پورهيت مزاحمت تحريڪ دادو Worker's Resistance Movement Dadu

  • Home
  • Pakistan
  • Dadu
  • پورهيت مزاحمت تحريڪ دادو Worker's Resistance Movement Dadu

پورهيت مزاحمت تحريڪ دادو Worker's Resistance Movement Dadu پورهيت مزاحمت تحريڪ سنڌ سميت سڄي دنيا جي مظلوم قومن ۽ طبقن جي نجات جي لاء جدوجهد ڪندڙ تنظيم آهي.. سوشلزم زنده آباد

جيئي سنڌ ،جيئي پورهيت.دوستو، هن آچر، 6 سيپٽمبر تي پورهيت مزاحمت تحريڪ طرفان «لبرلزم جو تنقيدي جائزو» جي عنوان سان اسٽڊي ...
05/09/2026

جيئي سنڌ ،جيئي پورهيت.
دوستو، هن آچر، 6 سيپٽمبر تي پورهيت مزاحمت تحريڪ طرفان «لبرلزم جو تنقيدي جائزو» جي عنوان سان اسٽڊي سرڪل رکي رهيا آهيون، جنهن ۾ اوهان سڀني ساٿين کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي.
هنڌ: پورهيت مزاحمت تحريڪ آفيس، نزد هوري اسٽاپ
وقت: شام جو 5 وڳي.

ميھڙ جي انتھائي سنجيده ۽ باشعور دوست ڪامريڊ الطاف سولنگي کي پورھيت مزاحمت تحريڪ جوائن ڪرڻ تي ڀليڪار ڪجي ٿو پاران پورھيت ...
15/08/2026

ميھڙ جي انتھائي سنجيده ۽ باشعور دوست ڪامريڊ الطاف سولنگي کي پورھيت مزاحمت تحريڪ جوائن ڪرڻ تي ڀليڪار ڪجي ٿو
پاران پورھيت مزاحمت تحريڪ ميھڙ

15/06/2026

وفا ناٿن شاهي لائبريري جي افتتاحي پروگرام جي دوران رکيل موقف

15/06/2026

اڄ پورھيت مزاحمت تحريڪ ڪي اين شاهه طرفان وفا ناٿن شاھ لائبريري جي اڻپوري ڪم کي پورو ڪرڻ ۽ ان بعد فعال ڪرڻ لاءِ مختلف وقتن تي جدوجهد ڪندڙ ساٿين طرفان افتتاح ڪيو ويو، جنھن ۾ پورھيت مزاحمت تحريڪ جي ڪامريڊ بلاول ڀرڳڙي، ماجد ٻگھيو، بچل چانڊيو، اظھر گاڏھي، سماجي اڳواڻ امتياز عباسي ،ايس يو پي جي غلام محمد گاڏھي، ڪامريڊ زوھيب، سنڌي ادبي سنگت جي سائين بخت حسين ٻرڙو، امير چانڊيو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي علي حسن جانوري، سڪندر کوکر ۽ طبقاتي جدوجهد جي بشير ٻٻر شرڪت ڪئي. جنھن ۾ دوستن ڳالھائيندي چيو ته لائبريري جو کولڻ ڪي اين شاهه جي سياسي ۽ سماجي تنظيمن سان واسطو رکندڙ نوجوانن جي ڪاميابي آھي، جن مستقل جدوجهد ڪري نيٺ حڪمرانن کان لائبريري کولرائي. پر ھاڻ لائبريري کي مستقل طور بھتر ھلائڻ لاءِ لائبريري انتظاميه سان رابطو رکيو ويندو ۽ شھرين تي مشتمل ھڪ لائبريري ڪميٽي ٺاھي لائبريري کي اڃا بھتر بڻائڻ لاءِ تحرڪ ھلائي ويندي،ان کان علاوه سياسي ۽ سماجي تنظيمن مطالبو ڪيو ته لائبريري کي سولر پينل ڏنو وڃي ۽ گاڏين جي پارڪنگ لاءِ شلٽر جو بندوبست ڪيو وڃي

دوستو ساٿيو سرخ سلاموفا ناٿن شاهي لائبريري جنهن جو پيڙهه جو پٿر 2013 ۾ رکيو ويو ، ان کي ٺهندي پورا  13 سال لڳي ويا ، لائ...
14/06/2026

دوستو ساٿيو سرخ سلام
وفا ناٿن شاهي لائبريري جنهن جو پيڙهه جو پٿر 2013 ۾ رکيو ويو ، ان کي ٺهندي پورا 13 سال لڳي ويا ، لائبريري مڪمل ڪرائڻ لاء ڪي اين شاھ جي سياسي جماعتن ۽ ساڃاهه وند ماڻهن مسلسل 8 سالن کان هر سطح تي آواز بلند ڪري دٻائو ٺاهيو ته لائبريري کي فلفور کوليو وڃي جئين شاگرد ۽ اهل شعور جي پرت ان مان لاڀ حاصل ڪري سگهي. نيٺ اڄ بروز آچر 14 جون 2026 تي پيپلزپارٽي جي حڪومت لائبريري جو باظابطه افتتاح ڪيو.
اسان سمجهون ٿا ته لائبريري اسان سڀني سياسي ۽ ساڃاهه وند دوستن جي گڏيل جدوجهد جو ثمر آهي ۽ اسان جي ٽيڪس جي پيسن مان ٺهي راس ٿي آهي، تنهن ڪري اسان دوست سڀاڻي صبح جو 9 وڳي لائبريري جو افتتاح ڪنداسين.
ان افتتاحي پروگرام جي لاء اسان ڪي اين شاھ جي سڀني سياسي ، سماجي ۽ صحافي دوستن کي شرڪت جي دعوت ٿا ڏيون . جيئن اسان پنهنجي لائبريري جي مالڪي به پاڻ ڪيون.
گڏ ٿيڻ جو ھنڌ ؛لائبريري
پاران پورھيت مزاحمت تحريڪ ..

اڄ پورھيت مزاحمت تحريڪ ميھڙ طرفان ڇا مارڪسزم اڄ جي دور سان لاڳاپيل رليونٽ آهي؟ جي عنوان ھيٺ اسٽڊي سرڪل رکيو ويو جنھن ۾ د...
18/05/2026

اڄ پورھيت مزاحمت تحريڪ ميھڙ طرفان ڇا مارڪسزم اڄ جي دور سان لاڳاپيل رليونٽ آهي؟ جي عنوان ھيٺ اسٽڊي سرڪل رکيو ويو جنھن ۾ دوستن ڳالھ رکي ته جيستائين سرمائيداري ۽ سامراجيت جو وجود آهي مارڪسزم نه صرف رليونٽ آهي پر اڳ کان وڌيڪ ان جي چِٽائيِ ٿي چڪي آهي جنهن سب پريڪسز عمل جي سخت ضرورت آهي، ​ڀَلي سرمائيداري پنهنجي شڪل بدلائي ڊجيٽل يا ڪارپوريٽ بڻجي چڪي هجي پر بنيادي سچائي اها ئي آهي ته پورهيت جي پيدا ڪيل سرپلس ويليو اضافي قدر تي اڄ به سرمائيدار جو ئي قبضو آهي، اڄ به عالمي ادارن ۽ هٿ ٺوڪين مالي نظامن جي اجاراداري قائم آهي جنهن مظلوم قومن جي معيشتن کي يرغمال بڻائي رکيو آهي، اڄ جيڪا تيزي سان نجڪاري ٿي رهي آهي اها به ان ئي سامراجي نظام جو تسلسل آهي جيڪو عوامي وسيلن کي چند هٿن ۾ منتقل ڪرڻ چاھي ٿو، ​تنهنڪري جيستائين هي استحصال جاري رهندو ان کي سمجهڻ ۽ بدلائڻ لاءِ مارڪسزم رليونٽ رھندو.

اڄ پورھيت مزاحمت تحريڪ ڪي اين شاھ طرفان ايران–اسرائيل جنگ (مذھبي ۽ لبرل بيانيو جو ڇيد) تي اسٽڊي سرڪل ڪيو ويو، جنھن ھيٺيو...
29/03/2026

اڄ پورھيت مزاحمت تحريڪ ڪي اين شاھ طرفان ايران–اسرائيل جنگ (مذھبي ۽ لبرل بيانيو جو ڇيد) تي اسٽڊي سرڪل ڪيو ويو، جنھن ھيٺيون ڳالھيون ڪيون ويون،
اسرائيلي–آمريڪي جارحيت ايراني خودمختيار قوم تي حملو آھي،
لبرل نقطهٔ نظر ته ھي اسرائيلي ۽ آمريڪي حملو ايران قوم کي آزادي بخشيندو ۽ جمهوريت قائم ٿيندي، اھو غير حقيقي آھي، آمريڪا جي مداخلت ليبيا، شام ۽ عراق ۾ ڏيکاري ٿي ته جتي به اھا مداخلت ٿي، اتي ان قوم جي قومي خودمختياري ۽ تھذيبي سڃاڻپ کي نقصان پھتو آھي،
ٻئي پاسي ايران جو رياستي نظام ٿيوڪريسي (آيتوڪريسي) آھي، جيڪو مذھبي نقطهٔ نظر ولايت فقيه تي مشتمل آھي، اھو رياست ۽ مذھب کي گڏ کڻڻ جي ڳالھ ڪري ٿو بلڪه عملي طور ھڪ سخت گير مذھبي شخصيت جي حڪمراني کي مضبوط بڻائي ٿو، جيڪو جديد دور سان مڪمل مطابقت نٿو رکي ۽ اتان جي عوام جا بنيادي انساني حق به غصب ڪري ٿي پوري متبادل سياسي نظام کي پڻ سختي سان ڪچلي ٿي ۽ ان جي اوسر کي به روڪي ٿي ڇڏي ان سان گڏ پوري خطي کي مذهبي فرقيواريت جي ور چاڙهي ٿي ڇڏي.
اسان کي ايران تي موقف رکڻ وقت مذھبي رجيم ۽ اتان جي عوام کي الڳ ڪري ڏسڻ جي ضرورت آهي .
ھي دنيا ھاڻ ھڪٻئي سان گھڻي ڳنڍيل آھي ھڪ علاقائي جنگ عالمي معيشت کي غير مستحڪم ڪري ٿي جنھن سان ماڻھو بيروزگار بڻجڻ ۽ مهنگائي جو ٿيڻ لازمي جز بڻجي وڃي ٿو جنھن سان نقصان عام عوام جو ٿيندو،
ايران جي قسمت جو فيصلو ايراني عوام جو حق آھي نه ڪي ڪنھن ٻاھرين ڌر جو،
ھي جنگ اسان سان سڌو تعلق ھڪ معني ۾ ايئن رکي ٿي ته ھي اسان جو خطو توانائي جي وسيلا نار ملڪن کان وٺي ٿو ۽ ھن ملڪ جا ستر لک کان وڌيڪ ماڻھو نار واري عرب ملڪن ۾ رھن ٿا، جيڪڏھن جنگ وڌي ۽ عرب ملڪن تائين پکڙجي ته اسان جو خطو تمام گھڻو متاثر ٿيندو،
اسان ترقي پسند ڌرين جون نيڪ تمنائون ايراني عوام سان گڏ آھن.

جيئي سنڌ  جيئي پورھيت عوام سلام دوستو پورھيت مزاحمت تحريڪ ڪي اين شاھ طرفان ايران اسرائيل آمريڪا جنگ جي موضوع تي اسٽڊي سر...
27/03/2026

جيئي سنڌ جيئي پورھيت عوام
سلام دوستو پورھيت مزاحمت تحريڪ ڪي اين شاھ طرفان ايران اسرائيل آمريڪا جنگ جي موضوع تي اسٽڊي سرڪل ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، جئين خطي ۾ سامراج طرفان ايراني عوام مٿان زوري ٿاڦيل جنگ ۽ ان جي تاريخ کي سمجهي سگهجي ۽ ٻن انتهاپسند نقطه نظرن جو ڇيد ڪجي (لبرل ۽ مذهبي) .
اوهان اهل شعور دوستن کي هن اسٽڊي سرڪل شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي.
هنڌ ۽ وقت. ڊگري ڪاليج ڪي اين شاھ
شام 5 وڳي بروز آچر 29 مارچ

جيئي سنڌ  جيئي پورھيت عوامدوستو اوهان جي سامهون جئين ته وطن دوست ۽ انقلابي سياست جي رستا روڪ لاء هڪ اڻ ڏٺل مارشلا لاڳو ٿ...
03/03/2026

جيئي سنڌ جيئي پورھيت عوام
دوستو اوهان جي سامهون جئين ته وطن دوست ۽ انقلابي سياست جي رستا روڪ لاء هڪ اڻ ڏٺل مارشلا لاڳو ٿيل آهي جيئن رياست مظلوم قومن جي وسيلن تي بنا روڪ ٽوڪ جي قابض ٿيندي رهي ۽ اهڙي ئي صورتحال عالمي سامراج جي به آهي جيڪو هن وقت پنهنجي خونخوار شڪل ۾ ننگو نروار ٿي سامهون اچي پنهجي هر مخالف کي چيپاٽڻ ٿو چاهي، ان سڄي صورتحال کي بحٽ هيٺ آڻڻ ان عالمي صورتحال کي سمجهڻ سان گڏوگڏ پورهيت مزاحمت تحريڪ جي منشور کي بحٽ هيٺ آڻڻ لاء ڪامريڊ مسرور شاھ صدر پورھيت مزاحمت تحريڪ ڳالھ ٻول رکندو ، جنهن ۾ اوهان سڀني دوستن کي انقلابي جذبي سان شرڪت جي دعوت ٿي ڏجي
دادو شام 7 وڳي 5 مارچ ايريگيشن پارڪ سامهون جم خانا دادو

Address

Khaipur Nathan Shah
Dadu
7100

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when پورهيت مزاحمت تحريڪ دادو Worker's Resistance Movement Dadu posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share