08/09/2026
پريس رليز
تاريخ : 2026-09-08
پي ايس ايف مھراڻ يونيورسٽي پاران سنڌ ڌرتي ماءُ ۽ ۱۲ سيپٽيمبر تي ايم آر ڊي جي شھيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاء گڏجاڻي۔
ڄامشورو: پي ايس ايف مھراڻ يونيورسٽي جي صدر لالا عُتبان جي ھدايتن تي مھراڻ يونيورسٽي جي سینٽرل ۾ شاگردن جي گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي.
گڏجاڻي ۾ سينيئر نائب صدر لاليت ڪمار،پي ايس ايف مھراڻ يونيورسٽي جي سرگرم ڪارڪن رقيب وِرڪ سميت ٻين مختلف ڊپارٽمنٽن شاگردن شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ”سنڌ ڌرتي ماءُ“ جي پيغام کي عام ڪرڻ، سنڌ جي تاريخي، ثقافتي ۽ جاگرافيائي بابت شاگردن ۾ شعور وڌائڻ تي غور ڪيو ويو
ان موقعي تي شاگردن پاران ان عزم جو پڻ اظھار ڪيو ويو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ پاران منعقد ٿيندڙ ريلين، سيمينارن ۽ ٻين جمهوري سرگرمين ۾ شاگرد ڀرپور جوش ۽ جذبي سان شرڪت ڪندا ۽ سنڌ جي وحدت بابت شعور اجاگر ڪرڻ واري معاملي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.
پي ايس ايف مھراڻ يونيورسٽي جي اڳواڻن چيو ته يونيورسٽين جا شاگرد سنڌ جي تاريخ، ثقافت، وحدت ۽ مستقبل بابت باشعور آهن ۽ ”سنڌ ڌرتي ماءُ“ جي پيغام کي هر ڊپارٽمنٽ تائين پهچائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.
جاري ڪندڙ
انفارميشن سيڪرٽري سپاف مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو