سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي يوسي چنيسر 1 نوابشاھ

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي يوسي چنيسر 1 نوابشاھ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي يوسي چنيسر 1نوابشاه🇧🇭
ڳوٺ علي حسن مگسي

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعو نوابشاهه جي اهم تنظيمي اجلاس ۾ سياسي صورتحال جو جائزو، 22 آگسٽ جي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي احتجاج ۾ ڀرپ...
14/08/2026

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعو نوابشاهه جي اهم تنظيمي اجلاس ۾ سياسي صورتحال جو جائزو، 22 آگسٽ جي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت جو فيصلو
نوابشاهه: سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعو نوابشاهه طرفان تعلقي نوابشاهه ۽ ميونسپل ڪارپوريشن نوابشاهه جي تنظيمي ڪانگريس جو اهم اجلاس ضلعي صدر خميسو خان ڀنڊ جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري مجيب ماڇي ۽ ڊويزنل صدر ڊاڪٽر زين ڀٽو خصوصي شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ضلعي سينيئر نائب صدر گل حسن رند، ضلعي نائب صدر آڪاش لاکو، ضلعي سيڪريٽري غلام مصطفيٰ ڪيريو، ضلعي انفارميشن سيڪريٽري علي سومرو سميت تعلقي نوابشاهه جي صدر ميرجان مگسي، نائب صدر وحيد مٺياڻي، سيڪريٽري مشتاق مگسي، ميونسپل ڪارپوريشن نوابشاهه جي صدر ڊاڪٽر ممتاز تصور ڦل، ميونسپل سيڪريٽري ساجد ڪيريو ۽ تعلقي، ميونسپل ڪارپوريشن، ٽائونن، يونين ڪائونسلن ۽ وارڊن جي صدرن ۽ سيڪريٽرين سميت وڏي انگ ۾ تنظيمي عهديدارن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي تنظيمي صورتحال، موجوده سياسي حالتن، سنڌ کي درپيش اهم مسئلن ۽ عوامي مسئلن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پارٽي جي تنظيمي ڍانچي کي تعلقي، ٽائون، يونين ڪائونسل ۽ وارڊ سطح تائين وڌيڪ فعال ۽ مضبوط بڻائي عوام سان رابطن کي وڌايو وڃي ۽ سنڌ جي بنيادي مسئلن بابت سياسي جدوجهد کي وڌيڪ منظم ڪيو وڃي.
اجلاس ۾ سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال تي پڻ تفصيلي بحث ڪيو ويو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته سنڌ جي وسيلن، پاڻي، زمين، قومي حقن ۽ عوامي مفادن جي تحفظ لاءِ سياسي ۽ جمهوري جدوجهد کي وڌيڪ منظم انداز ۾ اڳتي وڌايو ويندو.
اجلاس ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي طرفان 22 آگسٽ تي اعلانيل احتجاج بابت پڻ اهم فيصلو ڪيو ويو. ضلعي قيادت فيصلو ڪيو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعو نوابشاهه طرفان احتجاج ۾ ڀرپور ۽ منظم شرڪت ڪئي ويندي، جڏهن ته تعلقي، ميونسپل، ٽائون، يونين ڪائونسل ۽ وارڊ سطح جي سمورن تنظيمي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي احتجاج ۾ شرڪت لاءِ متحرڪ ڪيو ويندو.
اڳواڻن چيو ته سنڌ جي سياسي، معاشي ۽ قومي مفادن سان لاڳاپيل معاملن تي خاموشي اختيار ڪرڻ بدران جمهوري، آئيني ۽ پرامن سياسي جدوجهد ذريعي پنهنجو آواز بلند ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هنن ڪارڪنن تي زور ڏنو ته هو عوام سان مسلسل رابطي ۾ رهن ۽ سنڌ جي مسئلن بابت عوامي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار وڌيڪ مؤثر بڻائين.
اجلاس جي پڄاڻي تي ضلعي قيادت ان عزم جو اظهار ڪيو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعو نوابشاهه سنڌ جي وحدت، وسيلن، پاڻي ۽ قومي حقن جي تحفظ سان گڏ عوام جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي سياسي ۽ جمهوري جدوجهد جاري رکندي ۽ ايندڙ سمورين عوامي سرگرمين ۾ تنظيمي نظم ۽ اتحاد سان ڀرپور ڪردار ادا ڪندي.

علي سومرو
ضلعي انفارميشن سيڪريٽري
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، ضلعو نوابشاهه

26/07/2026

سنڌو تي ڌاڙو نامنظور،ڪئنال سمورا نامنظور
ڪئنال ٺاھيندين،پادر کائيندين..


پريس رليز:سنڌ يونائيٽڊ پارٽي مرڪز جي سڏ تي جلال پور ڪئنال سميت سنڌ درياهه تي ٺھندڙ سمورن ڪئنالن ۽ ڊئمن خلاف سنڌ يونائيٽڊ...
26/07/2026

پريس رليز:

سنڌ يونائيٽڊ پارٽي مرڪز جي سڏ تي جلال پور ڪئنال سميت سنڌ درياهه تي ٺھندڙ سمورن ڪئنالن ۽ ڊئمن خلاف سنڌ يونائيٽڊ پارٽي تعلقي نوابشاهه پاران سڪون هوٽل کان نوابشاهه پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
ريلي جي اڳواڻي تعلقي صدر ميرجان مگسي ڪئي، جڏهن ته ميونسپل صدر ڊاڪٽر ممتاز تصور ڦل، ساجد ڪيريو، مشتاق مگسي، وحيد مٺياڻي، افضل ملاح، دوست علي جمالي، ٽائون ڄام صاحب جي آرگنائيزر زوار شاهه، نظام جمالي، علي احمد بروهي، امام علي بروهي، نياز مگسي، ناصر مگسي ۽ جي ايم ماڇي سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.
نوابشاهه پريس ڪلب آڏو اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي عوام جلال پور ڪئنال کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو ۽ سنڌو کي ڪو به نئون ڪئنال يا ڊئم منظور ناهي.
اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ درياهه سنڌ جي حياتي آهي ۽ ان تي ڪنهن به قسم جي قبضي يا پاڻي جي ورڇ ۾ ناانصافي خلاف جدوجهد جاري رهندي. هنن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي عوام جا خدشا ختم ڪندي جلال پور ڪئنال ۽ ٻين متنازع منصوبن کي فوري طور ختم ڪيو وڃي.

Talka NawabShah

سنڌيونائيٽيڊ پارٽي جا بھادر ڪارڪن جلال پور ڪئنال خلاف 26 جولائي تي سموري سنڌ ۾ ڀرپور احتجاج ڪرڻ جي تياري ڪن...سنڌو تي ڌا...
21/07/2026

سنڌيونائيٽيڊ پارٽي جا بھادر ڪارڪن جلال پور ڪئنال خلاف 26 جولائي تي سموري سنڌ ۾ ڀرپور احتجاج ڪرڻ جي تياري ڪن...
سنڌو تي ڌاڙو نامنظور،ڪئنال سمورا نامنظور
ڪئنال ٺاھيندين،پادر کائيندين..

20/07/2026

اسان اوهان وٽ سنڌ دشمن رٿائن کان آگاه ڪرڻ پهتا آهيو ته سنڌ جو ناڻو، معدنيات، وسيلا، جاگرافي خطري ۾ آهي، سنڌ جو پئسو سنڌ خلاف ٿيندڙ منصوبن تي خرچ پيو ٿئي جنهن ۾ سوديبازي جي ذميوار پيپلزپارٽي آهي. سيد زين شاھ

19/07/2026

محبوب ليڊر ♥️

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ سان مورو سانحي جي ڪيسن ۾ ٻارنهن مهينا قيد ڪاٽي ايندڙ اسيرن جي آزاديءَ کان...
19/07/2026

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ سان مورو سانحي جي ڪيسن ۾ ٻارنهن مهينا قيد ڪاٽي ايندڙ اسيرن جي آزاديءَ کانپوءِ مجيد ڪيريو واري بنگلي تي ملاقات.

پريس پڌرائي21 اپريل 2026عمھراڻ يونيورسٽي ڄامشوروسنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سياف) مرڪزي جنرل سيڪريٽري زبير حسن پنهور...
24/04/2026

پريس پڌرائي
21 اپريل 2026ع
مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو

سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سياف) مرڪزي جنرل سيڪريٽري زبير حسن پنهور مھراڻ يونيورسٽي پھچي يونيورسٽي جي شاگردن سان سياسي، علمي، تعليمي ڪچھري ڪئي، ڪچھري دوارن سياف جي تنظيمي پروگرام، جدوجھد تي تفصيلي ڳالھ ٻول ڪئي، شاگردن پاران سوالن جوابن جو سلسلو پڻ ٿيو.

مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي مختلف ڊپارٽمينٽس جي شاگردن سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي تنظيمي پروگرام، آئين منشور جدوجھد مان متاثر ٿيندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي قيادت سائين جلال محمود شاھ، سائين زين شاھ تي اعتماد ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شموليت اختيار ڪئي

ان موقعي تي مھراڻ يونيورسٽي ۾ سياف کي تنظيمي طور آرگنائيز ڪندي ٻن مهينن ٽي رُڪني آرگنائيزنگ باڊي جوڙي ويئي

چيف آرگنائيزر : عدنان پنهور
ڊپٽي آرگنائيز: فيصل مگسي
آرگنائيزر: سردار ٿيٻو

مقرر ڪيل آرگنائيزنگ ڪابينہ کي حلف کڻائي تنظيم کي اداري منظم ۽ متحرڪ ڪرڻ جو عهد ڪيو ويو،
انهي موقعي تي سياف سنڌ يونيورسٽي قيادت آفتاب سنڌي، نور چانڊيو، وسيم، شفيق، الطاف مري پڻ موجود هيا.

سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن مرڪز

04/04/2026

Address

Village Ali Hassan Magsi NAWABSHAH
Nawabshah

Telephone

+923411691148

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي يوسي چنيسر 1 نوابشاھ posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share