21/08/2026
عوامي مفاد ۾ اهم اڳڀرائي؛ مڪلي HSP واٽر ٽينڪ وارو معاملو سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويو. مين مڪلي مارڪيٽ ڀرسان قائم HSP واٽر ٽينڪ جي ڊاهڻ، سرڪاري ملڪيت جي تحفظ، عوامي سلامتي ۽ لاڳاپيل انتظامي معاملن بابت مسماة بلقيس بانو طرفان آئيني درخواست C.P. No. D-5177/2026 معزز سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڪراچي ۾ داخل ڪئي وئي آهي. درخواستگذار جي طرفان اٽارني سماجي شخصيت شعيب محمد جوکيو ولد حافظ محمد جوکيو ۽ سينئر ايڊووڪيٽ هائي ڪورٽ احمد حسين جوکيو معاملي جي پيروي ڪري رهيا آهن. معزز سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان لاڳاپيل سرڪاري ادارن ۽ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن ۽ معاملو 07 آڪٽوبر 2026 تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. درخواست ۾ واٽر ٽينڪ جي ڊاهڻ واري عمل جي قانوني حيثيت، لاڳاپيل ادارن جي اختيار ۽ ذميواري، شفاف طريقيڪار، فني نگراني ۽ عوامي حفاظت سميت مختلف معاملن کي معزز عدالت آڏو اٿاريو ويو آهي. ان سان گڏ سرڪاري ملڪيت، ڊاهڻ مان نڪرندڙ سرڪاري سامان، واٽر ٽينڪ واري سرڪاري زمين جي تحفظ، ۽ مڪلي جي عوام لاءِ مناسب متبادل سرڪاري پاڻي جي فراهمي بابت پڻ مناسب هدايتون طلب ڪيون ويون آهن. معاملو هن وقت معزز سنڌ هاءِ ڪورٽ آڏو زيرِ سماعت آهي، تنهن ڪري ان بابت حتمي قانوني نتيجو عدالتي ڪارروائي کان پوءِ سامهون ايندو. عوامي ملڪيت، عوام جي امانت آهي؛ ان جو تحفظ به عوامي ذميواري آهي.