07/09/2026
عبدالستار ڌانڌل جي گرفتاري ۽ مبينا تذليل بابت سوشل ميڊيا تي وائرل ويڊيو جعلي نسبت سان شيئر ڪئي پئي وڃي، واقعو بدين ضلعي ۾ پيش ناهي آيو
بدين: سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن بابت دعويٰ ڪيو پيو وڃي ته شھيد فاضل راھو پوليس عبدالستار ڌانڌل نالي شخص کي گرفتار ڪرڻ بعد سندس تذليل ڪئي.
بدين پوليس پاران واضح ڪيو وڃي ٿو ته سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيل مذڪوره ويڊيو ۾ نظر ايندڙ شخص عبدالستار ڌانڌل ناهي، نه ئي اهڙو ڪو واقعو بدين ضلعي جي ڪنهن به ٿاڻي يا پوليس حدن اندر پيش آيو آهي.
عبدالستار ڌانڌل جاتي ٿاڻي جي هڪ قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار هو، جنهن جي گرفتاري لاءِ پوليس پاران ڪارروائي ڪئي وئي. شھيد فاضل راھو پوليس پاران ڪارروائي دوران عبدالستار ڌانڌل کي قانوني طريقيڪار ۽ سمورين قانوني گهرجن کي نظر ۾ رکندي باحفاظت گرفتار ڪري ضابطي ۽ قانون موجب جاتي ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪيو ويو.
ترجمان
ڊسٽرڪٽ پوليس بدين