Odho Forum Sindh

Contact the organization

Odho Forum Sindh خدمت تمام انسانیت کیلے ھمارا فرض جینا اپنے لئے نھیں دوسروں کیلے ۔۔۔🇵🇰

محمدپور اوڍو پهچي آءِ جي سنڌ سردارزاده جاويد عالم خان اوڍو، طالب نبي اوڍو، طارق خان اوڍو، عامر خان اوڍو، سردار علي احمد ...
27/09/2026

محمدپور اوڍو پهچي آءِ جي سنڌ سردارزاده جاويد عالم خان اوڍو، طالب نبي اوڍو، طارق خان اوڍو، عامر خان اوڍو، سردار علي احمد خان اوڍو ۽ سردارزاده رضوان خان اوڍو، سردارزاده حاجي نبي بخش خان اوڍو جي نمازِ جنازي ۾ شرڪت ڪئي.
الله پاڪ مرحوم جي مغفرت فرمائي، سندس درجات بلند فرمائي، کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سمورن سوڳوارن کي صبرِ جميل عطا فرمائي.
آمين يا رب العالمين 🤲🏻

إِنَّا لِلّهِ وَإِنَّـا إِلَيْهِ رَاجِعونَ  ﷲ پاک درجات بلند عطا فرمائي آمين ياررب العالمين  🤲🏻 مرحوم سردارزادھ الحاج نب...
26/09/2026

إِنَّا لِلّهِ وَإِنَّـا إِلَيْهِ رَاجِعونَ

ﷲ پاک درجات بلند عطا فرمائي آمين ياررب العالمين 🤲🏻
مرحوم سردارزادھ الحاج نبي بخش خان اوڍو ھن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن
الله پاڪ مرحوم جي مغفرت فرمائي، کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندس سڀني پونئيرن، وارثن ۽ لاڳاپيلن کي هي وڏو صدمو برداشت ڪرڻ لاءِ صبرِ جميل عطا فرمائي.
اسين هن ڏک جي گهڙيءَ ۾ مرحوم جي وارثن ۽ پونئيرن سان برابر جا شريڪ آهيون.
آمين يا رب العالمين۔
😢🤲🏻

12/09/2026

سنڌ حڪومت جو اهم فيصلو: پهرين جنوري 2027ع کان رٽائر ٿيندڙ ملازمن کي رٽائرمينٽ واري ڏينهن ئي پينشن ادا ڪئي ويندي
سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ پينشن ۽ ميڊيڪل ري ايمبرسمنٽ بابت اهم اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ، سيڪريٽري خزانو، سيڪريٽري سروسز، سيڪريٽري صحت ۽ سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن سميت لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
پهرين جنوري 2027ع کان رٽائر ٿيندڙ سرڪاري ملازمن کي رٽائرمينٽ واري ڏينهن ئي پينشن جي ادائيگي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي.
چيف سيڪريٽري چيو ته سرڪاري ملازم کي ملازمت جي آخري ڏينهن تي ئي پينشن ۽ بنيادي مالي واجبات ملڻ گهرجن.
سمورن صوبائي کاتن کي هدايت ڪئي وئي ته التوا هيٺ پينشن بل ٽن مهينن اندر ڪليئر ڪيا وڃن.
رٽائرڊ ملازمن کي پينشن حاصل ڪرڻ لاءِ سرڪاري آفيسن جا چڪر نه لڳائڻا پون.
پينشن جي بروقت ادائيگي لاءِ مربوط نظام جوڙيو وڃي.
سيڪريٽري سروسز جي سربراهي ۾ بين المحڪماتي ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.
ٽاسڪ فورس ۾ اي جي سنڌ، خزانو، صحت، جنرل ايڊمنسٽريشن ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا نمائندا شامل هوندا.
پينشن جي بروقت ادائيگي لاءِ ضرورت مطابق قواعد ۾ ترميمون پڻ تجويز ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.
پينشن جي ادائيگي بابت حتمي عملي فريم ورڪ هڪ هفتي اندر پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.
ميڊيڪل ري ايمبرسمنٽ بابت به اهم هدايتون
اجلاس ۾ سرڪاري ملازمن جي ميڊيڪل ري ايمبرسمنٽ ڪليمز ۾ دير جو پڻ جائزو ورتو ويو.
دير جا سبب نامڪمل دستاويز، اي-ويئري فڪيشن ۽ NAC جاري ٿيڻ ۾ دير ڄاڻايا ويا.
چيف سيڪريٽري چيو ته ميڊيڪل ڪليمز ۾ دير جو مسئلو پاليسي يا فنڊن جي کوٽ نه، پر انتظامي رڪاوٽن سبب آهي.
ميڊيڪل ري ايمبرسمنٽ ۾ غير ضروري ڪاغذي ڪارروائي ختم ڪئي وڃي.
سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن کي ميڊيڪل ري ايمبرسمنٽ جي طريقيڪار جو گڏيل جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي.
اي جي سنڌ، خزاني، سروسز ۽ ٻين کاتن کي ميڊيڪل ڪليمز جو طريقو آسان ۽ تيز بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي.
سرڪاري ملازمن ۽ سندن خاندانن لاءِ ميڊيڪل ڪليمز جو نظام سولو، تيز ۽ شفاف بڻايو وڃي.
چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه چيو ته سرڪاري ملازمن کي پينشن ۽ ميڊيڪل واجبات حاصل ڪرڻ لاءِ غير ضروري دفتري مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻ گهرجي.
Copied...

09/09/2026

سولر سسٽم جو باب بند ٿيڻ وارو آهي۔ چين ونڊ ٽربائن لانچ ڪيا آهن جيڪي سولر سسٽم کان سستا آهن ۽ 24 ڪلاڪ بجلي فراهم ڪندا.

راجا خان عرف راجو اوڍو پريالوء م نامعلوم هٿيار بندن هٿان شھید .😭
04/09/2026

راجا خان عرف راجو اوڍو پريالوء م نامعلوم هٿيار بندن هٿان شھید .😭

29/08/2026

سرڪار طرفان ڪروڙين روپيا شاگردن جي پڙهائي ۾ مدد لاء ضلعي جي زڪوات ۽ ري هيبليٽيشن واري کاتي ۾ ايندا آهن جن جي آفس ڊي سي آفس ۾ آهي۔ نوجوانن کي معلومات نه هئڻ ڪري هر سال پئسا lapse ٿي ويندا آهن۔ وڃو ۽ فائدو وٺو.

گورنمينٽ آف سنڌ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۽ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور کي ادب سان گذارش آهي ته:تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور جي ڳوٺ دا...
27/08/2026

گورنمينٽ آف سنڌ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۽ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور کي ادب سان گذارش آهي ته:
تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور جي ڳوٺ دايا سون واھ جتي وڏي تعداد ۾ اوڍا برادري جا ماڻهو رهن ٿا، اتي موجود گورنمينٽ پرائمري اسڪول دايا سون واھ جي بلڊنگ گذريل تقريبن 10 کان 15 سالن کان ڪريل ۽ خستہ حالت ۾ پيل آهي.
هن اسڪول ۾ اڳ ۾ تقريبن 300 ٻار تعليم حاصل ڪندا هئا، پر اسڪول جي بلڊنگ جي خراب حالت سبب هاڻي اسان جا ٻار تعليم کان محروم ۽ دربدر ٿي ويا آهن. نه اسڪول جي مناسب عمارت آهي ۽ نه ئي ٻارن لاءِ تعليم جو ڪو مناسب بندوبست.
اسان ڳوٺاڻن ڪيترن ئي سالن کان مختلف آفيسرن ۽ لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪيو آهي، پر افسوس جو اڃا تائين ڪو به عملي تدارڪ نه ڪيو ويو آهي. اسڪول سرڪاري رڪارڊ ۾ فنڪشنل ڏيکاريو وڃي ٿو، پر حقيقت ۾ اسان جي ٻارڙن جي تعليم جو مسئلو اڃا تائين حل طلب آهي.
اسان جي گورنمينٽ آف سنڌ، ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۽ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور کان پرزور اپيل آهي ته هن معاملي جو فوري نوٽيس وٺي اسڪول جي عمارت جي تعمير يا مرمت ڪرائي وڃي، استادن جي حاضري ۽ اسڪول جي عملي صورتحال جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي، ۽ اسان جي ٻارن لاءِ باقاعده تعليم جو بندوبست ڪيو وڃي.
خدارا! اسان جي ٻچڙن جي مستقبل تي رحم ڪيو وڃي، ته جيئن اهي به تعليم جهڙي زيور سان سنورجي پنهنجي منزل حاصل ڪري سگهن.
درخواست گذار:
ڳوٺاڻا، گورنمينٽ پرائمري اسڪول دايا سون واھ
تعلقو ڳڙهي ياسين، ضلعو شڪارپور
مهرباني ❤🙏

27/08/2026
گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ پناهه اوڍو جي ڳوٺاڻن کي گذارش آهي ته مهرباني ڪري اسان کي ٻڌايو ته اسڪول جي مينٽيننس جو ڪم ٿيو...
27/08/2026

گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ پناهه اوڍو جي ڳوٺاڻن کي گذارش آهي ته مهرباني ڪري اسان کي ٻڌايو ته اسڪول جي مينٽيننس جو ڪم ٿيو آهي يا نه؟
جيڪڏهن ٿيو آهي ته مهرباني ڪري اسڪول جون تصويرون ۽ معلومات موڪلي اسان جي رهنمائي ڪريو ته جيئن حقيقي صورتحال سامهون اچي سگهي.
مهرباني 🙏

Address

Shikarpur
7800

Opening Hours

Monday 11:00 - 23:50
Tuesday 10:00 - 21:45
Wednesday 10:00 - 22:00
Thursday 10:00 - 22:00
Friday 11:00 - 23:00
Saturday 10:00 - 23:00
Sunday 10:00 - 23:30

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Odho Forum Sindh posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Odho Forum Sindh:

Shortcuts

Share

Category