃي ۽ چورن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي۔

12/07/2025

*پريس رليز*
*ڏيپلو – رپورٽر حافظ عبدالڪريم بجير*

تعلقه ڏيپلو جي ڳوٺ *ڪاٺو سمان* ۽ *کٿوريو سمان* جي رهواسين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو آهي ته:

اسان جي ڳوٺ جي آس پاس جي سرڪاري گئوچر زمينن تي بااثر ماڻهن غيرقانوني طور قبضا ڪري، زمينون ڪڍي آباد ڪري ڇڏيون آهن، جنهن سبب ڳوٺاڻن جا رواجي گس، پنڌ، ۽ مال جا چراگاه مڪمل طور بند ٿي ويا آهن۔

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت طرفان به ليٽر جاري ٿيل آهي ته جيڪڏهن ڪو به ماڻهو غيرآباد سرڪاري زمين کي قبضو ڪري آباد ڪندو ته ان خلاف قانوني ڪاروائي ٿيندي۔

*مطالبو:*
مختيارڪار ڏيپلو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڏيپلو، ۽ ڊي سي ٿرپارڪر *عبدالحليم جاگيراڻي* کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو پاڻ زمينون ڏسي جاچ ڪن، ۽ جيڪي ماڻهو غيرقانوني طور آباد ڪري ويٺا آهن، انهن خلاف سخت قانوني قدم کنيو وڃي ۽ بند ٿيل مال جا چراگاه فوري طور کوليا وڃن۔

تعلقو۔ هيڊ ڪوارٽر اسپتال ڏيپلو جو جئي حال پڇندين ته روئي پوندين۔😭😭 ڏيپلو شهر ڪافي مسئلن جي ورچڙهيل آهي ڪڏهن مٺي پاڻي جو ...
08/07/2025

تعلقو۔ هيڊ ڪوارٽر اسپتال ڏيپلو جو جئي حال پڇندين ته روئي پوندين۔😭😭
ڏيپلو شهر ڪافي مسئلن جي ورچڙهيل آهي ڪڏهن مٺي پاڻي جو اشو ڪڏهن گٽرن جو نظام درهم برهم ڪڏهن گلين جي روڊ رستن جا انيڪ سارا مسئلا درپيش آهن ٽائون جو به مال کائي کوکلو ڪري ڇڏيو ننڌڻڪو لاوارث شهر جو ڪير به ڌڻي سا۽ ڪونهي هر ڪنهن کي بس پنهنجي پيٽ جو فڪر آهي ڏيپلو شهر ميمڻن سان آباد هو هاڻ ڏيپلو شهر جي حالت تمام خراب ٿيڻ لڳي ڏيپلو شهر جو نظام ڪرپٽ وڏيرن ڀوتارن جي هٿ ۾ ٿيڻ لڳو هر طرف تباهي لڳي پئي آهي منشيات به جئين جو تئين هلڻ لڳي سرعام گهرن گهٽين گلين ٻاهر ڳوٺن تائين سپلائي ٿيڻ لڳي ڪا به روڪ ڪونهي ڪير جيڪڏهن ڳالهائي يا لکي ٿو ان لا۽ ڌمڪيون ملن ٿيون سجي نظام جي تباهي هٿن سان ڪرڻ لڳا ۔ هن وقت مين اشو ڏيپلو اسپتال جي خسته زبون حالي جو شڪار ٿيل مونکي اها ڳاله سهمجه ۾ ڪونه ٿئي اچي ايتري ساري بجيٽ ڪيڏانهن ٿي وڃي ڏيپلو اسپتال جي حالت ڏسي اوهان کي روئڻ ايندو اوهان اندر ويندا جهڙو ڪنهن کنڊرات ويران جڳه ۾ويا هجو قبرستان وارو ماحول لڳو پيو آهي برسات دوران جيڪو ڦڙو برسات جو ڪري سڀ کان پهرين اسپتال ۾ ڪري بيڊن رومن لائيٽ جو نظام بلڪل ختم ڪافي قدر عملو غير حاضرگهرويٺي پگهار کڻڻ لڳا ڊاڪٽرياڻيون 4.5کان آهن ڊيوٽي تي هڪ اڌ اچي ٿئي هڪ اڌ ڊاڪٽرويزا تي ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ويل آهي ڪير به هن لاوارث اسپتال جو ڌڻي سا۽ ڪونهي رات جي وقت بلڪل علاج نالي ماتر ٿيڻ لڳو ڪئي مريض ترت علاج نه ٿيڻ جيڪي ڪري زندگي جي جنگ هارائي ويا غريب ڪنهن کي دانهن ڏين جيڪڏهن ڪير دانهن ڪري ٿو ان کي ڌمڪايو يا ماٺ ڪرايو وڃي ٿو توهان تي ڪيس داخل ٿيندو اسپتال جي ڪنهن به عملي سان بدتميزي ڪئي ايف آء آر داخل ٿيندي ويندي آهي يا خاموش ڪرڻ لا۽ ايم ايس سميت ڊاڪٽر عملو معافي وٺڻ لا۽ وارثن وٽ تڏي تي پهچندي ويندا آهن بس نظام ڏيپلي جو سجو ائين پيو هلي غريب جو ڪير به ساٿي ڪونهي۔ غريب جيڪڏهن ٿاڻي تي وڃي ٿو ان جي داد فرياد ايس ايڇ او صاحب ٻڌڻ لا۽ تيار ڪونهي اسپتال ۾غريب ڪو وڃي ٿو ته ڊاڪٽر صحيح علاج ڪرڻ لا۽ تيار ڪونهي نادرا آفيس ۾ جيڪڏهن غريب ويچارو وڃي ٿو سجو ڏينهن تڙپي ٿو ڪير ٻڌڻ لا۽ تيارڪونهي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پيسه سو به غريب جي پيسن مان ڪٽوتي ٿيڻ لڳي جيڪڏهن ڪيس ٿئي ته غريب جو ٻار ڦاٿل امير جو پٽ خون ڪري اچي ان کي معاف آهي سجو نظام تباه ٿيڻ لڳو۔ ڏيپلو اسپتال تي ڪئي مون جهڙا لکي لکي ٿڪي پيا مگرڪنهن به چونڊيل نمائندن جي مٿي تي جون به ڪا نه ٿئي چري بس مال ملي پيو عوام در در جا ڌڪا کائي وڏيرن جي گهرن جا علاج ٻاهر ملڪ ۾ٿين انهن جي ٻارن جي تعليم به ٻاهر ملڪن ۾ ٿئي غريبن جي ٻارن کي سرڪاري ڪتاب به ملڻ هن دور ۾ مشڪل ٿي پيو آهي تعلقو ڏيپلو جي اسپتال جي مٿان ڌيان ڏيو اسپتال خود دانهي پئي مونکي اوهان ڪرپٽ ٽولي کائي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي آئون آخري اسٽيج تي آهيان منهنجا پساه پورا ٿيڻ وارا آهن مون کي جئيڻ ڏيو يا مونکي ڪنهن ٻئي هنڌ تبديل ڪري مون کي صحيح نموني زندگي گذارڻ ڏيو مون مان اوهان پنهنجا پيٽ گهر گاڏيون بنگلا ٺاهيا ڪجه ته رحم ڪري منهنجي مرمت ڪيو ڇو اچي مون کي تباه ڪيو آهي۔ ڏيپلو اسپتال ڏينهن رات پڪاري پئي مونکي ڪنهن جي حوالي ڪيو آهي ڪير به ڌڻي سا۽ ڪونهي سڀ دشمن ٿي مون پويان لڳا آهن بس منهنجي فرياد ڪنهن دک ڀري انسان کي آهي ته ترت مونکي نئي سر بلڊنگ سان تيار ڪري بهتر نموني مون مان فائدو وٺو۔ ڏيپلو اسپتال لا۽ اسان جو ڏک ڏوراپو چونڊيل نمائندن کي آهي مهرباني ڪري تعلقه ڏيپلو جي اسپتال نئي هنڌ منتقل ڪري سٺي بلڊنگ ٺاهي راس ڪري عوام جو سک آسائش علاج لا۽ قدم کڻو ڏيپلو اسپتال ڪنهن مسيحا جي منتظر آهي جنهن ۾ خوف خدا جو ڊپ هجي ڏيپلو جي عوام جو اپيل آهي مهرباني ڪري هن اسپتال طرف ڌيان ڏيو خسته حالي زبون حالي جو بدترين کنڊرات جو شڪار بڻيل ننڌڻڪي لاوارث اسپتال ڏيپلو۔ ۔ بقلم حافظ عبدالڪريم بجير سماجي ورڪر ۔😭😭

Address

Mithi Tharparkar
Mithi

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Dharti Time Diplo posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share