Deputy Commissioner Shikarpur

Deputy Commissioner Shikarpur Deputy Commissioner is the chief administrator, responsible to administrate all departments in district Shikarpur.

25/08/2026
ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ دهشتگردي جي متاثرين جي ياد ۽ خراج عقيدت جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو ۽ ريلي پڻ ڪڍي وئي.تفصيل موجب...
21/08/2026

ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ دهشتگردي جي متاثرين جي ياد ۽ خراج عقيدت جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو ۽ ريلي پڻ ڪڍي وئي.
تفصيل موجب اڄ ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ اڄ 21 آگسٽ 2026 تي "دهشتگردي جي متاثرين جي ياد ۽ خراج عقيدت جو عالمي ڏينهن" ملهايو ويو ۽ ريلي ڪڍي وئي. ريليءَ جي اڳواڻي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ڪئي. ريليءَ سان خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيو ته هن ڏينهن جو مقصد دهشتگردي جي واقعن ۾ پنهنجون قيمتي جانيون وڃائيندڙ اڳوڻي وزير اعظم پاڪستان محترمه بينظير ڀٽو شهيد، معصوم شهري، سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ سمورن متاثرين کي ياد ڪرڻ ۽ انهن جي خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آهي. هن چيو ته "اسان ياد رکون ٿا. اسان خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. اسان گڏ بيٺا آهيون." دهشتگردي انسانيت جو دشمن آهي ۽ ان جي خلاف سموري قوم متحد آهي.
ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ت اسان کي امن، رواداري ۽ ڀائيچاري سان هڪ قوم ٿي دهشتگرديءَ خلاف جهاد ڪرڻو آهي ۽ پاڪستان دشمن عناصرن کي سڪيورٽي فورسز سان گڏ شڪست ڏيڻي آهي. ريليءَ سان ڳالهائيندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شڪارپور محمد فيضان چيمه چيو ته سمورن شهري ادارن، سماجي تنظيمن ۽ عوام کي اپيل ڪريون ٿا ته هو دهشتگردي جي خلاف آواز بلند ڪن ۽ متاثرين جي خاندانن جي مدد لاءِ اڳتي اچن. اسان جو عزم آهي ته اسان گڏجي امن پسند، محفوظ ۽ خوشحال پاڪستان، سنڌ ۽ شڪارپور جي ترقي ۽ تعمير لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين.
ريليءَ ۾ چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪار، ڊي ايڇ او شڪارپور، اي ڊي ايڇ او شڪارپور، تعليم، انفارميشن ڊپارٽمينٽ، ڊسٽرڪٽ چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر شڪارپور، ڊپٽي ڊائريڪٽر (وي اَي) سوشل ويلفيئر آفيسر شڪارپور، پاپوليشن ڊپارٽمينٽ ۽ ضلعي جي مختلف کاتن جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.

شڪارپور ۾ جشنِ آزادي جون شاندار تقريبون، مختلف هنڌن تي قومي جهنڊا چاڙهيا ويا.پاڪستان جي 79هين يومِ آزادي جي موقعي تي شڪا...
14/08/2026

شڪارپور ۾ جشنِ آزادي جون شاندار تقريبون، مختلف هنڌن تي قومي جهنڊا چاڙهيا ويا.
پاڪستان جي 79هين يومِ آزادي جي موقعي تي شڪارپور شهر ۽ ضلعي جي مختلف هنڌن تي 14 آگسٽ جشنِ آزادي جون شاندار تقريبون منعقد ڪيون ويون، جن ۾ قومي جوش ۽ جذبي سان قومي جهنڊا چاڙهيا ويا ۽ قومي سلامتيءَ لاءِ پڻ دعائون گهريون ويون.
تفصيل موجب اڄ شڪارپور جي ڊويزنل اسڪائوٽ هيڊ ڪوارٽر ، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل، ميونسپل ڪميٽي، سول اسپتال سميت مختلف سرڪاري ۽ عوامي هنڌن تي پرچم ڪشائي جون تقريبون منعقد ٿيون. ان موقعي تي پکين کي آزاد ڪيو ويو. جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر ـ ضلع چيئرمين ـ ميونسپل چيئرمين ڊويزنل اسڪائوٽ ھينڊ ڪواٽر ۾ پڻ ٻوٽا پوکيا. تقريبن ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو، ڊسٽرڪٽ چيئرمين سردار ذوالفقار علي خان ڪماريو، ميونسپل چيئرمين سردارزاده حاجي فياض محمود شيخ، اي ايس پي سٽي محمد آصف، رينجرز آفيسرن، پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن، ضلعي انتظاميا جي آفيسرن، سرڪاري ملازمن، تعليم کاتي سان لاڳاپيل آفيسرن ۽ استادن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڊسٽرڪٽ اسڪائوٽ هيڊ ڪوارٽر شڪارپور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي سردارزاه حاجي فياض محمود شيخ چيو ته 14 آگسٽ کي اسين جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهيون ۽ پاڪستان جي 79 هين يوم آزادي جي موقعي تي پاڪستان جي سلامتيءَ خوشحالي، ترقي، استحڪام ۽ وطن سان محبت جو اظهار ڪيون ٿا. ضلع ڪائونسل چيئرمين سردار ذوالفقار علي خان ڪماريو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته 14 آگسٽ جو ڏهاڙو پاڪستان جي قيام لاءِ برصغير جي اڳواڻن ۽ عوام جي قربانين تي روشني وڌي. هن چيو ته آزادي صرف جشن ناهي پر اتحاد، ايمان، نظم وضبط، رواداري، جمهوريت ۽ قومي خدمت جي قدرن کي برقرار رکڻ جي ذميواري پڻ آهي. ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ ٻارڙن پاران پاڪستان جي 79هين يوم آزادي تقريب جي حوالي سان سنڌي، اردو، انگريزيءَ ۾ تقريرون پڻ ڪيون ويون، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل چيئرمين طرفان ٻارن کي ڪيش انعام پڻ ڏنا ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ آزادي جي موقعي تي پڻ ڪيڪ ڪاٽيو ويو.
ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو 14 آگسٽ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هي ڏينهن اسان کي آزاديءَ جي نعمت، قائد اعظم محمد علي جناح جي ڏاهپ ۽ اسان جي بزرگن جي لازوال قربانين جي ياد ڏياري ٿو. آزادي هڪ امانت آهي ۽ ان جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. هن چيو ته 14 آگسٽ تي عهد ڪريون ته اسان ذاتي اختلافن کان مٿي ٿي، اتحاد ايمان ۽ تنظيم جي اصولن تي عمل ڪندي شڪارپور سموري پاڪستان کي تعليم، صحت ۽ خوشحالي جو گهوارو بڻائينداسين. ضلعي انتظاميه عوام جي خدمت ۽ امن امان جي قيام لاءِ پرعزم آهي. 14 آگسٽ جشن آزادي جي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو سول اسپتال شڪارپور جي پيرا ميڊيڪل اسٽاف سان پاڪستان جي آزادي جي موقعي تي هڪ ڪيڪ ڪاٽيو ۽ ڊائلاسز ۽ ٻين وارڊن جو پڻ دورو ڪيو ۽ مريضن سان علاج بابت پڇا ڪئي ۽ صحتابي لاءِ دعا پڻ ڪئي، ان موقعي تي پڻ مريضن ۾ مٺائي ورهائي وئي. آخر ۾ جشنِ آزادي جي تقريبن دوران پاڪستان زنده باد جي نعرن سان قومي جذبي جو ڀرپور اظهار ڪيو ويو، جڏهن ته شڪارپور شهر کي قومي جهنڊن ۽ جهنڊين سان سينگاريو ويو ۽ شهرين ۾ جشنِ آزادي جي حوالي سان زبردست جوش ۽ جذبو نظر آيو.

عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم: ضلعي شڪارپور ۾ سخت حفاظتي انتظام ڪرڻ ۽ ضابطه اخلاق تي عمل ڪرائڻ ۽ شھرن ۾ صفائي سٿرائ...
11/08/2026

عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم: ضلعي شڪارپور ۾ سخت حفاظتي انتظام ڪرڻ ۽ ضابطه اخلاق تي عمل ڪرائڻ ۽ شھرن ۾ صفائي سٿرائي کي يقيني بڻايو وڃي ـ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور
تفصيل موجب، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ۽ضلعي چيئرمين سردار ذوالفقار خان ڪمايو جي صدارت ھيٺ سندس آفيس ۾ 12 ربيع الاول جي حوالي سان انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ھڪ اھم گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد فيضان چيمه، اي ايس پي شڪارپور،چئن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، ، پوليس، تعليم، صحت، ميونسپل گيس۽ سيپڪو عملدارن سميت لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن توڙي مختلف مڪتبه فڪر جي عالمن پڻ شرڪت ڪئي ـ ان موقعي تي ضلعي چيئرمين سردار ذوالفقار خان ڪماريو عالمن سان ڳالهائيندي چيو ته ھي ڏھاڙو تمام عظيم الشان ڏھاڙو آهي ھن ڏينھن تي اسان سڀني کي ڀائيچاري ۽ امن سان ھي ڏھاڙو ملھائڻ گھرجي.ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته گڏجاڻيءَ جو مقصد مختلف مڪتبه فڪر جي عالمن جا مسئلا معلوم ڪري ۽ فوري حل ڪرڻ آھي ته جيئن 12 ربيع الاول جو ڏينهن خوش اصلوبي سان گذري ڇو ته ھي ڀلارو ڏينھن ڪائنات جو عظيم هستي سان لاڳاپيل آھي، ان ڪري اسان سڀني کي گھرجي ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ڏسيل راه تي ھلي امن و امان ۽ ڀائيچارو قائم ڪرڻ لاءِ پنھنجو پنھنجو ڪردار ادا ڪريون تہ جيئن ھن ڀلاري ڏينهن تي ضلعي ۾ امن و امان ۽ مذھبي ھم آهنگي قائم رھي . ان موقعي تي، ھن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪندي چيو ته ھو پنهنجي پنھنجي تعلقن ۾ انتظامين جو جائزو وٺن ۽ تعلقي سطح جي مسئلن کي فوري طور حل ڪن، ھن ميونسپل آفيسرن کي سختي سان ھدايت ڪندي چيو ته شھرن ۾ صفائي سٿرائي کي يقيني بڻائڻ ۽ مين ھولن کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي ته جيئن جلوسن ۾ شريڪ ماڻھن کي ڪنھن به قسم جي مشڪل پيش نه اچي ان سلسلي ۾ لاپرواهي قبول نه ڪئي ويندي، ھن سيپڪو عملدارن کي به ھدايت ڪندي چيو ته تقريبن جي دؤران لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي ۽گيس عملدارن کي هدايت ڪندي چيو ته گيس جي لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي.گڏجاڻيءَ دوران ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور صحت کاتي جي ڊي ايڇ او کي ھدايت ڪندي چيو ته 12 ربيع الاول واري ڏينهن ضلعي جي سمورن ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف سميت ايمبولنسس کي الرٽ رکيو وڃي ته جيئن ڪنھن به اڻوڻندڙ واقعي کي بروقت منھن ڏئي سگهجي ـ ان موقعي تي، سمورن عالمن ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور کي يقين ڏياريو ته ھو ضلعي انتظاميه سان ڀرپور ۽ مڪمل تعاون ڪندا ۽ آخر ۾ دعائي خير گھري ويئي ۽ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور سڀنيءَ جو شڪريو ادا ڪيو ـ

ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ 4 مهينن کان 10 سالن جي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ لاءِ پوليو بوسٽر ڊوز ۽ پوليو جا ٻه ڦڙا پيارڻ با...
05/08/2026

ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ 4 مهينن کان 10 سالن جي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ لاءِ پوليو بوسٽر ڊوز ۽ پوليو جا ٻه ڦڙا پيارڻ بابت ميڊيا سان هڪ گڏجاڻي.
تفصيل موجب اڄ ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ 4 مهينن کان 10 سالن جي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ لاءِ پوليو بوسٽر ڊوز ۽ پوليو جا ٻه ڦڙا پيارڻ بابت ميڊيا سان هڪ گڏجاڻي ٿي. جنهن جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ڪئي. ان موقعي تي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر نياز ڏهر، ڊسٽرڪٽ پوليو فوڪل پرسن ڊاڪٽر اميتاز ميتلو، مظهر ڄامڙو ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور سيشن دوران ميڊيا نمائندن کي پوليو بوسٽر ڊوز مهم جي مقصدن، اهميت ۽ ٻارن کي پوليو کان محفوظ رکڻ لاءِ کنيل قدمن بابت تفصيلي آگاهي ڏني. ضلعي انتظاميا والدين ۽ شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته 8 آگسٽ کان 18 آگسٽ تائين پوليو کان بچاءَ لاءِ مقرر ڪيل مهم دوران پنهنجي ٻارن کي بوسٽر ڊوز ضرور هڻائن ۽ پوليو جا ڦڙا به ضرور پيارين ۽ مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ انتظاميا ۽ صحت کاتي سان ڀرپور سهڪار ڪن. هن چيو ته پوليو جا سڀ انتظام مڪمل ٿيل آهن ۽ ٽيمون به مقرر ڪيو ويون آهن.
ان موقعي تي مظهر علي ڄامڙو گڏجاڻي کي تفصلي بريفنگ ڏني.

ڪشمير جي استحصال جي ڏهاڙي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور آفيس ۾ ريلي ڪڍي وئي.اڄ ڪشمير جي استحصال جي ڏهاڙي تي ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ري...
05/08/2026

ڪشمير جي استحصال جي ڏهاڙي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور آفيس ۾ ريلي ڪڍي وئي.
اڄ ڪشمير جي استحصال جي ڏهاڙي تي ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ريلي ڪڍي وئي. ريليءَ ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ضياءُ الرحمان، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ون محمد فيضان چيمه، چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن، روينيو، انفارميشن، ايجوڪيشن، سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ شهر جي سياسي سماجي ماڻهن، ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن، مختلف سرڪاري کاتن جي آفيسرن، عملدارن ۽ ٻين ريليءَ ۾ شرڪت ڪئي. ريليءَ سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته ملڪ جي ٻين حصن وانگر، شڪارپور ضلعي ۾ ڪشمير استحصال جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته هي ڏينهن 5 آگسٽ 2019 جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي، جڏهن هندستان آرٽيڪل کي رد ڪري، قبضو ڪيل ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت کي ختم ڪيو. پاڪستان هن قدم کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ بين الاقوامي قانون جي خلاف ورزي قرار ڏئي ٿو. هن ڏينهن جو مقصد ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ، انهن جي خود اراديت جي حق جي حمايت ڪرڻ ۽ دنيا جو ڌيان ڪشمير جي مسئلي ڏانهن ڇڪائڻ آهي. هن چيو ته ڪشمير اڳ به پاڪستان جو حصو هيو ۽ اڄ به پاڪستان جو حصو آهي ۽ اسان ڪشمير جي آزادي وٺي رهنداسين ۽ اسان اتان جي مظلوم پوڙن، مردن، عورتن ۽ ٻارڙن سان ٿيندڙ هر زيادتي جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.
ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور ڊاڪٽر عارفه بتول ريليءَ سان ڳالهائيندي چيو ته 5 آگسٽ 2019 تي ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص آئيني هيثيت ختم ڪري عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن جي ڀڃڪڙي ڪئي. ان ڏينهن کي هرسال طور ملهايو ويندو آهي ته جيئن دنيا جو ڌيان ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلمن، انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ سندن حقِ خود اراديت ڏانهن ڇڪايو وڃي. ان موقعي تي عوام پاران ڀارت مودي سرڪار تي لعنت، پاڪستان ڪا مطلب ڪيا لا الله الله، پاڪستان زنده باد، ڪشمير زنده باد، پاڪ فوج زنده، سنڌ پوليس زنده باد جا زوردار نعرا لڳايا ويا.

ضلعي شڪارپور ۾ حضرت امام حسين عليه السلام سميت ڪربلا جي شهيدن جي چھلم دوران ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو, ونگ ڪمانڊ...
04/08/2026

ضلعي شڪارپور ۾ حضرت امام حسين عليه السلام سميت ڪربلا جي شهيدن جي چھلم دوران ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو, ونگ ڪمانڊر 82 ونگ ليفٽيننٽ ڪرنل ضياء الرحمان، سان گڏجي ماتمي جلوس ۽ مجلسن جي انتظامن، سڪيورٽي ۽ صفائي سٿرائي جي حوالي سان انتظامن جو جائزو ورتوـ جلوسن، اهم حساس هنڌن ۽ جلوسن جي رستن جا دورا ڪيا.
ان دوران شهيدن جي چھلم جي موقعي تي ماتمي جلوسن جي سيڪيورٽي جي انتظامن جو جائزو پڻ ورتو. دوري دوران ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شڪارپور، محمد فيضان چيما، اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور عارفا بتول، ڊي ايس پي شھجان شاھ ۽ ٻيا عملدار پڻ گڏ هئا.

محرم الحرام ۾ حضرت امام حسين عليه السلام سميت ڪربلا جي شهيدن جي چھلم جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور آفيس ۾ گڏجاڻي ٿي. گ...
31/07/2026

محرم الحرام ۾ حضرت امام حسين عليه السلام سميت ڪربلا جي شهيدن جي چھلم جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور آفيس ۾ گڏجاڻي ٿي. گڏجاڻي جي صدارت ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شڪارپور، محمد فيضان چيما ڪئي. گڏجاڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور، آرفا بتول راءِ، پوليس عملدارن، اطلاعات، لوڪل گورنمينٽ، سيپڪو، صحت، پبلڪ هيلٿ سميت مختلف کاتن جي عملدارن ۽ مختلف فرقن سان واسطو رکندڙ عالمن شرڪت ڪئي.
گڏجاڻي دوران ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شڪارپور چيو ته شهيدن جي چاليهي دوران ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تي هر صورت ۾ عملدرآمد ڪرايو ويندو. ان دوران صفائي سٿرائي جو پڻ خاص خيال رکيو وڃي.
ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون چيو ته جلوسن ۽ مجلسن کي پوليس ۽ رينجرز جي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. گڏجاڻي سان ڳالهائيندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون چيو ته چاليھي دوران ٽريفڪ جو بهترين نظام ترتيب ڏنو وڃي. جلوسن وارن روڊن ۽ مجلس وارين جڳهن، امام بارگاهن سان لڳ ڊرينيج ڪراسن جي مرمت ڪئي وڃي. لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ تي عمل ڪيو وڃي.

ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ آگاهي مهم بابت گڏجاڻي.پوليو جي خاتمي لاءِ ايندڙ مهم 8 آگسٽ 2026 کان 18 آگس...
31/07/2026

ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ آگاهي مهم بابت گڏجاڻي.
پوليو جي خاتمي لاءِ ايندڙ مهم 8 آگسٽ 2026 کان 18 آگسٽ 2026 تائين شروع ٿي رهي آهي، جنهن دوران 4 مهينن کان 10 سالن جي عمر جي تمام ٻارن کي پوليو بوسٽر ڊوز ۽ اورل پوليو ويڪسين جا قطرا پيارا ويندا. شڪيل احمد ابڙو ڊي سي شڪارپور
تفصيل موجب اڄ ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ آگاهي مهم بابت گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ڪئي. گڏجاڻي سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ ايندڙ مهم 8 آگسٽ 2026 کان 18 آگسٽ 2026 تائين شروع ٿي رهي آهي، جنهن دوران 4 مهينن کان 10 سالن جي عمر جي تمام ٻارن کي پوليو بوسٽر ڊوز ۽ اورل پوليو ويڪسين جا قطرا پيارا ويندا. ڊي سي شڪارپور چيو ته هي پوليو ضلعي جي اڪويهن يوسين ۾ پياريو ويندو. جيڪي هن ريت آهن ڳڙهي ياسين ۾ 4، خانپور ۾ 8، لکي غلام شاهه ۾ 5 ۽ شڪارپور جي 4 چار يوسيون آهن. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته هي پوليو مهم اڳي کان ڪجهه مختلف طريقي سان آهي هن پوليو مهم لاءِ اسان کي اسڪولن ۾ يا هيلٿ سينٽرن ۾ يا ڳوٺن ۾ ڪجهه ڪيمپون هڻي ڳوٺن ۾ سوشل ورڪرن کان انهن کي انهن سينٽرن تي وٺي پوليو ويڪسين سان گڏ 2 ڦڙا به پياريا ويندا جيڪي تمام ٻار لاءِ طاقتور ثابت ٿيندا. هن چيو ته هي پوليو مهم ٻارن جي تمام گهڻن بيمارين کان بچاءُ جي ويڪسين آهي. هيءَ ويڪسين 4 مهينن کان وٺي 10 سالن جي ٻارن کي ڪئي ويندي. هن ٻارڙن جي والدين کي آگاهه ڪندي چيو ته ٻارڙن کي گندي پاڻيءَ جي ويجهو نه ڇڏيو يا ٻهراڙين ۾ کڏن جي پاڻي پيئڻ کان روڪيو اهو پاڻ تقريبن ڊرينيج جو پاڻي آهي جنهن جي ڪري ٻارڙن کي مختلف بيمارين سان منهن ڏيڻو ٿو پوي. ڊي سي شڪارپور چيو ته ضلعي جي اڪويهن يوسين ۾ جيڪي به اسڪول سرڪاري يا پرائيويٽ آهن انهن ٻارن جي حاضريءَ کي يقيني بڻايو ته جيئن اهي ٻار جيڪي 10 کان گهٽ عمر جا آهن انهن کي ويڪسين ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته ضلعي جو عوام ميڊيا جي ٿرو آگاهي ڏئي ته ٻارڙن کي هن موذي مرض کان بچاءُ جي لاءِ پوليو بوسٽر ڊوز ۽ ڦڙا ٻارن کي ضرور پيارين ته جيئن ڪوئي به ٻار ڪمزور نه ٿئي ۽ سڄي عمر جي بيماريءَ کان بچي سگهي. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته هن پوليو بوسٽر مهم کي سڀ گڏجي ڪامياب ۽ 100 فيصد ڪامياب بڻائينداسين ۽ اسان سڀني جي اها ڪوشش رهندي ته 10 سالن کان گهٽ عمر واري هر ٻار کي پوليو بوسٽر ڊوز ضرور لڳرايو ۽ پوليو کان بچاءُ جا 2 ڦڙا ضرور پياريون
ان موقعي تي مظهر ڄامڙو تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اسان هيءَ پوليو بوسٽر مهم 8 آگسٽ کان 18 آگسٽ 2026 تائين جاري رکنداسين ۽ 21 يوسين ۾ اسانجون ٽيمون مقرر ٿيل آهن ۽ هاءِ رسڪ يوسيون اهي آهن جيڪي ٻاهران کان باڊر تي آهن انهن کي وڌ کان وڌ ڪنٽرول ڪري ٻارن کي پوليو بوسٽر ڊوز لڳرائي سگهون ۽ پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا به پياريون. هن چيو ته پوليو بوسٽر ڊوز 4 مهينن کان 10 سالن جي ٻارن کي جيٽ انجيڪٽر سان لڳايو ويندو جنهن سان سور به نه ٿيندو. هن چيو ته اسڪول انتظاميه سڀني ٻارن جي ويڪسينيشن کي بڻايو، اسڪول ۾ 10 سالن تائين جي عمر جي سڀني ٻارن کي پوليو بوسٽر ڊوز لڳائي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پڻ پياريا ويندا.
گڏجاڻيءَ ۾ اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر پرويز احمد سومروـ ڊي سي اين پي ڊاڪٽر فيضان واجد ـ سي سي او مظھر ڄامڙو ـ ڊي ايف پي ـ اي پي آء ڊاڪٽر اطھر حسين شاھ ـ ممتاز علي ڊي ڊي ايل جي ـ ڊاڪٽر اويس احمد ايم او ايڇ ڪيو ـ ريجنل مانيٽرنگ آفيسر محسن جمال مري، مس حميرا سومرو سرسو فوڪل پرسن ـ سجاد علي اي اي او پرائمري ـ شفيق احمد پٺاڻ تعلقه ايڊيوڪيشن آفيسر، رياض شاهد سومرو تعلقه ايڊيوڪيشن آفيسر شڪارپور، عبدالشڪور سومرو ڊي ڊي اي او شڪارپور ـ مختيارڪار ڪاظم علي، اين جي اوز جي اعليٰ عملدارن، سوشل سوسائٽي جي ماڻهن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

شڪارپور جمخاني جي نئين سر اڀار جي حوالي سان هلندڙ ترقياتي ڪم جو جائزو ۽ نئين سرگرمين جي رٿابندي لاءِ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ...
29/07/2026

شڪارپور جمخاني جي نئين سر اڀار جي حوالي سان هلندڙ ترقياتي ڪم جو جائزو ۽ نئين سرگرمين جي رٿابندي لاءِ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور جي ھدايتن تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر، ون شڪارپور محمد فيضان ظفر چيما جمخاني جو دورو ڪيو.
دوري دوران ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرـ ون شڪارپور جمخاني جي ايڊمنسٽيٽر جي حيثيت سان لاڳاپيل انجنيئر ۽ ٺيڪيدار کان هلندڙ ڪمن بابت تفصيلي بريفنگ ورتي.
ان دوران هن جمخاني جو معائنو ڪيو، بيڊمنٽن هال جو جائزو ورتو ۽ سنوڪر هال بابت پڻ معلومات حاصل ڪئي. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرـ ون شڪارپور جمخاني جي سمورين سهولتن ۽ جاري ترقياتي ڪمن جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ هلندڙ ڪم جو معائنو پڻ ڪيو.

Address

Deputy Commissioner Office Shikarpur Sindh
Sindh
78100

Telephone

+92726920200

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Deputy Commissioner Shikarpur posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Deputy Commissioner Shikarpur:

Shortcuts

Share