02/09/2026
اي انسان! ذرا سوچ🤲
هن دنيا ۾ تون ڇا گڏ کڻي آيو هئين؟
ڪجهه به نه
هٿ خالي آيو هئين ۽ هٿ خالي ئي ويندين
پوءِ هي تڪبر ڇا جو؟
هي غرور ۽ آڪڙ ڇا جي؟
هي مال جو نشو، هي عهدي جي وڏائي هي جهيڙا ۽ فساد ڇو؟
هڪ دفعو قبرستان وڃي ڏس
اتي بادشاهه به آهي ۽ فقير به
امير به آهي ۽ غريب به.
پر فرق ڪو به نه
سڀ مٽي ۾ گڏ ستل آهن
نه محل ڪم ايندو نه گاڏي، نه دولت
ياد رکو اي انسان
هي دنيا فاني آهي اڄ اسان جي ب آهي سڀاڻي ڪنهن ٻئي جي ھوندي
جيستائين ساهه آهي چڱائيو ڪري وڃ انسانن سان
ڪنهن جي دل نه ٽوڙ ڪنهن سان ٺڳي نه ڪر