UC Misri Khan Chandio-PPP

  • Home
  • UC Misri Khan Chandio-PPP

UC Misri Khan Chandio-PPP Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from UC Misri Khan Chandio-PPP, Political organisation, Village Sardar Bhanbho Khan Chandio,Uc misri khan chandio,tahseel Miro Khan , Dist:Kamber Shahdadkot, .

جيئي ڀٽو.....جيئي عوام.....سدا جيئي اڄ تاريخ 3/3/2026 بروز اڱارو پاڪستان پيپلز پارٽي يوسي مصري خان چانڊيو جي ماھوار مي...
03/03/2026

جيئي ڀٽو.....جيئي عوام.....سدا جيئي
اڄ تاريخ 3/3/2026 بروز اڱارو پاڪستان پيپلز پارٽي يوسي مصري خان چانڊيو جي ماھوار ميٽنگ زيرِ صدارت قائم مقام صدر زاھد حسين چانڊيو صاحب جن جي ڳوٺ ڀنڀو خان چانڊيو ۾ ٿي گذري۔
ميٽنگ جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي ۽ پارٽي شهيدن لاء پڻ دعا مغفرت گهري وئي۔
ميٽنگ جي ايجنڊا:
ورسي قائد و باني ايٽامڪ پاور ملڪ جو پهريون چونڊيل وزير اعظم شهيد چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي04 اپريل تي ورسي، پارٽي ماهوار گڏجاڻي ۽ هلندڙ ترقياتي ڪمن بابت ميٽنگ ڪئي وئي۔
شهيد قائد جي پرعقيدت ورسي ملھائڻ لاء تمام گهڻي انگ ۾ پارٽي ورڪرز، همدردن ۽ جيالن سميت عوام سان شانه بشانه گڏجي ھلڻ جي تياري ڪرڻ جو جائزو وٺي فيصلو ڪيو ويو۔
ماھوار ميٽنگ ۾ پارٽي ورڪرن پنھنجا پنهنجا رايا، تجويزون ۽ هلندڙ ترقياتي ڪمن بابت مشورا به پيش ڪيا ان سان گڏوگڏ ميٽنگ جي ڪاروائي جا تمام منٽس پڻ لکت ۾ آندا وياـ
اڄوڪي ميٽنگ ۾ گهڻي انگ ۾ پارٽي ورڪرن جيالن شرڪت ڪئي، آخر ۾ جيئي ڀٽو جي نعرن سان ميٽنگ جي پڄاڻي ٿي گذري۔

جيئ ڀٽو      جيئي عوام      سدا جيئي 09 نومبر 2025ع  پريس ريليز: پاڪستان  پيپلز پارٽي يونين ڪاؤنسل مصري خان چانڊيو  ج...
09/11/2025

جيئ ڀٽو جيئي عوام سدا جيئي
09 نومبر 2025ع
پريس ريليز:
پاڪستان پيپلز پارٽي يونين ڪاؤنسل مصري خان چانڊيو جي ماھوار ميٽنگ صوبائي صدر پاڪستان پيپلز پارٽي جناب نثار احمد کھڙو صاحب جن جي حڪم موجب ٿي گذري٠
ميٽنگ جي صدارت پاڪستان پيپلز ڀارٽي يو سي مصري خان چانڊيو جي صدر عبدالصمد گوپانگ صاحب جن ڪئي، ميٽنگ جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي، ميٽنگ جي ڪاروائي جنرل سيڪريٽري گلاب خان چانڊيو ھلائي، ميٽنگ ۾ سينئير نائب صدر رئيس زاھد خان چانڊيو صاحب، انفارميشن سيڪريٽري محمد قاسم آرائين صاحب ، ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري آصف علي عباسي صاحب، سيڪريٽري فنانس محمد عمر تونيو صاحب جن شرڪت ڪئي.
پارٽي جي تمام عھديدارن ۽ ورڪرن طرفان چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي جناب بلاول ڀٽو زرداري صاحب تي اعتماد جو اظهار ڪيو ويو ۽ پنھنجون پنھنجون تجويزون پيش ڪيون ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اي_196 _ايم پي اي : پي ايس 15، ضلع چيئرمين ۽ يونين ڪاؤنسل چيئرمين جي ڪيل ڪمن جي پڻ تعريف ڪئي ۽ پارٽي جو يوم تاسيس ملھائڻ جي لاء ڀرپور شرڪث جو وچن پڻ ڪيو ويو٠
آخر ۾ جيئي ڀٽو جيئي بلاول جيئي بينظير جي نعرن سان اڄو ڪي ميٽنگ جي ڪاروائي پوري ڪئي۔

🇱🇾🇱🇾جيئي ڀٽو جيئي عوام🇱🇾🇱🇾يونين ڪائونسل مصري خان چانڊيو     جيئن ته سنهڙو واھ ۽ وڏو واھ ڳوٺ ڊٻ چانڊيا خان, ڳوٺ الهيار مس...
20/09/2025

🇱🇾🇱🇾جيئي ڀٽو جيئي عوام🇱🇾🇱🇾
يونين ڪائونسل مصري خان چانڊيو

جيئن ته سنهڙو واھ ۽ وڏو واھ ڳوٺ ڊٻ چانڊيا خان, ڳوٺ الهيار مستوئي وايا ڳوٺ سردار ڀنڀو خان چانڊيو جي رستي تان گذرندڙ ھن ٻنهي واٽر ڪورسن جي مٿان ڪراس پلن جي هڪ پاسي کان ڇت ڊھي پئي هئي ۽ پلن ۾ خال پئجي ويا هئا۔
جنهن ڪري هتان گذرڻ ۾ دشواري ٿيندي هئي ۽ امڪاني حادثات جو خوف به۔
اسين بيحد شڪر گذار آهيون
پاڪستان پيپلز پارٽي چيئر مين يونين ڪائونسل مصري خان چانڊيو و جنرل سيڪريٽري تعلقو ميروخان
❤محترم سردار ڀنڀو خان چانڊيو❤
۽ ڊسثرڪٽ ڪائونسل ميمبر
🌷محترم عامر خان گوپانگ🌷
جن جي مهرباني سان ٻنهي ڪراس پلن جو ڪم هلي رهيو آھي۔

20-09-2025🇱🇾🇱🇾جيئي ڀٽو جيئي عوام 🇱🇾🇱🇾ديهه ڊرٻ چانڊيو يوسي مصري خان چانڊيو:ديهه ڊرٻ چانڊيو جي مختلف ڳوٺن جي ماروئڙن ۾ يوس...
20/09/2025

20-09-2025
🇱🇾🇱🇾جيئي ڀٽو جيئي عوام 🇱🇾🇱🇾
ديهه ڊرٻ چانڊيو يوسي مصري خان چانڊيو:
ديهه ڊرٻ چانڊيو جي مختلف ڳوٺن جي ماروئڙن ۾ يوسي چيئرمين مصري خان چانڊيو (جنرل سيڪريٽري تعلقه ميروخان)سردار ڀنڀو خان چانڊيو طرف کان سولر پليٽ ورهايون ويون ، رهيل ڳوٺن ۽ ديهه مصري خان ۾ پڻ سولر پليٽ ورهايون وينديون.
🇱🇾🇱🇾جيئي ڀٽو جيئي عوام 🇱🇾🇱🇾

🇱🇾🇱🇾جيئي ڀٽو جيئي عوام🇱🇾🇱🇾18-08-2025يوسي مصري خان چانڊيو @ ڳوٺ سردار ڀنڀو خان چانڊيو:يوسي مصري خان چانڊيو جي چيئرمين ڀنڀ...
18/08/2025

🇱🇾🇱🇾جيئي ڀٽو جيئي عوام🇱🇾🇱🇾
18-08-2025
يوسي مصري خان چانڊيو @ ڳوٺ سردار ڀنڀو خان چانڊيو:

يوسي مصري خان چانڊيو جي چيئرمين ڀنڀو خان چانڊيو (جنرل سيڪريٽري تعلقه ميروخان)اڄ يوسي جي ٻن وارڊن ۾ وارڊ علي شير گوپانگ ۽ وارڊ ڪرم علي گوپانگ جي ڪافي ڳوٺن جي ماروئڙن ۾ سولر پليٽ ورهايون ويون ، ورهاست ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر يوسي مصري خان چانڊيو مير عامر علي گوپانگ، ،يوسي صدر عبدالصمد گوپانگ ،يوسي جنرل سيڪريٽري گلاب چانڊيو، سيڪريٽري اطلاعات محمد قاسم ، جنرل ڪائونسلر امير جان چانڊيو، نديم رشيد چانڊيو، هاري ڪميٽي صدر تعلقه ميرو خان محمد صالح چانڊيو ،آصف علي ڪلهوڙو، گلزار عمراڻي ۽ ٻيا عهديدار پڻ موجود رهيا، وارڊ ڊرٻ چانڊيو ۽ وارڊ مصري خان چانڊيو جي ماروئڙن ۾ پڻ سولر پليٽون پڻ ورهايون وينديون.
🇱🇾🇱🇾جيئي ڀٽو جيئي عوام🇱🇾🇱🇾

03.03.2025🇱🇾جيئي ڀٽو جيئي عوام 🇱🇾   يوسي مصري خان چانڊيو اسين شڪرگذار آهيون پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت چيئرمين بلاول ڀ...
03/03/2025

03.03.2025
🇱🇾جيئي ڀٽو جيئي عوام 🇱🇾
يوسي مصري خان چانڊيو
اسين شڪرگذار آهيون پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صاحب ، مردِ حرجناب آصف زرداري صاحب ،ميدم فريال ٽالپر صاحبه ، سنڌ جي صدر ايم پي اي PS-15 نثار احمد کهڙو صاحب ، ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو صاحب ،ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي صدر حاجي قمرالدين گوپانگ ،ضلعي جي قيادت ،تعلقه ميرو خان جي صدر مير مخدوم مگسي،
تعلقه جنرل سيڪيٽري رئيس ڀنڀو خان چانڊيو ، تعلقي رابطا سيڪريٽري عمران احمد بروهي صاحب ،يوسي مصري خان چانڊيو جو صدر عبدالصمدگوپانگ،يوسي جنرل سيڪيٽري گلاب خان چانڊيو ،يوسي جي تنظيم گلزار عمراڻي صاحب ،آصف علي ڪلهوڙو صاحب ، فرمان چانڊيو ء پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي ٽيم سان گڏجي ڳوٺن ۾ ترقياتي ڪمن جا نشان لڳايا ويا.
جن ۾ ڳوٺ رئيس ڀنڀو خان چانڊيو ، ڳوٺ سهراب خان لغاري ،ڳوٺ سرمست عمراڻي، ڳوٺ خاوندڏنو ڪلهوڙو ،ڳوٺ ڪرم علي گوپانگ ۽ ڳوٺ عبد الوهاب تنيو ڳوٺن جي گهٽين ۾ آيل اسڪيمن جا نشان لڳايا ويا جيڪو انشاءَالله جلد ڪم شروع ٿيندو .
🇱🇾جيئي ڀٽو جيئي ڀٽو 🇱🇾

28.02.2025🇱🇾جيئي ڀٽو جيئي عوام 🇱🇾ايم اين اي NA-196 محترم خورشيد احمد جوڻيجو صاحب جي تعاون سان مليل اسڪيمن جا نشان لڳايا ...
01/03/2025

28.02.2025
🇱🇾جيئي ڀٽو جيئي عوام 🇱🇾
ايم اين اي NA-196 محترم خورشيد احمد جوڻيجو صاحب جي تعاون سان مليل اسڪيمن جا نشان لڳايا ويا
اسان شڪرگذار آهيون پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صاحب ، مردِ حرجناب آصف زرداري صاحب ،ميدم فريال ٽالپر صاحبه ، سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو صاحب ، ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي صدر حاجي قمرالدين گوپانگ ،ضلعي جي قيادت ،تعلقه ميرو خان جي صدر مير مخدوم مگسي،
تعلقه جنرل سيڪيٽري رئيس ڀنڀو خان چانڊيو ، تعلقي رابطا سيڪريٽري عمران احمد بروهي صاحب ،تعلقه ريڪارڊ سيڪريٽري نديم چانڊيو،يوسي مصري خان چانڊيو جو صدر عبدالصمدگوپانگ،يوسي جنرل سيڪيٽري گلاب خان چانڊيو ،رئيس جان محمد چانڊيو،حامد چانڊيو،فرمان چانڊيو ،سائين شبير چانڊيو حاجي ساجد چانڊيو گڏجي رورل ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جي ٽيم سان گڏجي ڳوٺ رئيس ڀنڀو خان چانڊيو ۾ ٺاراڻي محلا ، ڳوٺ ڇُٽوگڊو،ڳوٺ ڊرب چانڊيو۽ ڳوٺ ميرداد گوپانگ ڳوٺن جي گهٽين ۾ نشان لڳايا ويا جيڪو انشاءَالله جلد ڪم شروع ٿيندو .
🇱🇾جيئي ڀٽو جيئي ڀٽو 🇱🇾

06/02/2025

پ پ پ يونين ڪائونسل مصري خان چانڊيو
ميڊيا ڪوريج:
يو سي اندر ترقياتي ڪمن جي حوالي سان ٻن وارڊن/ ديهن اندر مختلف ڳوٺن ۾ پيور بلاڪس وغيره لاء گهٽين ۾ پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ ٽيم ۽ تعلقا قيادت سان گڏجي نشان ڏنا ويا۔

🇱🇾🇱🇾جيئي ڀٽو جيئي عوام 🇱🇾🇱🇾تاريخ 05-02-2025يوسي مصري خان چانڊيو تعلقا ميرو خان پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه عوام جو ساٿ ڏين...
05/02/2025

🇱🇾🇱🇾جيئي ڀٽو جيئي عوام 🇱🇾🇱🇾
تاريخ 05-02-2025
يوسي مصري خان چانڊيو تعلقا ميرو خان

پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه عوام جو ساٿ ڏيندي خدمت ڪندي رهي آهي، اسان شڪرگذار آهيون پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صاحب، ڪو چيئرمين آصف علي زرداري صاحب، ميدم فريال ٽالپر صاحبه، سنڌ جو صدر ايم پي اي نثار احمد کهڙو صاحب، ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو صاحب, ضلعي قمبر شهداڪوٽ جو صدر حاجي قمرالدين گوپانگ، تعلقي جي قيادت صدر مير مخدوم مگسي، جنرل سيڪيٽري تعلقه ميرو خان و يوسي چيئرمين ڀنڀو خان چانڊيو جن جا سندن محنتن سان يوسي مصري خان چانڊيو ۾ اڄ مليل پيور بلاڪس جن مان ڪجهه ڳوٺن جون گهٽيون اڄ پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي ٽيم سان گڏجي نشان لڳايا ويا، ڪم تقريبن هفتي اندر شروع ٿيندا، ان بعد باقي رهيل ڳوٺن جا نشان پڻ لڳايا ويندا.
انهي دوران پارٽي جا عهديدار دوست پڻ شريڪ رهيا، جن ۾ تعلقه نائب صدر قمرالدين کهيڙو، نديم چانڊيو تعلقه ريڪارڊ سيڪريٽري، يوسي سينئر نائب صدر رئيس زاهد حسين، جنرل سيڪيٽري گلاب خان، اعظم خان چانڊيو، يوسي ڊپٽي جنرل سيڪيٽري امير جان چانڊيو، حامد چانڊيو، فرمان چانڊيو، ساجد علي، سائين غلام شبير، محمد علي بنگلاڻي ۽ پارٽي جا ٻيا دوست بہ شريڪ رهيا.
🇱🇾🇱🇾 جيئي ڀٽو جيئي عوام 🇱🇾🇱🇾

04-12-2024🇱🇾🇱🇾جيئي ڀٽو جيئي عوام🇱🇾🇱🇾يوسي مصري خان چانڊيو تعلقه ميرو خان پاڪستان پيپلز پارٽي عامر خان گوپانگ ضلعي ميمبر ي...
04/12/2024

04-12-2024
🇱🇾🇱🇾جيئي ڀٽو جيئي عوام🇱🇾🇱🇾
يوسي مصري خان چانڊيو
تعلقه ميرو خان پاڪستان پيپلز پارٽي

عامر خان گوپانگ ضلعي ميمبر يوسي مصري خان چانڊيو ، رئيس ڀنڀو خان چانڊيو چيئرمين يوسي مصري خان چانڊيو(جنرل سيڪيٽري تعلقه ميرو خان)، نديم احمد چانڊيو، عبدالصمد گوپانگ صدر يوسي مصري خان چانڊيو اڄ يوسي مصري خان چانڊيو جي ڳوٺ ڀنڀو خان چانڊيو ،ڳوٺ ڊرٻ چانڊيو ،ڳوٺ دوست محمد مستوئي ،خاوند ڏنو ڪلهوڙو ۽ يوسي مصري خان جي مختلف ڳوٺن ۾ ونجي ضلعي ڪاؤنسل طرف کان مليل اسٽريٽ لائيٽ جا نشان ڏنا ٺيڪيدار بہ موجود رهيا جيڪو ڪم هڪ کان ٻن ڏينهن اندر شروع ٿي ويندو
گڏجاڻي دوران يوسي مصري خان جي ديهن جا ڪائونسلر امير جان چانڊيو،مختيار چانڊيو(ڊرٻ چانڊيو),پاڪستان پيپلز پارٽي يوسي مصري خان جا عهديدار جنرل سيڪيٽري گلاب چانڊيو،اعظم خان چانڊيو ، گلزار عمراڻي ،آصف ڪلهوڙو، دلبر چانڊيو(صدر تعلقه هاري ڪميٽي) ،عرفان عباسي ،رئيس ديدار چانڊيو،گدا حسين چانڊيو ، حامد علي ،عبدالخالق چانڊيو ۽ ٻيا ساٿي پڻ موجود رهيا.
🇱🇾🇱🇾جيئي ڀٽو جيئي عوام 🇱🇾🇱🇾

ڳوٺ سردار ڀنڀو خان چانڊيو تعلقه ميرو خان قمبر شہدادکوٹ  ۾ سھڪار سوشل ويلفئير ايسوسئيشن طرفان جونيئر ڀنڀو خان چانڊيو ص...
28/07/2024

ڳوٺ سردار ڀنڀو خان چانڊيو تعلقه ميرو خان قمبر شہدادکوٹ ۾ سھڪار سوشل ويلفئير ايسوسئيشن طرفان جونيئر ڀنڀو خان چانڊيو صاحب جي اڳواڻي ۾ وڻڪاري مھم جی شروعات ڪريون ٿا جنهن ۾ نج سنڌي وڻ پپل نم ٽاري, سھانجھرو ٻٻر, ٻير باھڻ وغيره 600 وڻن جي پوکائي جي شروعات ڪري رھيا آھيون
سھڪار سوشل ويلفيئر ايسوسئيشن
Sahkar social welfare association🌲🌴

Address

Village Sardar Bhanbho Khan Chandio,Uc Misri Khan Chandio,tahseel Miro Khan , Dist:Kamber Shahdadkot

77270

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when UC Misri Khan Chandio-PPP posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

  • Want your organization to be the top-listed Government Service?

Share