نوجوان سياسي اتحاد ـــ يوسي ڍنڍي

نوجوان سياسي اتحاد ـــ يوسي ڍنڍي نوجوان سياسي اتحاد - نئين سوچ، نئون سفر

نوجوان سياسي اتحاد ۽ بمبلي مائنر جي آبادگارن جي جدوجهد جاري — سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڪانٽيمٽ آف ڪورٽ پٽيشن جا نوٽيس جاريبمب...
29/08/2026

نوجوان سياسي اتحاد ۽ بمبلي مائنر جي آبادگارن جي جدوجهد جاري — سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڪانٽيمٽ آف ڪورٽ پٽيشن جا نوٽيس جاري

بمبلي مائنر جي پڇڙي تائين پاڻي پهچائڻ ۽ آبادگارن جي جائز حقن جي حصول لاءِ داخل ڪيل آئيني پٽيشن کان پوءِ هاڻي ڪانٽيمٽ آف ڪورٽ جي ڪارروائي پڻ اڳتي وڌي وئي آهي.

بمبلي مائنر جي آبادگارن پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ، سکر بينچ ۾ داخل ڪيل ڪانٽيمٽ آف ڪورٽ جي ٻڌڻي لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي عدالت پاران نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

نوٽيس موجب ايريگيشن ۽ سيڊا جي لاڳاپيل آفيسرن کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جن ۾ Managing Director SIDA حيدرآباد، Director SIDA گھوٽڪي، Executive Engineer Irrigation گھوٽڪي/ميرپور ماٿيلو، SDO Irrigation خانڳڙهه ۽ داروغو بمبلي مائنر شامل آهن.

ڪيس جي ٻڌڻي: 8 آڪٽوبر 2026
عدالت: سنڌ هاءِ ڪورٽ، سکر بينچ

هي ڪارروائي ان جدوجهد جو اهم حصو آهي، جيڪا بمبلي مائنر جي پڇڙي جي آبادگارن پاران سالن کان پاڻي جي جائز حق لاءِ جاري آهي.

پاڻي پڇڙي تائين پهچائڻ، آبادگارن کي سندن حق ڏيارڻ ۽ بمبلي مائنر جي مسئلي جو مستقل حل ئي اسان جو بنيادي مطالبو آهي.

هي رڳو پاڻي جو مسئلو ناهي؛ هي آبادگارن جي حق، روزگار ۽ مستقبل جو سوال آهي.

نوجوان سياسي اتحاد جي وفد جي ايم پي اي ڄام اڪرام اللّٰه ڌاريجو سان اهم ملاقاتنوجوان سياسي اتحاد ــ يونين ڪاؤنسل ڍنڍي جي ...
25/08/2026

نوجوان سياسي اتحاد جي وفد جي ايم پي اي ڄام اڪرام اللّٰه ڌاريجو سان اهم ملاقات

نوجوان سياسي اتحاد ــ يونين ڪاؤنسل ڍنڍي جي وفد پاران يونين ڪاؤنسل جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ڪراچي ۾ ايم پي اي ڄام اڪرام اللّٰه ڌاريجو سان اهم ملاقات ڪئي وئي.

وفد ۾ محمد علي مهر، غلام سرور مهر، سيڪريٽري ميڊيا سيل محبوب علي ۽ روشن علي شامل هئا.

ملاقات دوران يونين ڪاؤنسل ڍنڍي جي عوام کي درپيش اهم مسئلن تي تفصيلي طور تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جن ۾ خاص طور تي:

• يونين ڪاؤنسل جي ڳوٺن کي ملائيندڙ روڊن جي تعمير ۽ مرمت
• بمبلي مائنر جو پاڻي پڇڙي تائين پهچائڻ
• آبادگارن کي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائڻ
• علائقي جي ٻين بنيادي مسئلن جو حل۔

وفد پاران ايم پي اي ڄام اڪرام اللّٰه ڌاريجو آڏو عوام جون تڪليفون ۽ سالن کان درپيش مسئلا رکيا ويا ۽ مطالبو ڪيو ويو ته يونين ڪاؤنسل ڍنڍي کي نظرانداز ڪرڻ بدران بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ عملي قدم کنيا وڃن.

ڄام اڪرام اللّٰه ڌاريجو پاران وفد کي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن سهڪار ۽ ڪوشش ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي.

نوجوان سياسي اتحاد جو موقف آهي ته يونين ڪاؤنسل ڍنڍي جي عوام جي جائز حقن ۽ بنيادي سهولتن لاءِ پرامن، جمهوري ۽ منظم جدوجهد جاري رهندي.

نوجوان سياسي اتحاد — زنده باد

14/08/2026

14 آگسٽ — حقيقي آزادي جو عزم

آزادي صرف جشن جو نالو ناهي؛ آزادي انصاف، برابري، عزت ۽ بنيادي حقن جو نالو آهي.

اچو ته هن 14 آگسٽ تي عزم ڪريون ته ناانصافي خلاف آواز بلند ڪنداسين، پنهنجي حقن لاءِ پرامن جدوجهد جاري رکنداسين ۽ اهڙي پاڪستان لاءِ ڪوشش ڪنداسين، جتي هر شهري کي برابر حق، انصاف ۽ موقعا حاصل هجن.

حقيقي آزادي، حقن جي حفاظت ۽ انصاف جي جدوجهد سان ئي مڪمل ٿيندي.

✨نوجوان سياسي اتحاد — نئين سوچ، نئون سفر✨

بمبلي مائنر جي ٽيل تائين پاڻي نه پهچڻ خلاف آبادگارن جو هڪ دفعو ٻيهر عدالت سان رابطوبمبلي مائنر جي ٽيل تائين پاڻي نه پهچا...
11/08/2026

بمبلي مائنر جي ٽيل تائين پاڻي نه پهچڻ خلاف آبادگارن جو هڪ دفعو ٻيهر عدالت سان رابطو

بمبلي مائنر جي ٽيل تائين پاڻي نه پهچائڻ ۽ ايريگيشن کاتي پاران ٽيل جي آبادگارن کي مسلسل نظرانداز ڪرڻ خلاف بمبلي مائنر جي زميندارن پاران ايريگيشن کاتي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ ڪنٽيمٽ آف ڪورٽ جي درخواست داخل ڪري هڪ دفعو ٻيهر انصاف لاءِ عدالت جو در کڙڪايو ويو آهي.

آبادگارن جو موقف آهي ته عدالتي حڪمن ۽ اڳوڻين يقين دهانين باوجود بمبلي مائنر جي ٽيل تائين پاڻي جي فراهمي کي يقيني نه بڻايو ويو، جنهن سبب ٽيل جا آبادگار ڊگهي عرصي کان سخت پريشاني ۽ نقصان کي منهن ڏئي رهيا آهن.

عدالت ۾ ڪنٽيمٽ جي درخواست داخل ٿيڻ ۽ نوٽيس جاري ٿيڻ کانپوءِ ايريگيشن کاتي جي لاڳاپيل عملدارن ۽ آفيسرن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي.

آبادگارن جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي جائز حق، پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ۽ عدالتي حڪمن تي عملدرآمد لاءِ هر قانوني ۽ آئيني فورم تي جدوجهد جاري رکندا.

07/08/2026

يونين ڪاؤنسل ڍنڍي ۾ پاڻي، روڊ، اسپتال، اسڪول ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي شديد کوٽ خلاف نوجوان سياسي اتحاد جي طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

احتجاج جي اڳواڻي لياقت مهر، انور حسين مهر، سڪندر علي ۽ انور علي ڪئي، جڏهن ته نوجوان سياسي اتحاد جي ٻين ميمبرن سميت علائقي جي وڏي انگ ۾ رهواسين پڻ شرڪت ڪئي.

شرڪت ڪندڙن مطالبو ڪيو ته يونين ڪاؤنسل ڍنڍي کي بنيادي سهولتون فراهم ڪري عوام جا ڊگهي عرصي کان رهيل مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو.

28/07/2026

رپورٽ: امير مھر(ڌرتي ٽي وي)

بمبلي مائنر جي پڇڙي جي آبادگارن سان مسلسل ناانصافي بند ڪئي وڃي۔

نوجوان سياسي اتحاد – يونين ڪاؤنسل ڍنڍي پاران وائيس چيئرمين انور حسين مھر جي اڳواڻي ۾ بمبلي مائنر جي پڇڙي تائين پاڻي نه پهچڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

احتجاج ۾ وائيس چيئرمين انور حسين مھر، غلام سرور مھر، علي رياض، عاشق مھر، حاجي نصير احمد، عبداللّٰہ، نور حسن، غلام شبير سميت وڏي انگ ۾ آبادگارن ۽ نوجوانن شرڪت ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته بمبلي مائنر جي ٽيل واري علائقي جا آبادگار گذريل 15 سالن کان مسلسل پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. پاڻي نه ملڻ سبب هزارين ايڪڙ زرعي زمينون بنجر بڻجي ويون آهن، فصل تباهه ٿي ويا آهن ۽ ڪيترائي آبادگار پنهنجا ڳوٺ ڇڏي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. پڇڙي جي آبادگارن سان سالن کان ٿيندڙ هي ناانصافي هاڻي وڌيڪ برداشت نه ڪئي ويندي.

احتجاج ڪندڙن وڌيڪ چيو ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ هر آبادگار جو بنيادي حق آهي، پر افسوس جو بمبلي مائنر جي پڇڙي وارن کي مسلسل نظرانداز ڪيو ويو آهي، جنهن سبب علائقي جي زراعت، معيشت ۽ ماڻهن جي زندگي سخت متاثر ٿي آهي.

نوجوان سياسي اتحاد سنڌ حڪومت، آبپاشي کاتي ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪري ٿو ته بمبلي مائنر جي پڇڙي تائين فوري طور پاڻي پهچايو وڃي ۽ آبادگارن سان ٿيندڙ ناانصافي جو خاتمو ڪيو وڃي.

احتجاج ڪندڙن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا جلد پورا نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو ۽ پنهنجن آئيني ۽ قانوني حقن جي تحفظ لاءِ ٻيهر سنڌ هاءِ ڪورٽ سان به رجوع ڪيو ويندو.

نوجوان سياسي اتحاد – يونين ڪاؤنسل ڍنڍي

✨نوجوان سياسي اتحاد – نئين سوچ، نئون سفر✨اڄ تاريخ 18 جولاءِ 2026، ڇنڇر تي ڳوٺ حاجي عبدالحليم مھر ۾ حاجي لعل محمد مھر جي ...
18/07/2026

✨نوجوان سياسي اتحاد – نئين سوچ، نئون سفر✨

اڄ تاريخ 18 جولاءِ 2026، ڇنڇر تي ڳوٺ حاجي عبدالحليم مھر ۾ حاجي لعل محمد مھر جي اوطاق تي نوجوان سياسي اتحاد جي اهم گڏجاڻي منعقد ٿي، جنهن جي شروعات تلاوتِ ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي.

گڏجاڻي دوران نوجوان سياسي اتحاد جي مقصد، منشور ۽ هيل تائين ڪيل عوامي خدمتن تي تفصيلي روشني وڌي وئي. خاص طور تي بمبلي مائنر ۾ پڇڙي تائين پاڻي پهچائڻ واري تحريڪ جو ذڪر ڪيو ويو، جنهن ۾ اتحاد جي ڪوششن سان زميندارن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ويو. ان کان پوءِ عدالت جو در کڙڪايو ويو ۽ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ قانوني جدوجهد شروع ڪئي وئي.

ان موقعي تي چيو ويو ته هن تحريڪ ۾ اتحاد جي اڳواڻن هميشه اڳڀرا ٿي عوام سان گڏ بيٺا.
بمبلي مائنر واري ڪيس ۾ خاص طور وائيس چيئرمين انور حسين مھر ۽ ميمبر غلام سرور مھر جي مسلسل جدوجهد، همت ۽ عوامي خدمتن کي ساراهيو ويو، جن هر مرحلي تي فرنٽ لائن تي رهي بمبلي مائنر ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ۽ علائقي جي حقن لاءِ آواز اٿاريو.

گڏجاڻي ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ گڏجاڻي ۾ نوجوان سياسي اتحاد جي قيادت جي چونڊ لاءِ واضح لائحه عمل تيار ڪري باقاعده چونڊون ڪرايون وينديون، جيئن تنظيم کي وڌيڪ منظم، مضبوط ۽ جمهوري بنيادن تي اڳتي وڌايو وڃي.

شرڪت ڪندڙن ايندڙ بلدياتي چونڊن تي پڻ تفصيلي خيال ونڊيو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته يونين ڪاؤنسل ڍنڍي مان نوجوان سياسي اتحاد پنهنجا اميدوار ميدان ۾ لاٿا ويندا. ان موقعي تي چيو ويو ته علائقي جا ماڻهو سالن کان ووٽ ڏيندا رهيا آهن، پر چونڊن کان پوءِ کين نظرانداز ڪيو ويندو آهي ۽ بنيادي مسئلا جتي جو تتي رهجي ويندا آهن. تنهن ڪري هاڻي وقت اچي ويو آهي ته علائقي جي نمائندگي اهڙا ماڻهو ڪن، جيڪي عوام جي وچ ۾ رهن، سندن مسئلن کي سمجهن ۽ عملي طور انهن جي حل لاءِ ڪم ڪن.

گڏجاڻي جي صدارت وائيس چيئرمين انور حسين مھر، غلام سرور مھر ۽ سيڪريٽري ميڊيا سيل محبوب علي ڪئي.

آخر ۾ شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا تفصيلي جواب ڏنا ويا. گڏجاڻي ۾ اهو پڻ متفقه فيصلو ڪيو ويو ته نوجوان سياسي اتحاد کي وڌيڪ مضبوط ۽ منظم بڻائڻ لاءِ گهر گهر وڃي ماڻهن سان رابطا ڪيا ويندا، کين تنظيم جي مقصدن کان آگاهه ڪيو ويندو ۽ وڌيڪ نوجوانن کي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني ويندي، جيئن گڏيل جدوجهد ذريعي علائقي جي حقن، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ مؤثر آواز اٿاريو وڃي.

الحمدللّٰه ڪريم بخش ولد غلام محمد مھر اسان کي ملي ويو آھي سڀني دوستن جي مهرباني.
16/07/2026

الحمدللّٰه ڪريم بخش ولد غلام محمد مھر اسان کي ملي ويو آھي سڀني دوستن جي مهرباني.

Address

Union Council Dhandhi
Rohri

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when نوجوان سياسي اتحاد ـــ يوسي ڍنڍي posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share