JSQM Media Cell

JSQM Media Cell Jeay Sindh Qaumi Mahaz(JSQM) Media Cell Visit websit. www.jsqm.webs.com Visit JSQM Media Cell Youtube Channel http://www.youtube.com/jsqmmediacell

13/01/2025
18/04/2024

https://youtu.be/gqgWPfSo5jo
Sain G M Syed Biography 2024 || سائين جي ايم سيد جي حياتيءَ جو مختصر احوال ||

https://www.youtube.com/watch?v=gqgWPfSo5joSain G M Syed Biography 2024 || سائين جي ايم  سيد جي حياتيءَ جو مختصر احوال |...
17/04/2024

https://www.youtube.com/watch?v=gqgWPfSo5jo
Sain G M Syed Biography 2024 || سائين جي ايم سيد جي حياتيءَ جو مختصر احوال ||

سائين جي ايم سيد جي حياتيءَ جو مختصر احوالسائين جي ايم سيد 17 جنوري 1904ع تي ڇنڇر جي رات ساڍي 11 وڳي سن...

07/04/2024

شھيد بشير خان قريشي

Syed Munir Hyder Shah

01: https://youtube.com/shorts/AKYwLUyk19M?feature=share
02 : https://youtube.com/shorts/jkDzq6d3eFE?feature=share
03 : https://youtube.com/shorts/V7ih9EnmZq0?feature=share
04 : https://youtube.com/shorts/BBulWW3_pDc?feature=share
05 : https://youtu.be/XstN2CEf2GU
06 : https://youtu.be/wEkSKFqL-qs
---------------
Pir Pagaro | Abdul Wahid Arisar | Muhammad Ibrahim Joyo | Rashid Morai | Aijaz Mangi | Naseer Memon | Ja Shaheed_E_Sindhudesh Basheer Khan Qureshi Babat Weechar | Youtube Status |

سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي شهيد بشير خان قريشي کي ڀيٽا....سُورهيه سنڌ سلام کرڙي کائي رتُ، ڀت نه وجهي وات ۾،پِڙ ۾ په...
07/04/2024

سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي شهيد بشير خان قريشي کي ڀيٽا....
سُورهيه سنڌ سلام
کرڙي کائي رتُ، ڀت نه وجهي وات ۾،
پِڙ ۾ پهلوانن جي، ويٺي پرکي پت،
جنين نيڻ نست، نينهن نه لائي تن سين.
(خليفو نبي بخش)
هن دنيا ۾ ماڻهو ايندا آهن ۽ ماڻهو ويندا رهندا آهن. اهڙو سلسلو تڏهن کان هلندو اچي، جڏهن کان بني نوع آدم هن ڌرتيءَ تي وجود ورتو. اتهاس جي مختلف دورن ۾ ايئن ئي ماڻهو ايندا ۽ ويندا رهيا آهن، جهڙيءَ ريت اسين اڄڪلهه ڏسون پيا. انهن بنهه گهڻن ماڻهن منجهان رڳو ڪي ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي پنهنجن پنهنجن سماجن، قومن ۽ ملڪن لاءِ پنهنجي ڪم ۽ ڪردار جي حوالي کان اعليٰ نشان ڇڏي ويندا آهن ۽ پوءِ اهڙا نشان اڳيان ايندڙ پيڙهين جي رهنمائي ڪندا رهندا آهن. شهيد بشير خان قريشي به پنهنجي ڪردار ۽ ڪم جي حوالي کان اسان لاءِ اهڙا نشان ڇڏي ويو آهي.
سنڌ ۾ به مختلف وقتن تي اهڙا ماڻهو پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن پنهنجي وطن ۽ وطن واسين لاءِ پنهنجي پوري ڄمار ارپي ڇڏي ۽ جن محنت ۽ محبت سان زمانن جي ضميرن تان زنگ لاٿا ۽ جن تاريخ کي نوان رُخ ۽ سرچشما ميسر ڪري ڏنا. شهيدِ سنڌ بشير خان قريشي، سنڌ جو صالح ۽ سٻاجهو پُٽ، پڻ اهڙن ماڻهن منجهان آهي، جن پنهنجي پوري ڄمار پنهنجن ننگن ۽ دنگن جي حفاظت واسطي ارپي ڇڏي هئي. هن لاءِ جيڪڏهن زندگيءَ ۾ ڪا شيءِ اهم هئي ته اهو سائين جي. ايم. سيد جو فڪر ئي هو، جنهن کي مشعل راهه بڻائي هو اڳتي وڌندو رهيو. سندس اوچتي وڇوڙي کان پوءِ هر پاسي سوڳواريءَ جي ڪيفيت آهي ۽ اهڙيءَ ڪيفيت جو اڀرڻ فطري پڻ آهي، ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي لڳاتار سياسي پورهيي ۽ ڪردار وسيلي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن ۾ اها جاءِ ٺاهي ورتي هئي، جيڪا ڪنهن ڪنهن سياسي اڳواڻ يا ڪارڪن جي حصي ۾ ايندي آهي.
شهيدِ سنڌ بشير خان قريشي اهڙن ماڻهن منجهان هو جيڪي ”ٻري ٻاريندا آهن“، جيڪي ”آرامان ارڳ هوندا آهن“، جيڪي ”جيڪي راتوڏينهن رڙهندا رهندا آهن“، جيڪي ”رائي منجهه رهندا آهن“، جيڪي ”جز وڃائي ڪل سان ڪم رکندا آهن“. اهوئي سبب آهي جو اڄ کيس مهڪندڙ، مٺي، نج پڄ، والهاڻي عقيدت ۽ محبت سان ياد ڪيو پيو وڃي. هتي هيءَ ڳالهه پڻ ڪرڻ چاهبي، جا گهڻي ڏکوئيندڙ به آهي ته شهيدِ سنڌ بشير خان قريشيءَ جي اوچتي وڇوڙي واري خبر ۽ ان کان پوءِ سندس لاڏاڻي جي سببن ڄاڻڻ واسطي ٿيندڙ چڪاس بابت لڳاتار ايندڙ خبرن، سچ پچ، انهيءَ سانحي ۽ صدمي کي اڃا به وڌائي ڇڏيو آهي. جڏهن لاپرواهي ۽ بي گندرائي انهيءَ حد تائين وڃي رسي ته پوءِ شڪ پڻ پڪ ۽ ويساهه ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. لاڏاڻي جي سببن کي چڪاسڻ ۾ ايتري گهل ۽ اينگهه گهڻي ڏکوئيندڙ ته آهي، پر رياستي انتظامڪاريءَ جي سموري نااهل تاڃي پيٽي کي پڻ وائکو ڪري ٿي.
جيتوڻيڪ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن وٽ بشير خان قريشيءَ جي لاڏاڻي جي حوالي کان راءِ بنهه چٽي ٿي بيٺي آهي، ته سندس لاڏاڻو ڪنهن به طرح فطري نه هو. تنهن هوندي به، اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي وزن ضرور رکي ٿي ته هن سڄي معاملي ۾ رياستي لاپرواهيءَ کي شديد نموني ان ڪري به ورتو پيو وڃي، جو هيءُ پهريون ڀيرو نه آهي جو اهڙو سانحو پيش آيو هجي، پر سنڌ ۽ سنڌ وارن کي مختلف وقتن تي اهڙن سانحن کي منهن ڏيڻو پيو آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته انهن مڙني سانحن جي اڄ ڏينهن تائين ڪابه اڻ ڌري جاچ نه ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي وري حقيقتون پڌريون ڪيون ويون آهن.
بهرحال، ڏکي يا سولي، اسان کي اها ڳالهه قبول ڪرڻي آهي ته شهيد بشير خان قريشي هاڻي اسان وچ ۾ نه رهيو آهي. قومون ۽ وطن تاريخ جي مختلف مرحلن تي ڏکين وقتن مان گذرندا آهن ۽ اڄ به هڪ بيحد ڏکي گهڙي اسان جي مٿان آيل آهي، پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته سڀڪجهه هڪ هنڌ بيهجي ويو آهي. اسان کي اها ڳالهه سمجهڻ کپي ته هن سلسلي کي اڳتي وڌائڻو آهي ۽ انهيءَ اڳتي کان اڳتي واري سفر ۾ جيڪڏهن اسان کي ٻيون به قربانيون ڏيڻيون پيون ته اهي به ڏينداسين. خليفي نبي بخش جي هڪ بيت جي سٽ آهي:
”سوڀون سِرَ گهرن، سِر ريءَ سوڀ نه سپجي.“
اسين غلام بڻايل آهيون ۽ اڄڪلهه جا نه، پر وڏي عرصي کان غلام بڻايل آهيون. غلامن جي زندگيءَ ۾ اهڙا حادثا ۽ سانحا ٿيندا رهندا آهن. اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي. جڏهن سائين جي. ايم. سيد جن جو جسم روح کان آزاد ٿيو هو، تڏهن به سڄي سنڌ سوڳوار هئي. انهيءَ ڀيري پڻ اهو لڳو پئي ته هر شيءِ هڪ هنڌ بيهجي ويئي آهي ۽ لاوارثيءَ جو احساس سموري سنڌ کي وڪوڙي ويو هو. پر سائين جي. ايم. سيد جو فڪر اسان لاءِ هڪ نئين تحرڪ ۽ نئين ۽ اڳي کان به اڳري سرگرميءَ جو سبب بڻيو.
سيد صاحب جي فڪر اسان جي رهنمائي ڪئي ۽ اهڙيءَ ريت اسان جو هيءُ قومي قافلو اڳتي وڌيو. ان ۾ وطن جا سپاهي، جانثار ۽ سرفروش اڳي کان به گهڻا ڀرتي ٿيندا ويا ۽ ان ريت سيد صاحب جو فڪر لکن دلين ۾ روشني بڻجي جرڪيو. ڪالهه جيڪو قافلو بنهه ننڍڙو هو ۽ جنهن ۾ بنهه ٿورڙي انگ ۾ وطن واسي گڏ هئا، اهو قافلو اڄ هڪ ڇوليون هڻندڙ سمنڊ ۾ تبديل ٿي پيو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته سيد صاحب جي وڇوڙي کان پوءِ ڳالهه هڪ هنڌ بيهي نه رهي پر اها هڪ نئين ۽ پرعزم انداز سان اڳتي وڌي. انڪري هيءَ مايوس ٿيڻ جي گهڙي نه آهي. دل لاهڻ نه کپي. صدمو آهي- سهي ئي وڃبو، سفر اتي دنگ نه ٿيو آهي. اڃا ماڳ نه ماڻيو اٿئون، جنهن سان قول اقرار آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته هن سموري ڪيل پورهيي کي سجائي ڪرڻ لاءِ ۽ هن سموري پنڌ کي سوچيل ۽ تصور ڪيل هنڌ تي رسائڻ لاءِ پاڻ اڃا سرگرم عمل آهيون، اڃا پاڻ موجود آهيون، انهيءَ ڪري هيءُ وقت شهيد بشير خان قريشيءَ جي صدمي کي سگهه ۾ تبديل ڪرڻ جو آهي. سنڌ ۾ ويساهه رکجي، اها اڳي به جوڌا ۽ جوان پيدا ڪندي رهي آهي ۽ اڳتي به ڪندي رهندي:
”منهنجي سنڌڙي، منهنجي سنڌڙي، سنڌڙي منهنجي ماءُ
ڪيئن مڃان مان تنهنجي ڪُک مان، سڪ ڇڏي وئي ساءُ“
(اياز)
هيءُ صدمو هڪ پڙاءُ آهي ۽ وري سفر جو سامان ٻَڌڻ لاءِ گهگهو وڄڻو آهي ۽ قافلو اڳتي وڌڻو آهي. اسين اڳتي وڌنداسين، اسين نه هونداسين ته ٻيا هوندا ۽ اهي نه هوندا ته اڃا به ٻيا هوندا، جيڪي هن عظيم قومي قافلي کي اڳتي وڌائيندا ۽ توڙ ڏانهن وکون وڌائيندا رهندا:
”مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي جڙندا ڪيئي جام
نوان نوان متوارا ايندا، هڻندا تن جي هام.“
يا:
”مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي ڦٽندا سرخ گلاب،
کڙندا ٽڙندا جن ۾ پنهنجا بسنت رت جا خواب
(اياز)
جيڪڏهن ٿورڙي پوئتي نهار ڪبي، تڏهن به، ڪا مايوس ڪندڙ تصوير نه ملندي. اسان هڪ قوم جي حيثيت ۾ هيلتائين جيڪو سفر ڪيو آهي، اهو وئرٿ نه آهي، اجايو نه آهي، ڪيترائي سنگ ميل آهن جيڪي اسين طئه ڪري آيا آهيون. اڃا اها ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه لڳي ٿي جڏهن بنگال جي ورهاڱي کان پوءِ سائين جي. ايم. سيد سنڌ جي اصلي تاريخي حيثيت جي بحاليءَ جي گُهر ڪئي هئي ۽ انهيءَ گُهر کي مڃائڻ خاطر هڪ سياسي تحريڪ جو بنياد وڌو هو. سائين جي. ايم. سيد جو اهڙو مطالبو ۽ اعلان هر لحاظ کان اصولي ۽ واجبي هو. بنگال جي الڳ ٿي وڃڻ کان پوءِ اولهه پاڪستان ۾ شامل سمورين آئيني اڪاين کي هڪ ڀيرو ٻيهر اعتماد ۾ ورتووڃڻو هو ۽ انهيءَ سان گڏ باقي بچيل وفاق کي هلائڻ لاءِ نئين طريقيڪار تي ڳالهيون پڻ ڪيون وڃڻيون هيون، پر انهيءَ وقت جي حڪمران طبقي، اهڙي بنيادي ۽ اهم ڪم ڪار کي ڇڏي، قبضيگير سوچ تي هلندي، هڪ غيرقانوني حڪومت اولهه پاڪستان جي مڙني آئيني اڪاين مٿان مڙهي. انهيءَ جماعت جنهن مانڊاڻ ۾ چونڊون وڙهيون هيون، اهو ٻيو هو ۽ بنگال جي الڳ ٿيڻ کان پوءِ صورتحال بنهه ٻي هئي.
1970ع وارين چونڊن ۾ جن سياسي جماعتن حصو ورتو هو اهي ڪي ٻيون هيون، انهن جا اڳواڻ ۽ اميداوار ۽ پڻ ووٽ ڏيندڙ ٻيا هئا. انهيءَ ڪري وقت ۽ حالتن جي تقاضا اها هئي ته باقي بچيل پاڪستان ۾ شامل آئيني اڪاين سان هڪ ڀيرو ٻيهر صلاح مشورو ڪيو وڃي ها ۽ انهيءَ جي بنياد تي نئين وفاق کي نون بنيادن تي بيهاريو وڃي ها. جڏهن انهيءَ ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي اڳڀرائي نه ٿي ۽ اصولي سياست ۽ حڪمرانيءَ جي سمورن مڃيل اصولن جي ڀڃڪڙي ڪئي ويئي ته اهڙي لمحي، سائين جي. ايم. سيد وٽ پنهنجو اصولي ۽ تاريخي موقف رکڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو نه هو.
ان لحاظ کان سيد صاحب جي اها گُهر وقتائتي هئي ۽ اصولي پڻ. انهيءَ گُهر کي ناڪام بنائڻ لاءِ ۽ جيئي سنڌ تحريڪ کي سوڙهي ڪرڻ لاءِ رياستي سطح تي مختلف حربا ۽ هٿڪنڊا هلايا ويا. جنهنجو نتيجو اهو نڪتو جو رياستي مشينري ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي باني ۽ انهيءَ جي ڪارڪنن وچ ۾ ڇڪتاڻ جو هڪ ڊگهو سلسلو هلي نڪتو، جيڪو سيد صاحب جي لاڏاڻي تائين برقرار رهيو.
جيئن ته جيئي سنڌ تحريڪ کي عوامي رنگ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ سيد صاحب توڙي سندس جماعت جي ڪارڪنن کي چئني پاسن کان سوگهو ڪيو ويو هو، انهيءَ ڪري تنظيمي ڪم ڪار جي حوالي کان ڪا گهڻي اڳڀرائي نه ٿي سگهي. ڪي دوست انهيءَ تنظيمي اڳڀرائي نه ٿيڻ کي بنياد بڻائي اهو چوندا آيا آهن، ته سيد صاحب وقت کان اڳ اهڙي گُهر ڪئي هئي. پر اهي انهيءَ ڳالهه کي نظر انداز ڪري ٿا وڃن ته سنڌ جي اصلي ۽ تاريخي حيثيت جي بحاليءَ جي گُهر ۽ اُن گُهر جي مڃتا لاءِ جوڙيل جماعت کي هر پاسي کان محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، تنهنڪري اُها خاطرخواهه نموني اسري نه وڌي سگهي ۽ نه ئي پکڙجي مڪمل طرح عوام ۾ جاءِ ٺاهي سگهي. ياد رکڻ کپي ته سيد صاحب جو اهڙو مطالبو درست هو پر ان کي ناڪام بڻائڻ جي هر سطح تي ڪوشش ڪئي ويئي هئي.
سيد صاحب جي لاڏاڻي کان پوءِ جيئي سنڌ هلچل سان لاڳاپيل مختلف ڌڙن جو پاڻ ۾ انضمام ٿيو ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ جو قيام عمل ۾ آيو. اسان جي قومي تحريڪ ۾ اهڙو لمحو بلڪل به اهم هو، ڇاڪاڻ ته سيد صاحب جي لاڏاڻي کان پوءِ انهيءَ ڳالهه جي گُهرج هئي ته مڙني ڌرين کي گڏ ڪري هڪ پليٽ فارم تي آڻجي.
جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) جي قيادت جڏهن شهيد بشير خان قريشيءَ جي هٿن ۾ آئي ته هن ڏينهن رات هڪ ڪري سيد صاحب جي فڪر کي عوامي رنگ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون. هن راءِ سان، امڪاني طرح، مڙئي دل ۽ دماغ سان سوچيندڙ سهمت ٿيندا ته سائين جي. ايم. سيد جي فڪر جي رهنمائيءَ ۾ هن وقت تائين جيڪو به سياسي عمل ۽ ڪم ڪار ٿيو آهي انهيءَ ۾ شهيد بشير خان قريشيءَ جو بنيادي ڪردار رهيو. سندس سياسي ڪم ڪار جو انداز بنهه عوامي ۽ سنڌي ماڻهن کي ڀانءِ پوندڙ هو. هو پنهنجي مزاج ۾ هڪ حليم، نوڙت وارو ۽ باڪردار ماڻهو هو، شرافت سندس مزاج جو اڻٽٽ حصو هئي. هن اڻٿڪ پورهيي ۽ لڳاتار سياسي عمل وسيلي قومي تحريڪ کي ننڍي دائري مان ڪڍيو ۽ انهيءَ کي سنڌ جي واهڻن وسندين، جهنگن جرن، پٽن پهاڙن، ٿرن برن ۽ شهرن توڙي ننڍين وڏين آبادين تائين پهچائڻ لاءِ وسان نه گهٽايو. هن سنڌي قوم کي سيد صاحب جي انهيءَ پيغام تي گڏ ٿيڻ جي نينڍ ڏني ته سنڌي ماڻهو هڪ قوم آهن ۽ تاريخ جي هر ڪنهن دور ۾ اهي آزاد حيثيت ۾ موجود رهيا آهن، انهيءَ ڪري آزادي انهن جو حق آهي.
بشير خان قريشي اهڙو پيغام سنڌ جي هر هڪ ماڻهو وٽ کڻي ويو، جنهن ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون، پورهيت ۽ هاري، هيٺيون وچولو طبقو، مٿيون طبقو مطلب ته زميندار، جاگيردار، نواب، گادي نشين، واپاري، صنعتڪار ۽ سرمائيدار- سڀ اچي وڃن ٿا. عام طرح اسان جي رواجي سياست ۾ شموليت جي حوالي کان عام ماڻهن جو هڪ مخصوص رويو رهيو آهي. اهي پنهنجي سياسي وابستگيءَ کي بنهه ننڍڙن معاشي ۽ مادي فائدن سان ڳنڍيندا رهيا آهن. پر بشير خان قريشي پنهنجي اڻٿڪ جاکوڙ ۽ جيءَ ولوڙ وسيلي اها ڳالهه ثابت ڪري ڏيکاري ته ڪنهن قوم جي فردن کي رڳو ننڍڙن ننڍڙن معاشي ۽ مادي فائدن وسيلي ئي گڏ ڪري نٿو سگهجي پر وطن جي غيرت ۽ وڏائيءَ جي حوالي کان به انهن کي گڏ ڪري سگهجي ٿو.
هڪ قومي اڳواڻ جي حيثيت ۾ هو عام ماڻهن جي مرڻن پرڻن ۽ خوشي غميءَ ۾ شريڪ ٿيندو هو. کيس رائج اخلاقي قدرن جو ڀرم رکڻ ايندو هو. هُن عام ماڻهن سان پنهنجي ميل ميلاپ کي پڻ سنڌي روايتن پٽاندر ئي رکيو. هُن ڪڏهن به وڏائي نه ڪئي، هُن سدائين نمرتا ۽ نوڙت کان ڪم ورتو، سڀ کي ڀاڪرن ۾ ڀريائين، انڪري ئي هو سڀني لاءِ قبولڻ جوڳو اڳواڻ بڻجي اُڀريو.
هن سنڌي ماڻهن تائين وطن جي حب جو پيغام پهچايو ۽ عوامي ٻڌيءَ لاءِ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. رڳو ايتروئي نه، پر ان سان گڏ هن پنهنجي ڪردار ۽ گفتار وسيلي پڻ سنڌي ماڻهن جون دليون کٽي ورتيون. هن ڪي گهڻا فڪر ۽ فلسفا نه به پڙهيا هجن پرکيس اها خبر هئي، ته سائين جي. ايم. سيد ڇا چاهيو پئي ۽ سنڌي قوم کي ڇا کپي، ان جو اصل ۽ حقيقي مسئلو ڪهڙو آهي. جيئن ته هن جي هٿن ۾ مقصد بنهه وڏو هو، انڪري گُهرج ان ڳالهه جي هئي، ته جيستائين انهيءَ مقصد کي ماڻڻ لاءِ سنڌي قوم کي گڏ نه ڪبو، تيستائين ڪا گهڻي اڳڀرائي نه ٿي سگهندي. هن ڪڏهن به علم جي اڪابر هئڻ جي دعوا نه ڪئي، پر هن پاڻ کي سيد جو سچو سپاهي سمجهيو ۽ پنهنجو تعارف پڻ ان ريت ئي ڪرايو. حقيقت به اهائي آهي ته هو سائين جي. ايم. سيد جي فڪر کي پاڻ ۾ سمائي هڪ ڀرپور بادل ٿي اُڀريو ۽ ٿربر ۽ واهڻ وسنديون واسي ويو.
شهيد بشير خان قريشيءَ جي لاڏاڻي کان پوءِ هڪ خال ضرور پيدا ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته هُن لڳاتار سياسي عمل ۽ پنهنجي ذاتي ڪردار وسيلي سنڌي ماڻهو کي پنهنجو ڪيو هو ۽ هُن جي سڏ کي وڏي سطح تي ورنايو ويندو هو، اُن جو ثبوت لکن ماڻهن جي شموليت وارا جلسا آهن. تازو ئي 23 مارچ 2012ع تي ڪراچيءَ ۾ جيڪو جلسو ٿيو، انهيءَ ۾ پڻ سنڌي ماڻهو لکن جي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ وطن دوستيءَ جو ثبوت ڏنو. انهيءَ موقعي تي شهيد بشير خان قريشيءَ جيڪا تقرير ڪئي اُها هر لحاظ کان اهم هئي، جنهن نه رڳو سنڌي ماڻهن جون دليون گرمايون ۽ هن ملڪ جي حڪمران طبقي کي هوشيار ڪيو، پر عالمي سطح تي پڻ انهيءَ جو نوٽيس ورتو ويو.
شهيد بشير خان قريشيءَ جي سياسي عمل ۽ پورهيي جو اهو عروج هو، جتي هُن اهو ثابت ڪيو، ته سنڌي ماڻهو پنهنجي تاريخي ۽ اصلي حيثيت جي بحاليءَ لاءِ هاڻ پوريءَ طرح تيار آهن. انهيءَ موقعي تي هن جيڪا تقرير ڪئي، اُها ڪا معمولي تقرير نه هئي. اُن ۾ سيد صاحب جو فڪر جتان ڪٿان جهاتيون پائي رهيو هو. ان کان سواءِ جنهن اعتماد، خلوص ۽ دل جي سچائيءَ سان هُن تقرير پڙهي اُها پڻ هر لحاظ کان يادگار رهندي. انهيءَ تقرير مان اهو تاثر جڙيو ته وقت هلندي، اسان جي قومي تحريڪ بنهه گهڻي منظم ٿي آهي ۽ اُها پنهنجي مقصد ماڻڻ ڏانهن ڪنهن به وقت ڪامياب ۽ آخري وکون کڻي سگهي ٿي. انهيءَ تقرير کان پوءِ شهيدِ سنڌ بشير خان قريشيءَ جو اوچتو لاڏاڻو ڪيترائي سوال ڇڏي ويو آهي. بهرحال سبب ڪهڙا به هُجن، پر هن ڳالهه کي اڃا به اڳتي وڌائڻو آهي ۽ صدمي کي سگهه ۾ تبديل ڪرڻو آهي. همٿ ۽ حوصلي کان ڪم وٺندي هڪ ڀيرو ٻيهر قطارجي هڪ ٻئي کي سنڀالي، انهي سلسلي کي اُتان ئي اڳتي وٺي وڃڻو آهي، جتي اُن کي بشير خان قريشيءَ ڇڏيو:
پَــل پَــل ۾ پَــلــيـانــس، پَـــلُ نـه رَهــي پــريـــن ري،
جِئن جهوريءَ کان جهَليانس، جِهڄيو تيئن جهوريءَ پوي.
(لطيف)

Saein G.M Syed

Address

Karachi
Sindh

Telephone

+923147121956

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when JSQM Media Cell posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share