PML-F Dadu

PML-F Dadu The Pakistan Muslim League (F)PML-F, is a nationalist and pro-Hurs clan political party in Pakistan.

20/04/2026

فنڪشنل ليگ جي مرڪزي اڳواڻ سائين سيد محمد راشد شاه راشدي اڄ دادو پهتا، جتي سندن آمد تي فنڪشنل ليگ جي ضلعي قيادت پاران پرجوش ۽ شاندار استقبال ڪيو ويو. سائين سان گڏ ٻين معزز مهمانن پڻ شرڪت ڪئي، جن جي به دل کولي آجيان ڪئي وئي.
ان موقعي تي ضلعي صدر محمد خان پنهور،ضلع نائيب صدر وڏيرو محمد سومر خان پنهور، حاڪم علي چانڊيو ۽ ٻين ساٿين مرڪزي اڳواڻن جو گرمجوشي سان آڌر ڀاءُ ڪيو.
استقبال دوران سائين سيد محمد راشد شاه راشدي ۽ ساڻس گڏ آيل مهمانن کي سنڌ جي ثقافتي سوکڙين ۽ تحفن سان نوازيو ويو، جنهن تي هنن ميزبانن جي محبتن ۽ خلوص جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيو.
ان موقعي تي خطاب ڪندي سائين محمد راشد شاه راشدي چيو ته:
فنڪشنل ليگ هميشه عوامي خدمت، اصولي سياست ۽ سنڌ جي حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪندي رهي آهي. اسان جو مشن آهي ته عوام جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرايون ۽ سنڌ کي ترقي جي راهه تي آڻيون. موجوده حالتن ۾ گڏيل جدوجهد جي اشد ضرورت آهي ته جيئن عوام کي درپيش مسئلن مان نجات ملي سگهي.
بعد ۾ سائين سيد محمد راشد شاه راشدي ٻين مهمانن ۽ قافلي سميت مورو نيو جتوئي طرف روانا ٿي ويا، جتي پڻ سندن مختلف پروگرامن ۾ شرڪت متوقع آهي۔

Address

Dadu
025

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when PML-F Dadu posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to PML-F Dadu:

Share