10/05/2024
لڙڪن جي زبان
ھڪ ڏينھن
ھن مون کان پڇيو
تون
مون کان بنا
ڪيئن پيو جئين..؟؟
مون ھن کي ڏٺو
اکيون نم ٿي ويون,
اکيون چار ٿيون ،
لڙڪن ڳل پسائي ڇڏيا.
پوء
ڪير ڪجه نه ڪڇيو
لب خاموش رھيا
۽
اکيون ٽمنديون رھيون..!!