13/08/2026
جشن آزادي جي شاندار تقريبون: ڊگري ڪاليج ميهڙ ۽ قاضي عارف
ڊگري ڪاليج ميهڙ ۽ ڊگري ڪاليج قاضي عارف ۾ يومِ آزادي پاڪستان جي حوالي سان شاندار تقريبون منعقد ڪيون ويون، جن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع دادو جي جنرل سيڪريٽري، ايم پي اي ۽ اڳوڻي صوبائي وزير محترم فياض علي خان ٻٽ صاحب شرڪت ڪئي، جن جو پرتپاک استقبال ڪيو ويو. تقريب دوران مهمانن قومي پرچم ڦڙڪايو، قومي ترانو پيش ڪيو ويو ۽ ڪاليج جي احاطي ۾ ماحولياتي بهتري ۽ سرسبزي جي واڌاري لاءِ ٻوٽا پڻ لڳايا ويا. ان موقعي تي ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ امن لاءِ خاص دعائون پڻ گهريون ويون. ڊگري ڪاليج قاضي عارف ۾ مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن کي مڃتا ايوارڊ پڻ ڏنا ويا. تقريب ۾ مشهور سماج سڌارڪ ۽ اکين جي ماهر ڊاڪٽر محمد خان شيخ سميت پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ۽ معززن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن ۾ قاضي واجد مهيسر، ثاقب مهيسر، رياض حسين کوسو، رئيس علي بخش کوسو، رياض چانڊيو، نظر پنهور، آزاد انور ڪانڌڙو، محمد ابراهيم چانڊيو، دانش چانڊيو، قاضي لطف الله مهيسر، دلبر چانڊيو، وسيم چانڊيو، قادر چانڊيو، عزيز منگي ۽ ٻين معزز شخصيتن شرڪت ڪري جشن آزادي جي تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
❤️😘✊