اھڙوته منھنجوٿرآ

اھڙوته منھنجوٿرآ اھڙو ته منھنجو ٿر آ

🌍 Digital Creator | Thar Explorer
ٿرپارڪر جي ثقافت، لوڪل نيوز، فطرت، سياحت، معلوماتي و اصل وڊيوز ۽ تصويرون.
📍 Tharparkar, Sindh, Pakistan
📸 Local News | Culture | Tourism | Information

نیپال میں سیلاب کی تباہ کاری، ہلاکتوں کی تعداد 804 تک پہنچ گئی!نیپال میں شدید سیلاب کے باعث 804 افراد جاں بحق جبکہ 3,044...
31/08/2026

نیپال میں سیلاب کی تباہ کاری، ہلاکتوں کی تعداد 804 تک پہنچ گئی!
نیپال میں شدید سیلاب کے باعث 804 افراد جاں بحق جبکہ 3,044 افراد تاحال لاپتا ہیں۔ ریسکیو اداروں نے کارروائی کرتے ہوئے 8,186 افراد کو بحفاظت بچا لیا، جن میں 261 غیر ملکی شہری بھی شامل ہیں۔
قدرتی آفت نے بڑے پیمانے پر تباہی مچا دی، امدادی کارروائیاں تاحال جاری ہیں۔

دادو ۾ زميني تڪرار تان خوني ويڙهه، 8 ڄڻا قتل، 2 سخت زخمي!دادو ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ جھلو ٿاڻي جي حد اندر چانڊيا برادري...
30/08/2026

دادو ۾ زميني تڪرار تان خوني ويڙهه، 8 ڄڻا قتل، 2 سخت زخمي!
دادو ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ جھلو ٿاڻي جي حد اندر چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ زميني تڪرار تان هٿياربندن وچ ۾ فائرنگ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.
اطلاعن موجب مارجي ويلن ۾ ٻنهي ڌرين جا ماڻهو شامل آهن، جڏهن ته زخمين کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. واقعي کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي.
#دادو

30/08/2026

🚨 ڇاڇرو ڀرسان پوليس جي چيڪنگ دوران مبينا غيرقانوني پستول هٿ، هڪ ڄڻو گرفتار!
ڇاڇرو ڀرسان پوليس چيڪنگ دوران شڪ جي بنياد تي رياض ولد محمد هاشم راهمون، رهواسي ڳوٺ تلو راهمون، تعلقو ڏيپلو، کي روڪي جامع تلاشي ورتي. پوليس موجب سندس شلوار اندر لڪايل هڪ پستول هٿ ڪيو ويو، جنهن بعد کيس گرفتار ڪري ٿاڻي ڇاڇرو منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب جوابدار خلاف بنا لائسنس غيرقانوني هٿيار رکڻ جي الزام ۾ ڪرائيم نمبر 43/2026 تحت سنڌ آرمز ايڪٽ 2013 جي قلم 23(i)(a) تحت ڪيس داخل ڪري لاڪ اپ ڪيو ويو آهي.
#ڇاڇرو #ٿرپارڪر

🚨 مٺي مان افسوسناڪ اطلاع!مٺي شهر جي پراڻي ناڪي جي رهواسي 29 ورهين جي اڪرم ولد محمد امين درس پاران مبينا طور آپگهات جي ڪو...
29/08/2026

🚨 مٺي مان افسوسناڪ اطلاع!
مٺي شهر جي پراڻي ناڪي جي رهواسي 29 ورهين جي اڪرم ولد محمد امين درس پاران مبينا طور آپگهات جي ڪوشش جا اطلاع، نازڪ حالت ۾ مٺي اسپتال منتقل ڪرڻ بعد حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.
#مٺي #ٿرپارڪر

🚨 اهم اطلاع | اٺڙي جي مالڪ تائين پهچڻ ۾ مدد ڪريو 🐪🙏هيءَ سائي رنگ جي اٺڙي ڳوٺ ساڪري ۽ نوراني، تعلقو ڏاھلي، ضلعو ٿرپارڪر ج...
29/08/2026

🚨 اهم اطلاع | اٺڙي جي مالڪ تائين پهچڻ ۾ مدد ڪريو 🐪🙏
هيءَ سائي رنگ جي اٺڙي ڳوٺ ساڪري ۽ نوراني، تعلقو ڏاھلي، ضلعو ٿرپارڪر جي سيم جي وچ ۾ موجود آهي. اٺڙي جي پٺيان ڦر ڳاڙهي رنگ جو توڏيو آهي ۽ هيءَ اٺڙي گذريل 15 ڏينهن کان هتي موجود آهي.
🐪 هارين جو چوڻ آهي ته هن اٺڙي سبب اسان کي ڪافي تڪليف ٿي رهي آهي ۽ هيءَ اٺڙي کين مسلسل تنگ ڪري رهي آهي.
🙏 مهرباني ڪري هن پوسٽ کي وڌ کان وڌ شيئر ڪريو، جيئن هي اطلاع اٺڙي جي اصل مالڪ يا وارثن تائين پهچي سگهي ۽ هو پنهنجي اٺڙي کي واپس وٺي وڃن.
🤝 توهان جو هڪ شيئر شايد اٺڙي کي پنهنجي مالڪ تائين پهچائي سگهي ٿو. مهرباني ڪري پوسٽ ضرور شيئر ڪريو.
#اٺڙي #اٺ #ساڪري #نوراني #ڏاھلي #ٿرپارڪر

اهم اطلاع 📢دوستو، هي ڏاچي پنهنجي ڦر سميت ڳوٺ بيهاراڻي، تعلقو ڏاھلي ۾ موجود آهي. 🐪ڏاچي جو ڦر کوهه ۾ ڪري پيو هو، جنهن کي ڳ...
27/08/2026

اهم اطلاع 📢
دوستو، هي ڏاچي پنهنجي ڦر سميت ڳوٺ بيهاراڻي، تعلقو ڏاھلي ۾ موجود آهي. 🐪
ڏاچي جو ڦر کوهه ۾ ڪري پيو هو، جنهن کي ڳوٺاڻن ڪڍي ورتو، پر افسوس جو ڦر جي هڪ ٽنگ ٽٽي پئي آهي.
جيڪڏهن هي ڏاچي ۽ ڦر ڪنهن دوست يا سڃاڻو جا هجن ته مهرباني ڪري هيٺين نمبرن تي رابطو ڪن. 🙏
📞 اسد شوڪت بيهاراڻي: 03408781983
📞 رابطو: 03478625363
مهرباني ڪري پوسٽ کي وڌ کان وڌ شيئر ڪريو، ته جيئن مالڪ تائين اطلاع پهچي سگهي. ❤️
#ڏاچي #ٿرپارڪر

🚨 ڏاهلي ۾ استاد سان بدڪلامي وارو معاملو، تعليم کاتي جو اهم قدم!📚 ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ پٻي جو پار جي پرائمري اسڪول ۾ مقرر ا...
27/08/2026

🚨 ڏاهلي ۾ استاد سان بدڪلامي وارو معاملو، تعليم کاتي جو اهم قدم!
📚 ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ پٻي جو پار جي پرائمري اسڪول ۾ مقرر استاد تيرٿ داس سان مبينا بدڪلامي واري معاملي تي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پاران ٽن رڪني جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.
🔎 جاچ ڪميٽي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته معاملي جي مڪمل جاچ ڪري ٽن ڏينهن اندر رپورٽ جمع ڪرائي.
#ڏاهلي #تعليم #استاد #ٿرپارڪر

27/08/2026

بڑی کامیابی! 🇵🇰🔥
بنوں میں سیکیورٹی فورسز کی دہشتگردوں کے خلاف کامیاب کارروائی، 11 دہشتگرد جہنم واصل کر دیے گئے۔
پاک فوج کے ترجمان
#بنوں

ڇاڇرو: چيئرمين شپ ڇڏي پٽيوالي جي نوڪري! 😯ڇاڇرو جي يونين ڪائونسل ڍاڪلو جي چيئرمين علي نواز ڏهوٽ چيئرمين شپ تان استعيفا ڏئ...
27/08/2026

ڇاڇرو: چيئرمين شپ ڇڏي پٽيوالي جي نوڪري! 😯
ڇاڇرو جي يونين ڪائونسل ڍاڪلو جي چيئرمين علي نواز ڏهوٽ چيئرمين شپ تان استعيفا ڏئي پٽيوالي جي سرڪاري نوڪري جوائن ڪري ورتي.
هي غيرمعمولي فيصلو علائقي ۾ بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي.
#ڇاڇرو #ڍاڪلو

27/08/2026

تعلقي اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ پاٻوھر ڀيل ۾ مڪيش ڪمار ولد تنو ڀيل پاران مبينا خودڪشي، واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو.
#اسلامڪوٽ #ٿرپارڪر

Address

Tar Ahmed
Chachro
69170

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when اھڙوته منھنجوٿرآ posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share