Jeay Sindh Student's Federation SBBU Nawabshah JSSF JSQM

Jeay Sindh Student's Federation SBBU Nawabshah JSSF JSQM Better Education Better Politics

جيئي سنڌجيئي شاگرد جدوجهد سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي  شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ جساف آريسر ميرپورخاص جي صدر فر...
16/08/2026

جيئي سنڌ
جيئي شاگرد جدوجهد

سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ جساف آريسر ميرپورخاص جي صدر فراز لغاري جي گهر تي حملو ڪري سندس ڀيڻ سنڌ جي قومي شهيد ايڪتا دراوڙ (سويرا لغاري) کي شهيد ڪرڻ ۽ ميرپورخاص انتظاميه ۽ پوليس طرفان مسلسل لغاري برادري جي ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ، گرفتار ڪرڻ خلاف شهيد بيظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ احتجاج ڪيو ويو

سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي
شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاه

16/08/2026

اگر رياست اڃا به نٿي مڙي صوبن جي ڳالھ تان ته جساف وري ٻٻرلي کان وڏي ۽ طاقتور تحريڪ ھلائيندي🚩💯
゚viralシ

19/07/2026

جساف شهيد بشير خان مرڪزي صدر حنان عباسي جساف مرڪزي ماليات سيڪريٽري آزادار چانڊيو جساف ضلعي ملير صدر وهاب گبول.جي گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي پوليس کي چتاءُ ٿا ڏيون ٿا ته اڳواڻن کي فلفور آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو

جساف مرڪز

06/07/2026

سنڌوديش مقدر آ
سائين جي ايم سيد رھبر آ

بھتر تعليم بھتر سياست

ھلو ھلو ميرپورماٿيلو پيالا ھوٽل بائي پاس ھلو

سنڌ شاگرد مارچ

جساف شھيد بشير خان مرڪز طرفان شاگردن جي اھم مسئلن تي سنڌ شاگرد مارچ ڪيو ويندو جنھن ۾ سموري سنڌ جي باشعور ساٿين کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي.

مارچ جون ايجنڊائون
(1)سنڌ جي تعليمي ادارن اندر نياڻين کي حراسمينٽ ڪرڻ بند ڪريو.
(2)گھوٽڪي ضلعي کي جنرل يونيورسٽي ڏيو.
(3)سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن مان فورسز جي مداخلت ختم ڪريو.
(4)ڪراچي جي تعليمي ادارن مان ڪي ايس پي پاليسي ختم ڪريو.
(5)گھوٽڪي ضلعي کي زھريلي پاڻيءَ مان جاند ڇڏائي پيئڻ جو صاف پاڻي ڏيو.
(6)سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ بند ڪريو.

(6) ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن جي والار بند ڪريو.

تاريخ ۽ وقت:-
12 جولائي 2026ع آچر ڏھاڙي 11 وڳي
ھنڌ: ميرپورماٿيلو پيالا ھوٽل بائي پاس کان ڀٽائي چوڪ تائين.

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جساف شھيد بشير خان مرڪز.

08/05/2026

جساف شهيد بشير خان مرڪزي صدر عبدالحنان عباسي جساف نوابشاه ڊويزن طرفان تعليمي ادارن ۾ حراسمينٽ خلاف ۽ حراسمينٽ سبب خودڪشي ڪندڙ شاگردياڻين سان انصاف لاءِ نڪرندڙ احتجاجي مارچ ۾ خطاب ڪندي.

06/05/2026

جيئي شاگرد سياست
جيئي شاگرد جدوجهد

دنيا جي تعليمي ادارن تي نظر وجهنداسين ته اسان کي اهو معلوم ٿيندو ته اتي شاگردن توڙي شاگردياڻين جي نه صرف تعليمي، پر فڪري تربيت پڻ ڪئي ويندي آهي. ان سان گڏ اتي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مڪمل تحفظ پڻ فراهم ڪيو ويندو آهي.
پاڪستان جنهن جي وجود ۾ اچڻ شرط ئي سنڌ جو استحصال مختلف وقتن ۽ مختلف طريقن سان ڪيو ويو آهي، اهو چاھي مذهبي انتهاپسندي هجي، ڪارونجهر جي ڪٽائي هجي، وسيلن تي قبضو هجي يا وري انهن ماڻهن جي صورت ۾ هجي جيڪي رياستي پگهار تي رکيل هجڻ باوجود شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سهولتون ڏيڻ بجاءِ کين حراسان ڪن ٿا.

تازو ئي محمدي ميڊيڪل ڪاليج ميرپورخاص جي شاگردياڻي ڊاڪٽر فهميده لغاري جيڪا انهيءَ فرسوده نظام هيٺ هڪ اهڙي پروفيسر جو شڪار ٿي جيڪو پاڻ رياستي پگهار تي ڀرتي ٿيل هو، آخرڪار شاگردياڻي خودڪشي ڪري پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو.
ٻئي پاسي تازو ئي مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ايم فل جي شاگردياڻي سوڀ خاصخيلي ڪيترائي ڏينھن اڳ شڪايت ڪئي ته هڪ استاد ڪاشف ابڙو کيس حراسان ڪندو رهيو آهي، شڪايت ڏيڻ باوجود يونيورسٽي انتظاميه ۽ استاد برادري ان استاد کي بچائڻ لاءِ سرگرم آهن ۽ حراسمينٽ ڪاميٽي جاچ ڪرڻ کان ئي جواب ڏئي ڇڏيو آهي.

انهن ئي فرسوده سوچ رکندڙ سماج ۾ رهندڙ وحشي درندن کي سزا ڏيارڻ ۽ سمورن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انصاف ڏيارڻ لاءِ قوم پرست شاگرد اتحاد طرفان شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه ۾ (بلاڪ) ٽو کان (بلاڪ) ون تائين "اينٽي هراسمنٽ ريلي" ڪڍي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو.
ان موقعي تي قوم پرست شاگرد اتحاد جي شاگردن وچن ڪيو ته اسان جي تعليمي ادارن ۾ ڪا به شاگردياڻي پاڻ کي اڪيلو نه سمجهي ۽ قوم پرست شاگرد سياست جا هٿ مضبوط ڪيا وڃن.

"اينٽي حراسمينٽ ريلي" ۾ مختلف ڊپارٽمينٽس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

قوم پرست شاگرد اتحاد شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي (نوابشاهه)

جيئي شاگرد سياست جيئي شاگرد جدوجهد شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاه جي قوم پرست شاگرد اتحاد طرفان شهيد بينظير ڀٽو يونيو...
05/05/2026

جيئي شاگرد سياست
جيئي شاگرد جدوجهد

شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاه جي قوم پرست شاگرد اتحاد طرفان شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاه ۾ "اينٽي حراسمينٽ ريلي" جو اعلان ڪجي ٿو.

ڪافي عرصي کان سنڌ جي تعليمي ادارن اندر شاگردياڻين ۽ شاگردن کي مختلف طريقن سان حراسمينٽ ڪري خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي،
حراسمينٽ سبب خودڪشي ڪندڙ ڊاڪٽر فهميده لغاري، آصف نور بليدي سميت سمورن شاگردياڻين ۽ شاگردن جي خُون سان انصاف ڪيو وڃي.
تازو ئي مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ هڪ استاد ڪاشف ابڙو طرفان حراسمينٽ جو شڪار شاگردياڻي سوڀ خاصخيلي سان انصاف ڪيو وڃي.
اھڙي شاگرد دشمن ۽ تعليم دشمن واقعن خلاف شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي قوم پرست شاگرد اتحاد طرفان "اينٽي حراسمينٽ" ريلي ڪڍي احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آهيون.
اسين سُبو يونيورسٽي جي شاگردن توڙي شاگردياڻين سميت سمورن مڪتب فڪر جي دوستن کي اپيل ٿا ڪريون ته "اينٽي حراسمينٽ ريلي" ۾ وڌ کان وڌ شرڪت ڪن.

تاريخ: 6 مئي 2026ع
ڏينهن : اربع
ٽائيم: 10 بجي صبح
جڳھ: بلاڪ 2 کان بلاڪ 01 تائين

قوم پرست شاگرد اتحاد
شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه

Address

Shaheed Benazir Bhutto University Shaheed Benazirabad
Nawabshah
67450

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Jeay Sindh Student's Federation SBBU Nawabshah JSSF JSQM posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share