Channa Library Darbello

Channa Library Darbello Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Channa Library Darbello, Library, Post Office Darbello, Darbello.

08/05/2026

”ڪارو ڪاري“ ۽ عورت جي تحفظ جو سوال!
سجاد ظهير

عورت اسان جي سماج ۾ اڄ بہ ڏاڍ، جبر ۽ ناانصافي جو سڀ کان وڏو شڪار بڻيل آهي. کيس نہ رڳو جسماني، پر ذهني، سماجي ۽ معاشي تشدد کي بہ منهن ڏيڻو پوي ٿو. جڏهن بہ ڪا عورت پنهنجي حق، آزادي يا بهتر مستقبل لاءِ ڪو فيصلو ڪري ٿي تہ، ڪيترائي ڀيرا ساڳيو سماج سندس سامهون رنڊڪ بڻجي اچي وڃي ٿو، جڏهن تہ، ڪجهہ ماڻهو عورت جي آزاديءَ کي پنهنجي روايتن ۽ انا لاءِ خطرو سمجهن ٿا. نتيجي طور عورت کي پنهنجي بنيادي حقن جي حاصلات لاءِ بہ مسلسل جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي، جيڪو عورت جو سفر اڄ بہ جاري آهي. جيتوڻيڪ عورتن جي تحفظ، ڀلائي ۽ حقن لاءِ مختلف قانون ۽ پاليسيون جوڙيون ويون آهن، پر انهن قانونن تي مڪمل ۽ اثرائتي نموني عملدرآمد اڃا تائين هڪ وڏو مسئلو بڻيل آهي. قانونن جي موجودگي باوجود اهڙو مضبوط ۽ فعال ميڪنزم موجود ناهي، جيڪو عورتن کي انصاف، تحفظ ۽ برابري فراهم ڪري سگهي. ٿيڻ ائين گهرجي تہ، صرف قانون سازي نہ پر انهن جوڙيل ضابطن تي سختي سان عمل ڪرائڻ، سماجي شعور وڌائڻ ۽ عورتن کي محفوظ ۽ بااختيار بڻائڻ لاءِ عملي قدم بہ کنيا وڃن، جيئن هڪ انصاف ڀريو ۽ برابريءَ وارو سماج قائم ٿي سگهي. پر انهي حوالي سان ڪابہ اڳڀرائي نظر ڪانہ پئي اچي. سنڌ ۾ تازو غيرت جي نالي قتل جي حوالي سان جيڪي واقعا رپورٽ ٿيا آهن، اهي پريشان ڪندڙ آهن، ساڳي وقت انهن جا انگ اکر پڻ ڇرڪائيندڙ آهن. سماج ڪهڙي پاسي وڃي رهيو آهي، ان تي لکڻ جي ضرورت آهي.
انساني حقن واري ڪميشن ”هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان“جي هڪ تازي رپورٽ موجب، 2025 ۾غيرت جي نالي تي قتل جا 470 ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته، 2024 ۾ 405 هئا. اهوهڪ سال اندرانهن واقعن ۾لڳ ڀڳ 17 سيڪڙو واڌاروآهي. رپورٽ موجب، انهن متاثرٿيل عورتن مان ٽئين حصي جوتعلق پنجاب سان آهي، جتي وزيراعليٰ هڪ عورت آهي. ان کان سواءِ، گذريل سال عورتن خلاف گهريلو تشدد جي واقعن ۾ 1,332 ٻيا قتل پڻ رڪارڊ ڪيا ويا، جيڪي مسئلي جي شدت کي وڌيڪ واضح ڪري سامهون آڻين ٿا. هي سماج جو هڪ اهڙوچهروآهي، جنهن تي سوال اٿارڻ لاءِ تحريڪون ماٺ ٿي چڪيون آهن، صرف گروپن جي شڪل ۾آواز بلند ٿئي ٿو.
غيرت جي نالي تي قتل عام طورتڏهن ٿيندا آهن، جڏهن عورتون پنهنجي مرضي خلاف شاديءَ جوحق استعمال ڪن ٿيون يا مرد شڪ جي بنيادن تي عورتن کي الزام لڳائي قتل ڪن ٿا. عورتون پنهنجي خاندان جي مرضي خلاف فيصلاڪن ٿيون، ۽ انهن جي ڳلي ۾اها سرڪڻ وجهي وڃي ٿي، جنهن مان جند آجي ڪرائڻ لاءِ اڃا اسان جوسماج تيارنه ٿيوآهي.اهڙيون عورتون جيڪي پنهنجي حوصلي، اميد، بهادري ۽ ٽيلنٽ جي بنياد تي تعليم يا روزگارحاصل ڪن ٿيون، يا سوشل ميڊيا تي پنهنجي زندگي الڳ اندازسان گذارڻ لاءِ سرگرم هونديون آهن، سوشل ميڊيا جن عورتن کي پنهنجي ڳالهه رکڻ جوخودمختيارحق ڏنوآهي، انهن جي اها آزادي پڻ ڪجهه رجعت پسند خاندانن ۽ گهر جي فردن لاءِ تڪرارجوسبب بڻجي چڪي آهي. مٿي ڄاڻايل رپورٽ ۾هڪ واقعي جوحوالوپڻ ڏنوويوآهي، جنهن ۾هڪ پيءُ پنهنجي ڌيءَ کي صرف ان ڪري قتل ڪيو ته، سندس ڌيءَ ٽڪ ٽاڪ تان اڪائونٽ ڊليٽ نه ڪيو. سوچجي ته، اهڙا واقعا ظاهر ڪن ٿا ته، مسئلوصرف عزت يا غيرت جو نه، پر هڪ گٺل پِيٺل غلاماڻين سوچن واري سماج جوآهي، جيڪوعورت کي ملڪيت سمجهي ان تي پنهنجي اٿارٽي لاڳو ڪرڻ چاهي ٿو. اهوئي سبب آهي جو اهومدي خارج رويو عورتن جي آزادي ۽ خودمختياري کي خانداني عزت سان ڳنڍي ٿو. جڏهن ته، اسان جون ڪجهه لبرل ڌريون ان مسئلي کي سياسي بڻائڻ بجاءِ اٻهرائپ واري رخ ۾وٺي وڃن ٿيون. جيئن ئي ميڊيا جو اثرگهٽ ٿئي ٿو، اهومسئلوبه غائب ٿي وڃي ٿو، لبرل ڌريون وري ڪنهن ٻئي معاملي ۾ مصروف ٿي وڃن ٿيون، تيستائين هڪ نئون واقعو سامهون اچي ٿو، ۽ ساڳيو حشر ٿئي ٿو، نعرا، ڪاغذي ڪارروائي، ڪيس داخل ٿيڻ، جاچ ڪميٽيون ۽ عدالتن جا آسرا. پدرشاهي مائينڊ سيٽ وري ڪو نئون واقعو ڪري ٿو ۽ اسان اسٽالن جي ان قول وانگر هڪ کان پوءِ ٿيندڙ واقعن کي اسٽيٽس سمجهي ڳڻيندا رهون ٿا.
جائزو وٺجي ته، پاڪستان ۾ غيرت جي نالي تي قتل جي خلاف قانون موجود آهن، پراسان جون اسيمبليون ۽ ان ۾ويٺل غلاماڻي سوچ جا پيروڪاروڏيرا ۽ جاگيرداراهڙن قانونن جي اڳيان رڪاوٽ بڻيل آهن. جن جا جرڳا جوابدارن کي جيڪو تحفظ ڏين ٿا، اهڙا عمل عورتن خلاف ڏاڍ ۽ جبر جهڙن واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي نه رڳو همٿائين ٿا، پرانهن کي هڪ وڏورليف پڻ ملي وڃي ٿو. جنهن ۾ڪُوڙي غيرت سوڀاري ٿئي ٿي ۽ انساني زندگي هارائي وڃي ٿي. 2016ع جي قانون ۾ ترميم اهڙن ڏوهن جي سزا کان بچڻ جا رستا ته، بند ڪري ڇڏيا، پرمڪمل طوراڃا به قانون ۾کوٽ موجود آهي. عورتن خلاف تشدد بابت 2016ع جوقانون ”پروٽيڪشن آف وومين اگينسٽ وائيلنس ايڪٽ 2016ع“ (PWVA) هڪ وڏوقدم هو، پرعملي عملدرآمد ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ڪمزوريون موجود آهن، جن جي ڪري اهڙن ڏوهن جا جوابدار اڪثرڪري سزائن کان بچي وڃن ٿا. خاص طورتي قانون جي صحيح عملدرآمد نه ٿيڻ، پوليس جي جاچ ۾ڪوتاهي، سماجي ۽ سياسي نظام جي دٻاءَ هيٺ ڪم ڪرڻ، ثبوت گڏ ڪرڻ جو ڪمزور نظام ۽ ڪيسن ۾سستي ۽ دير وارو ٿڪائيندڙ طريقو ان قانون جي سگهه کي گهٽائي ڇڏي ٿو، جنهن جواثرمتاثرڌرلاءِ وڌيڪ پريشاني جوسبب بڻجي ٿو. نتيجي طورڪيترن ئي ڪيسن ۾ٺاهه يا ڪمپرومائز جورستواختيارڪيووڃي ٿو، خاص ڪري اهڙن گهريلو يا غيرت جي نالي تي ٿيندڙ ڪيسن ۾، جنهن سان قانون جي سختي به ڪمزور ٿي وڃي ٿي. ساڳئي وقت مدي خارج سوچ متاثرعورتن تي دٻاءُ وجهي ٿي، جنهن سبب هوڪيس واپس وٺڻ يا خاموش رهڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿيون. نتيجي طور قانون موجود هجڻ باوجود هڪ اهڙو نظام سامهون اچي ٿو، جيڪو ڪاغذن ۾ ته مضبوط نظراچي ٿو، پرعملي طورڪمزور ۽ گهٽ ريليف ڏيندڙ آهي. آخرڪار نتيجو اهونڪري ٿو ته، متاثر جي انصاف تائين رسائي محدود ٿي وڃي ٿي.
ڏٺو وڃي ته، هي مسئلو صرف هڪ سماج جوالميونه آهي، پرانساني حقن جي سخت لتاڙپڻ آهي. عورتن کي پنهنجي زندگي جيئڻ، خودمختيارتعليم حاصل ڪرڻ، پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪرڻ ۽ آزاد زندگي گذارڻ جوبنيادي حق حاصل آهي. جڏهن ته، رياست جي اها ذميواري آهي ته، هوعورتن جي تحفظ لاءِ مضبوط قدم صرف دستاويزن ۽ ڪاغذن تائين محدود نه رکي، پر قانون تي به سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائي. گڏوگڏ مختلف مڪتبه فڪر، خاص طور تي روشن خيال ذهنن کي سماج ۾ شعور بيدارڪرڻ لاءِ متحرڪ ڪيو وڃي. جيستائين سماجي روين ۾تبديلي نه ايندي ۽ عورتن کي مڪمل انسان طور تسليم نه ڪيو ويندو، تيستائين اهڙن ڏوهن کي ختم ڪرڻ ممڪن نه آهي.
جائزووٺجي ته، سنڌ ۾غيرت جي نالي تي عورتن جي قتل جا واقعا تمام گهڻا وڌي رهيا آهن، جن جواهڙي ريت وڌڻ سماج لاءِ هاڃيڪار آهي. انساني حقن جي ڪميشن جي رپورٽ موجب 2025ع دوران سنڌ ۾غيرت جي الزام هيٺ 110 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ڪيا ويا، جن مان وڏي اڪثريت عورتن جي هئي. جڏهن ته، صرف پهرين ڇهن مهينن دوران ئي ڪيترين عورتن کي پنهنجي مرضي، شادي يا ذاتي فيصلن سبب زندگيءَ کان محروم ڪيو ويو. اهي انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته، عورت اڄ به سماجي جبر، مدي خارج ۽ ڪمزور ريتن رسمن، روايتن ۽ قانوني عملداريءَ جي فقدان سبب تحفظ ۽ خوف جو شڪار آهي. جيستائين انهن قانونن تي مڪمل ۽ سختيءَ سان عملدرآمد نه ٿيندو، اوستائين عورتن تي جبر۽ ڏاڍ جا واقعا ٿيندا رهندا. تنهن ڪري اهڙن قانونن کي رڳو دستاويزن تائين محدود نه رکڻ گهرجي، پرانهن تي عملي طور سختيءَ سان عمل ڪرائڻ جي ضرورت آهي. سماج ۾اهڙن ڏوهن جا بنيادي سبب نظام جي ڪمزوري، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ڪمزور ميڪنزم، جاچ پڙتال جو اڍنگو سرشتو، سماجي دٻاءُ ۽ جاگيرداري نظام جون روايتون آهن، جيڪي عورتن خلاف تعصب کي هٿي ڏين ٿيون. گهڻو ڪري قاتل خاندان جا ئي ماڻهو هوندا آهن، جنهن سبب متاثر خاندان انصاف جي طلب کان هٽي خاموش رهڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترائي ڪيس رپورٽ نٿا ٿين، ۽ حقيقي صورتحال سرڪاري انگن اکرن کان وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي.
سماج جوجائزو هميشه تنقيدي بنيادن تي وٺڻ گهرجي، ڪرپٽ ۽ عورت دشمن روايتن کي نندڻ گهرجي. هروڀروائين چوڻ ته، سنڌ ۾عورت دشمن رويا يا ”ڪاروڪاري“آهي ئي ڪونه، يا اهو چوڻ ته، اسان جنهن سماج ۾رهون ٿا اهوهڪ مثالي سماج آهي، جيڪو حقيقتن کان انڪار ڪرڻ برابرآهي. تسليم ڪرڻ گهرجي ته، ”ڪاروڪاري“هڪ اهڙي لعنت آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾روايتن يا ڪوڙي انا جوشان سمجهڻ بجاءِ هڪ سنگين ڏوهه طورڏسڻ گهرجي. سنڌ جي سماجي تاريخ ۾ ”ڪاروڪاري“هڪ اهڙو عمل آهي، جيڪوخاص طور تي عورتن کي ظلم، جبر ۽ قتل جو نشانو بڻائي ٿو. ”ڪاروڪاري“اصل ۾غيرت جي نالي تي قتل جو هڪ روپ آهي، جنهن ۾ عورتن ۽ ڪڏهن ڪڏهن مردن کي الزام جي بنياد تي قتل ڪيووڃي ٿو. هي ڪو ثقافتي يا قبيلائي مسئلو ناهي، پران جي پويان معاشي، طبقاتي ۽ پدرشاهي جوڙجڪ موجود آهي. غيرت جي نالي ۾عورت جوقتل هڪ سماجي ڏوهه آهي، جيڪو جاگيرداري نظام، عورتن جي معاشي غلامي ۽ رياست جي ڪمزوري مان مان جنم وٺي ٿو. هي سماج معاشي لاڳاپن تي ٻڌل آهي، جتي جيڪوطبقوزمين، دولت ۽ طاقت جو مالڪ آهي، اهو ئي سماجي قدرن ۽ اخلاقيات کي به ڪنٽرول ڪري ٿو. هن نظام ۾عورت کي آزاد انسان جي بدران مرد پنهنجي ملڪيت سمجهي ٿو. تنهن ڪري جڏهن ڪا عورت پنهنجي مرضي سان شادي ڪري ٿي يا ان تي ڪنهن سان تعلق رکڻ جوالزام لڳايو وڃي ٿو ته، مرد پنهنجي نام نهاد عزت بچائڻ لاءِ ان کي قتل ڪرڻ تائين هليو وڃي ٿو.
تجزيوڪجي ته عورتن جو استحصال خانگي ملڪيت ۽ طبقاتي نظام سان ڳنڍيل آهي، جتي ملڪيت جي حيثيت عورتن کي معاشي طورتي مردن جي ماتحت بڻائي ڇڏيوآهي، جنهن جي ڪري عورت گهڻو ڪري گهرن تائين محدود رهي ٿي. سنڌ ۾ڪاروڪاري هن پدرشاهي ۽ جاگيردار ذهنيت جي هڪ شڪل آهي، جتي عورتن جي زندگين ۽ فيصلن تي مرد جو ڪنٽرول برقرار آهي. عورتن جي حقيقي آزادي معاشي خودمختياري ۽ سماجي تبديلي کان سواءِ ممڪن ناهي، ڇاڪاڻ ته جيستائين عورتون پيداوار جي عمل ۾برابر حصو نه وٺنديون ۽ طبقاتي ۽ جاگيرداري ڍانچو برقراررهندو، تيستائين انهن تي ٿيندڙظلم جاري رهندو. استحصال جي صورت ۾بااثر طبقا اڪثر ڪري قانون کان بچي ويندا آهن، جيڪواهوواضح ڪري ٿو ته رياستي نظام به ڪيترين حالتن ۾ طبقاتي مفادن جي حفاظت ڪري ٿو. تنهن ڪري هن رواج کي ختم ڪرڻ لاءِ عورتن جي تعليم، معاشي آزادي، زرعي سڌارا ۽ جاگيرداري جي خاتمي سان گڏ سماجي ڍانچي ۾بنيادي تبديلي ضروري آهي. جنهن لاءِ هڪ منظم جدوجهد جي ضرورت آهي، ۽ اها ئي عورتن جي حقيقي آزاديءَ جي ضمانت بڻجي سگهي ٿي.
[email protected]
روزاني ڪاوش جمعو 8 مئي 2026ع

08/05/2026

چوڏھن نڪتا، هڪ صفحو، اٺيتاليھ ڪلاڪ!
عارف انيس

اڄ (ڪالھ) صبح ايڪسيئوس جي بارڪ راوڊ جيڪو اسڪوپ ڏنو، اهو هن وقت جو سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندڙ سفارتي نوٽ بڻجي ويو آهي۔ وائيٽ هائوس جا ٻہ عملدار، ۽ ٻيا ٻہ ذريعا تصديق ڪن ٿا تہ ايران سان “هڪ صفحي، 14 نڪتن واري مفاهمتي يادداشت” تي اتفاق ويجهو آهي۔ آمريڪا ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ ايراني جواب جو منتظر آهي۔ گلوبل اينڊ ميل ۽ رائٽرز بہ ڪجهہ ڪلاڪن بعد پاڪستاني ٽياڪڙيءَ جي حوالي سان ان جي تصديق ڪئي۔ اهو ٽياڪڙ صاف چوي ٿو: “اسان هي ڊيل تمام جلد فائنل ڪري ڇڏينداسين۔ اسان تمام ويجهو آهيون۔”
بازارن فوراً ردِعمل ڏنو۔ سي اين بي سي موجب برينٽ ڪروڊ لڳ ڀڳ 6 سيڪڙو ڪري 103 ڊالر في بيرل تي اچي ويو، ۽ ڏينهن جي ڪجهه حصي ۾ 100 ڊالر کان به هيٺ هليو ويو۔ آمريڪي ڊبليو ٽي آءِ 7 سيڪڙو ڪري 95.22 ڊالر تي اچي ويو۔ يو پي آءِ جا انگ اکر ته ان کان به وڌيڪ آهن۔ برينٽ 10 ڊالر في بيرل ڪري پيو، جڏهن ته آمريڪي ڪروڊ 13 ڊالر گهٽجي ويو۔
دستاويز جو خاڪو هي آهي: جنگ جو خاتمو۔ 30 ڏينهن جي هڪ ونڊو، جنهن دوران تفصيلي معاهدي تي ڳالهيون ٿينديون۔ هرمز واري سامونڊي لنگهه جي بحالي، ايٽمي پروگرام تي حدبندي، ۽ پابنديون ختم ڪرڻ۔ ايڪسيئوس موجب يورينيم جي رچاء تي گهٽ ۾ گهٽ 12 ۽ وڌ ۾ وڌ 15 سالن جي پابندي هوندي۔ ايران جي شروعاتي گهر پنج سال هئي، جڏهن ته آمريڪا 20 ارب ڊالرن جا منجمد ايراني فنڊ جاري ڪرڻ لاءِ تيار آهي۔ گلوبل اينڊ ميل جي اهم واڌو رپورٽ به ٻڌي وٺو: شروعاتي مسودي ۾ ايران جي ميزائل پروگرام تي پابنديون، ۽ حزب الله، حماس، ۽ حوثين جي حمايت تي پابنديون شامل ناهن۔ اهي آمريڪا جون ٻه پراڻا مطالبا ھئا، جيڪي هاڻي ميز تي ئي ناهن۔
هاڻي اچو ته گذريل ڏهن ڏينهن جو نقشو ڏسون:
26 اپريل۔ عراقچي اسلام آباد آيو، پوءِ مسقط، پوءِ ٻيهر اسلام آباد، ۽ پوءِ ماسڪو ويو۔ پاڪستان، مصر، ترڪي، ۽ قطر جا ٽياڪڙ اها ڪوشش ڪري رهيا هئا ته ايٽمي مسئلي کي في الحال پوئتي رکي، صرف هرمز ۽ ناڪابندي بابت معاهدو ڪيو وڃي۔ ٽرمپ 26 اپريل تي ايڪسيئوس کي چيو: “ڳالهه ٻولهه تمام ڊگهي ٿي چڪي آهي۔ فون تي رڳو ايترو ئي ٿي سگهي ٿو۔ جيڪڏهن ايران وارا چاهين ٿا ته فون ڪن۔ اسان ويهي ڳالهائڻ لاءِ نه وينداسين۔”
3 مئي۔ ٽرمپ جي گالف ڪورس مان هڪ نئون اعلان ٿيو: “آپريشن پروجيڪٽ فريڊم”۔ پندرهن هزار آمريڪي فوجي، 100 کان وڌيڪ بحري جهاز، ۽ هرمز واري سامونڊي لنگهه مان گذرندڙ جهازن جي “رهنمائي”۔ سي اين اين موجب پهرين ڏينهن صرف چار جهاز گذريا۔ سپاه پاسداران ست تيز رفتار ٻيڙيون ۽ ڪجهه ڊرون موڪليا۔ آمريڪي هيليڪاپٽرن انهن سڀني کي ٻوڙي ڇڏيو۔
4 مئي۔ گڏيل عرب امارات جي فجيره تيل صنعتي زون تي ٻه ايراني ڊرون ڪريا، جڏهن ته ايران ذميواري قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو۔ ٽي ڀارتي شهري زخمي ٿيا۔ سعودي ولي عهد فوراً اماراتي صدر کي فون ڪري مذمت ڪئي۔ هڪ فرانسيسي شپنگ ڪمپني اربع ڏينهن رپورٽ ڏني ته سندن هڪ ڪنٽينر جهاز هرمز ۾ ٽڪرائجي ويو، ۽ زخمي عملي کي ڪڍي ورتو۔ ان ڏينهن سي اين اين تي عراقچي هڪ ٽوئيٽ ڪئي، جنهن جو هڪ جملو هر سفارتڪار کي ياد رکڻ گهرجي: “پروجيڪٽ فريڊم دراصل پروجيڪٽ ڊيڊ لاڪ آهي۔” يعني آزاديءَ جو منصوبو، آزادي نه، پر هڪ نئين قسم جو تعطل آهي۔
5 مئي جي شام۔ ٽرمپ “پروجيڪٽ فريڊم” کي “معطل” ڪري ڇڏيو، ۽ ٽروٿ سوشل تي اعلان ڪيو ته اها معطلي “پاڪستان ۽ ٻين ملڪن جي درخواست” تي ڪئي وئي آهي، ۽ ايران سان “حتمي معاهدي ڏانهن وڏي اڳڀرائي” ٿي رهي آهي۔ يعني 36 ڪلاڪن تائين آمريڪي بحريه هڪ “آپريشن” هلائي، پوءِ ان کي واپس ويڙھي ڇڏيو۔ پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ساڳئي ڏينهن هڪ پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو: “آپريشن ايپڪ فيوري مڪمل ٿي چڪو آهي۔”
پوءِ 6 مئي جي صبح، ايڪسيئوس جو ميمو سامهون اچي ويو۔ هي سڀ اڳواٽ ترتيب ڏنل حڪمتِ عملي آهي، ڪو اتفاق نه۔ ٽرمپ “پروجيڪٽ فريڊم” ان لاءِ آندو ته ايران جي دروازي تي هڪ نئين چوٽ ھنئي وڃي۔ پوءِ ان کي بند ڪيو ويو، ڇو ته اها چوٽ پنهنجو ڪم ڪري چڪي هئي۔ هي ٽرمپ جي پراڻي “ميڪس پريشر، پوءِ ميڪس ڊيل” واري ٽيڪنڪ آهي۔
هاڻي اها ڳالهه، جيڪا ميڊيا گهٽ کنئي:
(1) ايراني معيشت پساهه پورا ڪرڻ جي ويجهو آهي۔ سينٽرل بينڪ آف ايران جي پنهنجن انگن اکرن موجب مارچ جي آخر تائين پوائنٽ ٽو پوائنٽ ناڻي واڌ 73.5 سيڪڙو آهي۔ 29 اپريل تي ايراني ريال 18 لک 10 هزار في ڊالر تائين ڪري پيو - ايسوسيئيٽڊ پريس موجب تاريخ جي سڀ کان گهٽ سطح۔ هڪ ڪلو کنڊ چئن هفتن ۾ 95 هزار کان وڌي 1 لک 25 هزار تومان ٿي وئي۔ هڪ بيضو 20 هزار تومان۔ دوائن جي 5 هزار قسمن جون قيمتون ڇهن هفتن ۾ ٻيڻيون ٿي ويون، جڏهن ته 200 قسمن جون قيمتون 380 سيڪڙو وڌي ويون۔ ايراني اليڪٽرانڪ ڪوپن سسٽم جي 86.9 ملين اهل ماڻهن مان 98 سيڪڙو پنهنجو ڪريڊٽ ختم ڪري چڪا آهن۔ “دنياءِ اقتصاد” 29 اپريل تي لکيو ته، جيڪڏهن آمريڪا سان معاهدو ٿيو ته ناڻي واڌ 49 سيڪڙو رهندي، “نه امن - نه جنگ” واري صورتحال ۾ 67 سيڪڙو، ۽ کليل جنگ جي صورت ۾ هائپر انفليشن يعني 123 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿي۔
هي معيشت هڪ سپاهه ته هلائي سگهي ٿي، پر هڪ قوم نه۔ اهو ئي بنيادي فرق آهي، جيڪو سپاهه جي فيصلن کي پزشڪيان جي فيصلن کان الڳ ڪري ٿو۔
(2) مجتبيٰ خامنه اي کي سپريم ليڊر بڻجندي 9 مارچ کان 60 ڏينهن ٿيڻ وارا آهن۔ اڃا تائين نه ڪا عوامي تقرير، نه تصوير، نه وڊيو سامهون آئي آهي۔ رڳو بيان جاري ٿيا آهن۔ ان خال ۾ احمد وحيدي، محمد باقر ذوالقدر، ۽ محسن رضائي تي ٻڌل ٽرائڪا فيصلا ڪري رهي آهي۔ ٽنهي تي انٽرپول جا ريڊ نوٽس آهن۔ ۽ ٽيئي جنگ کي پنهنجي فائدي ۾ سمجهن ٿا۔
(3) ۽ سڀ کان وڏي خبر۔ 6 مئي تي عراقچي بيجنگ ۾ چيني پرڏيهي وزير وانگ يي سان ملاقات ڪري چُڪو آهي۔ جنگ کان پوءِ چين جو هي سندس پهريون دورو آهي۔ وانگ يي جو پيغام ٽن حصن تي ٻڌل آهي۔ پهريون: “مڪمل جنگ بندي فوري ضروري آهي۔” ٻيو: “دشمني ٻيهر شروع ڪرڻ قبول جوڳو ناهي۔” ٽيون، ۽ سڀ کان اهم: “هرمز جي نارمل سامونڊي گذرگاهه کي فوراً بحال ڪيو وڃي۔” هي ٽيون جملو ايراني پرڏيهي وزارت جي ٽيليگرام بيان ۾ موجود ئي ناهي۔ يعني چين اها ڳالهه چئي آهي، جيڪا ايران ٻڌڻ نٿو چاهي۔ عراقچي جو جواب نمائشي هو: “اسان صرف هڪ منصفاڻو ۽ جامع معاهدو قبول ڪنداسين۔” پر اصل پيغام چيني بيان ۾ لڪل آهي۔ ٽرمپ جو چين جو دورو 14-15 مئي تي متوقع آهي۔ شي جن پنگ نٿو چاهي ته هو ٽرمپ سان هرمز جي بند سامونڊي رستي جي پس منظر ۾ ويهي۔ ڪوئنسي انسٽيٽيوٽ جي امير هنڊجاني سي اين بي سي کي واضح چيو: “چيني قيادت چاهي ٿي ته ٽينڪر هلندا رهن ۽ واپار ايشيائي مارڪيٽن تائين پهچي۔ انهن کي ڊگهي ناڪابندي سبب ناڻي واڌ جي صدمي ۽ ممڪن معاشي منديءَ ۾ ڪا دلچسپي ناهي۔”
(4) پاڪستان 16 اپريل تي، فيلڊ مارشل عاصم منير جي تهران دوري دوران، هڪ “ٿرڊ پارٽي نگراني” جي تجويز پيش ڪئي هئي، جنهن تحت چار ملڪ بين الاقوامي ائٽمي توانائي ايجنسي سان گڏجي ايراني پروگرام جي نگراني ڪن ها۔ ايران اصولي طور ان تي اتفاق ڪيو۔ اها تجويز هاڻي آمريڪي ميز تي موجود آهي۔ “پاڪستان ٽوڊي” اها خبر ڏني۔ جڏهن ته باقي دنيا ان وقت ٽرمپ جي ٽوئيٽن جا ٽڪرا پڙهڻ ۾ مصروف هئي۔
هاڻي فيصلائتي ڳالهه:
ٽرمپ کي معاهدو گهرجي، پر بيجنگ وڃڻ کان اڳ۔ هي صرف ايندڙ 48 ڪلاڪن جي راند آهي۔ وڌ ۾ وڌ هڪ هفتي جي راند۔ جيڪڏهن ٽرمپ جي چين دوري تائين هرمز وارو سامونڊي لنگهه نه کليو، ۽ انهيءَ سبب دوري کي منسوخ ڪرڻو پيو، ته پوءِ جهنم جو دروازو ٻيهر کلي سگهي ٿو۔ اڄ (ڪالھہ) صبح ٽرمپ ٽروٿ سوشل تي صاف لفظن ۾ لکيو:
“اھو سمجھجي ته ايران اهو ئي ڏيندو، جنهن تي اتفاق ٿيو آهي، ايپڪ فيوري پنهنجي انجام تي پهچي ويندي، ۽ اسان جي مؤثر ناڪابندي هرمز واري سامونڊي رستي کي سڀني لاءِ کولي ڇڏيندي، جنهن ۾ ايران به شامل آهي. جيڪڏهن اهي اتفاق نه ڪندا، ته بمباري شروع ٿيندي، ۽ افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اها اڳ کان به وڌيڪ وڏي سطح ۽ شدت واري هوندي۔”
هيءُ ٻولي ڳالهين واري ناهي۔ هيءُ ٻولي اُن جنگجو جي آهي، جيڪو اڳواٽ ئي فاتح جو تاج پائي ويٺو آهي۔ ايران وٽ وقت ناهي۔ سپاهه وٽ پئسو آهي، پر عوام وٽ ماني ناهي۔ سپاهه گهٽين جي جنگ نٿي چاهي، ڇو ته اها جنگ 1979 کان پوءِ پهريون ڀيرو سپاهه جي خلاف به ٿي سگهي ٿي۔
جيڪڏهن ايڪسيئوس جو 14 نڪتن وارو هڪ صفحي جو ميمو صحي ٿي ويو، ته پاڪستان 1947 کان پوءِ پنهنجي سڀ کان وڏي سفارتي فتح حاصل ڪندو۔ ۽ جيڪڏهن صحي نه ٿيو، ته ٽرمپ پنهنجي ڏنل ڌمڪي مطابق ٻيهر بمباري شروع ڪندو، ۽ پاڪستان افغانستان کان پوءِ ٻيهر ڪنهن ٻئي جي باهه جي سڀ کان ويجهو بيٺل هوندو۔
6 مئي جي شام وقت۔ ايڪسيئوس جو ميمو اڃا ڪاغذ تي آهي، عراقچي بيجنگ مان ٻاهر نڪري رهيو آهي، ۽ ٽرمپ جو جهاز اڃا بيجنگ لاءِ پارڪ ٿيل آهي۔
انهن لمحن جي وچ ۾ جيڪي 48 ڪلاڪ آهن، اهي ئي پاڪستان جو ايندڙ اسٽريٽيجڪ افق آهن۔ اسان ستن ڏهاڪن ۾ اهڙا افق تمام گهٽ ڏٺا آهن۔ ۽ انهن مان گهڻا اسان ضايع ڪري ڇڏيا آهن۔
هاڻي سوال صرف اهو آهي ته ڇا هي افق به اسان جي پراڻي عادت جي ور چڙهي ويندو، يا هن ڀيري اسين پنهنجي تاريخ جو رخ بدلائينداسين۔

07/05/2026

دل جي مرضن جي دوا (دل ڪا نه ڪرنا اعتبار ڪوئي)
ڊاڪٽر غفور ميمڻ

ان وقت سڀ خوف ۾ وٺجي وڃن ٿا جڏهن اوچتو ڪنهن جي موت جي خبر ٻڌن ٿا. همراه کي ڇا ٿيو سائين کلندي ڪڏندي هليو ويو. رات تہ ڪچهري پئي ڪيائين پر اوچتو دل جو دورو پيو نہ بچي سگهيو. هي روز جي خبر آهي. هر روز توهان ڪنهن نہ ڪنهن جو ٻڌو ٿا. اڳ امير ماڻهن کي دل جي بيماري ٿيندي هئي. غريب ويچاري کي خبر بہ نہ هئي. وري بزرگن يا 40 سالن کان پوءِ دل جو مسئلو ٿيندو هو. پر اڄڪلھ تہ جوان 30 سالن واري کي بہ دل جو مسئلو ٿئي ٿو. پر ڇا توهان ڪڏهن ائين سوچيو آهي تہ انهيءَ جو سبب ڇا آهي؟ گهڻا ماڻهو تہ انهيءَ کي ﷲ جي مرضي سمجهي ڳالھ اتي ختم ڪريو ڇڏين. ڪن جو چوڻ آهي تہ سائين ڪرونا ويڪسين جي لڳڻ کان پوءِ دل جي بيمارين ۾ ۽ اوچتو موت ۾ اضافو ٿيو آهي. ڪجهہ ماڻهو چون ٿا. ملڪ ۾ پريشاني وڌي ويئي آهي. عدم تحفظ آهي.
پاڪستان ۾ 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي روز دل جو دورو پوي ٿو. جن مان ڪراچي ۾ روز هڪ سئو رپورٽ ٿين ٿا. پوري سنڌ ۾ 250 کان 300 رپورٽ ٿين ٿا. اهڙي طرح دنيا ۾ سڀ کان زياده دل جو دورو ڪزاڪستان، روس، يوڪرين، پوءِ پاڪستان جو نمبر اچي ٿو. اهڙي طرح ڊابيٽڪس يا شوگر جي بيماري ۾ دنيا اندر پاڪساتن جو نمبر پهريون آهي. پاڪستان ۾ ڪل 4 ڪروڙ 4 لک شگر جا مريض آهن. يعني هر سئو مان 31 مريض شوگر جا آهن. جهڙي طرح شگر ۽ دل جو مرض پاڪستان ۾ وڌي پيو ۽ ايندڙ ڪجھ سالن ۾ پاڪستان ۾ هر ماڻهو شوگر کان دل جو مريض هوندو.
آخر ڪهڙو سبب آهي جو پاڪستان ۾ دل جون بيماريون وڌي رهيون آهن.؟
هڪ سبب تہ ڪرونا ويڪسين بہ چئي سگهجي ٿو جنهن کي تڙ تڪڙ ۾ تيار ڪري پاڪستان جهڙي ملڪ تي آزمايو ويو هو. تجربو ئي پاڪستان تي ڪيو ويو هو. انهيءَ جا سائيڊ افيڪٽ بہ ٿي سگهن ٿا. پر اڃا اصل سبب ٻيا بہ آهن. اچو تہ ڏسون؛
سڄي سنڌ ۾ حڪومت جون ٽي چار دل جون اسپتالون آهن. باقي ڪجهہ نجي آهن. ڪراچي ۾ صرف هڪ اسپتال آهي. اتي وڃي ڏسو ماڻهن ۽ ماڪوڙِن ۾ ڪو فرق نہ اٿو.
سڀ کان وڏو مسئلو پاڪستان ۾ غذائي ملاوت ۽ نقلي شين جو عام جام ٺهڻ آهي. هن ملڪ ۾ جڳھ جڳھ تي نقلي شيون ٺهڻ جون فيڪريون آهن. مثال کاڄرو تيل، چپس، مصالا، وغيره
کير
ان کان پوءِ هر شيءَ ۾ ڪميڪل ملائڻ جو رواج آهي. مثال جيڪو توهان کير پيو ٿا. اهو پاڪستان ۾ خالص نٿو ملي پاڻي وجهڻ تہ وري بہ ٺيڪ آهي پر ڪميڪل جو ٺاهيل کير مارڪيٽ ۾ عام جام هلي ٿو. ٻيو تہ ٺهيو پر مينهن کي آڪسوٽوسن جي انجيڪشن هڻڻ تہ روز جو عام جام معاملو آهي، اهو ڪميڪل ڪروڙين ماڻهن جي پيٽ ۾ وڃي ٿو. جيڪو گردن، جگر، خراب ڪري ٿو، جسم ۾ ڪميڪل جو سيڪڙو وڌڻ سان رت جو زور وڌي ٿو.
فارمي ڪڪڙ
وري ڪڪڙين جا فارم ڏسو. مڪمل ڪيميڪل چوزن جو کاڌو ڏسو. مڪمل ڪميڪل جو. جتي اهو کاڌو ٺهي ٿو اتي ڪم ڪرڻ وارو ٻن ٽن سالن ۾ مري وڃي ٿو. ايترو گندگي واري غذا ٺاهي مرغين کي کارائي وڃي ٿي. اها آخرڪار ماڻهو جي پيٽ ۾ وڃي ٿي. ان کان علاوه مريل مرغيون اڇلايون ڪونہ وينديون آهن گوشت ٺاهي توهان کي وڪيو ويندو آهي توهان هوٽلن تي يا شادي ۾ اڪثر مريل مرغيون ڏاڍي شوق سان کائيندا آهيو.
کاڄرو تيل
توهان داٻيچي کان ڪورنگي واري پاسي ڏسو تہ توهان کي ڳالھ سمجھ ۾ نہ ايندي تہ هتي ڇا ٿو ٺهي. اصل ۾ تيل ٺهي رهيو آهي. جيڪو مريل جانورن جي هڏن، مرغي جو ڪچرو آنڊا، ۽ ٻيا ڪميڪل ملائي تيل ٺاهيندا آهن. جيڪو هر قسم جي برانڊ ۾ دستياب آهي، توهان مارڪيٽ ۾ ڪيتريون ڪمپنيون ڏسو ٿا. تيل ساڳيو آهي. صرف نالا الڳ الڳ آهن. اهو تيل سمورو زهر آهي، جيڪو نسن ۾ رت ۾ ڄمي خوفناڪ صورتحال پيدا ڪري ٿو توهان جو رت دل جي شريانين ۾ ڄمي رت جو دٻاءُ وڌائي ٿو آخرڪار توهان کي دل جو دورو پوي ٿو.
پريشاني يا ذهني دٻاءَ
روز بہ روز ملڪ جون حالتون خراب کان بدتر ٿي رهيون آهن، ماڻهو سچين ٿا تہ شايد هاڻي ملڪ ۾ ڪا تبديلي اچي ڪرپشن بند ٿئي. روزگار جا دروازا کلن، انصاف ملي، پوليس گردي بند ٿئي. روڊ ٺهن، هاري کي ڀاڻ سستو ملي، پر نہ ڪجهہ بہ ناهي ٿيڻو، روز بروز سماج ٽٽِ رهيو آهي، بداخلاقي جو طوفان اچي رهيو آهي، ڪٿان بہ انصاف جي اميد باقي نہ رهي آهي. هر نوجوان پريشان آهي، هر بزرگ پريشان آهي، مقابلي بازي جو طوفان حد پار ڪريو آهي.
مذهب
ماڻهو ويچارو پريشاني ۾ مذهب ۾ پناھ وٺڻ لاءِ عبادگاهن جو رخ ڪن ٿا. تہ اتي وري ملا جي فرقيواريت توهان جو استقبال ڪندي. ڪمرشلزم اتي بہ توهانجي انتظار ۾ هوندو. لائوڊ اسپيڪر تي تيز آواز جو مقابلو. ٻئي فرقي واري کي جهنمي قرار ڏيڻ توهان منجهي پوندا. وري بي سڪوني کڻي ايندا.
دوائون
پاڪستان ۾ وڏي تعداد ۾ جعلي دوائون ٺهن ٿيون ڪير ٿو ٺاهي؟ ان جو ڏس پتو ڪونہ ملندو. توهان پنهنجي ڪمپني کوليو جعلي دوائون ٺهرايو اسٽور تي وڪڻو، ڪميشن تي ڊاڪٽر کي بئنڪاڪ جو دورو ڪرايو، عمرو ڪرايو.
گهڻا ڊاڪٽر بغير سوچڻ سمجهڻ جي ڪميشن لاءِ دوائون لکي ڇڏين ٿا. انٽي بائيوٽڪ جو استعمال ڪيڏو خطرناڪ آهي. مريض تي ڪهڙا اثر وجهي ٿو انهيءَ لاءِ ڪا بہ سجاڳي ناهي. اڪثر مريض کي مليريا جون دوائون بغير ٽيسٽ جي ڊاڪٽڙ لکي ڏيئي ڇڏيندا آهن. شوگر جو مريض رڳو هٿ اچي. اهڙي صورتحال ۾ جتي جعلي دوائون هجن، ڊاڪٽر بلائينڊ دوائون ڏيندا رهن. تہ پوءِ مريض جا گردا، ختم ٿيو وڃي. اهڙيون دوائون بہ دل جي دوري جو سبب بنجن ٿيون. خبر ناهي دوائن ۾ ڪهڙو ڪميڪل ملايو وڃي ٿو. ڪا خبر ناهي، ڊرگ ريگيولٽ اٿارٽي ايئن آهي جيئن پوليس قانون جي رکوالي آهي. عدالت انصاف ڏيڻ لاءِ آهي. دنيا جو خطرناڪ ڪرپٽ ملڪ ائين ماڻهن کي ماري ٿو. توهان سوچي بہ نٿا سگهو.
اسان جو لائف اسٽائل
توهان ڪنهن بہ فاسٽ فوڊ جي دوڪان تي وڃو شام جو ائين رش هوندي جو لڳندو تہ مفت ۾ ورهائن پيا. آخر ڇو فاسٽ فوڊ جو ڌنڌو اڄڪلھ جو ڏاڍو اهم منافع بخش ڪاروبار آهي. ان کان پوءِ اسان جا ماڻهو هوٽلنگ جا شوقين ٿيندا وڃن. اسٽيٽس، دٻدٻو ٻئي کي هونس ڏيکارڻي آهي تہ رات جو ٻارن کي وٺي هوٽلنگ ڪريو يا دوستن سان هوٽلن تي رات جو ماني کائو. وري اسٽيٽس رکو. ٻي طرف رات جو دير تائين ڪوريئر سروس وارا فاسٽ فوڊ پهچائڻ ۾ پورا هوندا آهن. ڀلي ڪمائي نہ هجي، پگهار پورو سورو هجي پر پارسل گهرائڻ ۾ وڏو شان ۽ مان آهي. اڪثر اهڙا واقعا ٿيا آهن تہ رات جو هوٽل تان ماني کائي آيا. همراھ کي دل جو دورو پهجي ويو. هوٽلنگ ۽ فاسٽ فوڊ ۾ سينٿيٽڪ مصالا ۽ مضر صحت گوشت ۽ تيل هوندو آهي. جيڪو توهان جي صحت کي تباھ و برباد ڪري رهيو آهي. ڪراچي ۾ هڪ عجيب بيماري آهي. شام جو ماڻهو سماسا کائڻ جا شوقين آهن. جيڪي مضر صحت هوندا آهن. اڄڪلھ نئين جنريش ڊجيٽلائيزڊ پيڙهي فاسٽ فوڊ جي عادي آهي. رات جو دير تائين جاڳڻ ڏينهن جو دير سان اٿڻ جا شوقين آهن.
ورزش نہ ڪرڻ
اسان وٽ اهو رواج ئي ڪونهي جو ماڻهو ورزش ڪن. پارڪن ۾ وڃن. ڊوڙون پائن. آفيس مان اچڻ کان پوءِ موبائل تي باقي وقت گذارڻ کي عادت بنائي ڇڏي اٿن. جنهن ڪري جسم ٿولھ جو شڪار ٿيندو وڃي ٿو. اهڙي ماڻهن کي جلدي دل جي بيماري ٿئي.
ڊپريشن
جديد پاڪستان جي عام بيماري، دنيا ۾ هونءَ بہ نفسياتي مسئلا وڌي رهيا آهن. ماڻهو غصي ۾، محرومي ۾ رهڻ، عدم تحفظ ۾ رهي رهي عضي جا شڪار ٿي آخر ڪار ڊپريشن ۾ مبتلا ٿيو وڃن. پوءِ خوف، ڊپ، ننڊ نہ اچڻ، بک نہ لڳڻ، رت جو دٻاءَ وڌڻ، عام ٿي وڃي ٿو. اهڙي صورتحال بہ دل جو مرض پيدا ڪري ٿي.
ڊجيٽلائيزڊ دنيا
رشتا ناتا سڀ ڊجيٽلائزڊ ٿي ويا هاڻي ملاقات فيس بڪ تي ٿئي ٿي. ڪير ڪنهن جو دوست ناهي. محبتون، همدرديون، پنهنجائپ ختم ٿي ويئي. ڪير ڪنهن بہ مسئلي جو شڪار ٿئي ٿو تہ ڪير بہ مدد لاءِ نٿو اچي. ماڻهو اڪيلو ٿيندو وڃي.
اڪيلائي، بوريت، آخر ڪار نفسياتي مسئلن کي جنم ڏي ٿي. ان کان پوءِ ڪمرشل ريل جن ۾ ماڻهو اخلاق، انسانيت ۽ سچ کان محروم ٿي ويو آهي. سڄو ڏينهن ڪوڙ ٺاهي ٺاهي ماڻهو ريل رکن ٿا. لائف اسڪرولينگ ٿي ويئي آهي. هر شيءَ خواب وانگر آهي، دل کولي نہ ماڻهو ڳالهائي ٿو نہ ڪچهري ڪري ٿو، نہ پيار نہ رشتن جي مٺاس. سڀ ڪجهہ ختم ٿي ويو. ماڻهو مري بہ وڃي تہ ڪو فرق نٿو پوي ڇو تہ احساس ختم ويو.
منشيات
شراب نوشي، گٽڪو، سگريٽ ، شيشو. ٻيا بہ الائي ڪهڙا نشا هن سماج ۾ هڪ وڏي معشيت آهن. جن مان اربين روپيا ڪمايا وڃن ٿا. عوام کي بيماريون ملن ٿيون. سنڌ ۾ ڪچو شراب يعني ٺرو بہ عام هلي ٿو. جيڪو ڪميڪل جو ٺاهيل آهي. توهان ان ڳالھ مان اندازو لڳايو تہ هن ملڪ ۾ وائين نٿو ٺاهيو وڃي. جيڪو بهتر ٽانڪ آهي، پر وسڪي، هيروئن، گٽڪو عام ملي ٿو. توهان کي وائين ڪونہ ملندو ڇو تہ ماڻهو بيمار ڪرڻا آهن. اسپتالون، دوائن واري مافيا جو ڌندو بہ هلائڻو آهي. ان مان اربين روپيا ڪمائڻا آهن.
آدمشاري
چون ٿا تہ دنيا ۾ مسئلا وڌيا آهن جنهن جو اهم سبب آدمشماري جو حد ٽپي وڃڻ آهي. هر پنجاھ سالن کان پوءِ آدمشماري هاڻي ٻيڻي پئي ٿئي. 2050 ع تائين پاڪستان جي آدمشماري 50 ڪروڙ ٿي ويندي دنيا جي آبادي 15 ارب ٿيڻ جا امڪان آهن.
ڪجهہ سائنسدانن جو خيال آهي تہ آدمشاري هاڻي ٻيڻي ڪانہ ٿيندي. بلڪ قدرتي عمل موجب جنگيون، وبائون، ڏهڪار، وائرس ايندا جيڪي آدمشاري کي ڪنٽرول ڪندا. پر جيڪڏهن پاڪستان جي آبادي 50 ڪروڙ ٿيندي تہ ڇا ٿيندو؟؟؟ پوک جي زمين ختم ٿي ويندي، باغ ختم ٿي ويندا، گهر سوڙها ٿي ويندا، وڻ سڀ وڍجي ويندا. آڪسيجن جي کوٽ ٿي ويندي. هر ماڻهو کي آڪسيجن جو سيلينڊر پٺن تي کڻڻو پوندو. جيڪو آڪسيجن نہ وٺي سگهندو اهو نہ جيئندو. کاڌو ملڻ مشڪل هوندو. ڏهڪار هوندو. غريب ماڻهو ختم ٿي ويندو. خانہ جنگي هوندي، ماڻهو ماڻهو کي کائيندو. جانورن کان بدتر زندگي هوندي. اهڙي صورتحال جي شروعات ٿي چڪي آهي. جو روڊن تي ٽرئفڪ جام هئڻ، ٽي بي، ڪينسر، دل، گردن، ڦڦڙن جو مرض هاڻي وڌي رهيو آهي. اسپتالن ۾ ڪو علاج ناهي علاج جي سهولت مهانگي آهي. حڪومت جو ڪم صرف ڪرپشن آهي. ٽپوري ڪلچر، اخلاقي قدرن جو ختم ٿيڻ عام ٿي ويو آهي. بس دل بہ انهن حالتن جو شڪار آهي.
هوشيار ٿي وڃو. سجاڳ ٿيو، غفلت جي ننڊ مان اٿيو، ديکا ديکي ڇڏيو. ڏيکاءَ ۾ نہ اچو. ڪم ڪار ڪريو واندو نہ ويهو. نہ هوٽلنگ ڪريو نہ فاسٽ فوڊ کائو. ڪڏهن بہ فارمي ڪڪڙ نہ کائجو بک ۾ سمهي رهجو ڪا ڳالھ ناهي. مصالا نہ کائو. سبزيون کائو، فروٽ جام کائو. آخر ۾ ٽينشن نہ کڻو، هن دنيا تي حڪمراني مافيائن جي آهي. هي طاقت جي جنگ جياپي جي جنگ آهي، هر ماڻهو چاهي ٿو تہ ڪرپشن ڪري مٿئين طبقي ۾ وڃي تہ جيئي نہ تہ جياپي جي جنگ هارائي ويندو. ڇو تہ دل جي دوري جو علاج بہ صاحب حثيت جو ٿئي ٿو عام ماڻهو کي اسپتال وارا کنگن بہ ڪونہ.

07/05/2026

ھڪ آدرشي سياسي زندگيء جي پڄاڻي
مشتاق راڄپر

اڄ جڏھن سندس وفات جي خبر ٻڌي ته سائين عالم شاھ (1941_2026) سان گڏ گذاريل سياسي سفر جو پنڌ پئي ياد آيو، سندس شخصيت، مزاج، ڳالھيون، گھمڻ ڦرڻ، پارٽيءَ اندر ڪردار - سڀ ڪجھ پئي ذھن تي تري آيو. ھو ڪئين حوالن سان ھڪ غير معمولي انسان ھو، سندس سياسي زندگي ھڪ ڊگھي سفر تي ٻڌل ھئي، جنھن دوران ھن جيل جون سختيون برداشت ڪيون. ان حد تائين جو اھو چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته ھن پنھنجي پوري زندگي سنڌ جي آجپي، پورھيت انقلاب ۽ ھڪ برابري تي ٻڌل سماج جي خواب جي ساڀيان لاء گذاري. سائين عالم شاھ 85 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو.
ھو مٽياريءَ جو سيد ۽ غريبن ۽ پورھيتن جي پارٽيءَ ۾ ھڪ ننڍو وڏيرو. ھو بوسڪيءَ جي پٽڪي سان گڏ اجرڪ جو پٽڪو پڻ ٻڌندو ھو. ھو دڙي تي زمينن تي پنھنجي گھوڙي تي چڙھي ويندو ھو. سندس لاڙي لھجو ڳالھائڻ مان صاف ظاھر پيو ٿيندو ھو.
منھنجي ساڻس ملاقات ان وقت ٿي، جڏھن مان سجاڳ ٻار تحريڪ ۾ سرگرم ھوندو ھيس. ٻارن جي محاذ جي صدر جي حيثيت ۾ پارٽيءَ طرفا مقرر ماھوار پندرھن سئو فنڊ لاء ساڻس ھر مھيني ٻئي پئي ملاقات ٿيندي ھئي. ھو اسان کي اھو فنڊ سجاڳ ٻار تحريڪ جي تنظيمي دورن، سرگرمين لاء ڪرائي ڀاڙي جي خرچ لاء ڏيندو ھو، جيڪو 1989 ۽ 1999 ڌاري تمام گھڻو لڳندو ھو. مرڪزي ڪميٽيءَ ۾ سڀ ھئاسين ٻار، ڪنھن وٽ ڪا نوڪري ته ھئي ڪانه جو پنھنجي ڪمائي ھجي، ڪجھ ميمبرن کي پنهنجا مائٽ ڪرائي ڀاڙي لاءِ خرچ ڏيندا ھئا، پر پوء بہ جيڪي مرڪزي ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاء ايندا ھئا، تن کي ماني ڳڀو کارائڻ ۾ ڪڏھن اھو فنڊ پورو ٿي ويندو ھو، پر سائين عالم شاھ کي خرچ جو حساب به ڏيڻو پوندو ھو. پر حساب وٺڻ ۾ ھو ماما عارب کان وڌيڪ سخت نه ھو. ڪڏھن چوي جي دورو به نه ڪيو ته فنڊ ڪيئن خرچ ٿيو؟... ”سائين، اجلاس ٿيو، 15 ميمبرن ماني کاڌي، صبح جو ناشتو به ڪيو، ڪن کي واپسيءَ جو ڪرايو به ڏنو ....“، اڌ ۾ روڪي چوندو ھو، "ٺيڪ آجي، حساب برابر آھي".
اسان کيس ڪڏھن سيد نه سڏيو، اسان لاء ھو سائين عالم شاھ ھو، ڪڏھن جلسن تان موٽندا ھئاسين ته مٽياريءَ مان گذرندي، بس جي ڇت تان، ساٿي شوڪت پلھہ بلند آواز ۾ نعرو ھڻندو ھو: ”سنڌ جو شھنشاھ، عالم شاھ، عالم شاھ“. سائين عالم شاھ پارٽيءَ جي مک قيادت مان ھو، پليجي صاحب کانسواء ٻي جيڪا قيادت ھئي، تن ۾ سائين عالم شاھ اسان سڀني لاء اھم ھوندو ھو، ان جو ھڪ سبب ته اھو ھو جو سندس سياسي قد ڪاٺ سان گڏ الڳ سماجي حيثيت پڻ ھئي، ھو پارٽيءَ جي اجلاسن ۾ رسول بخش پليجي سان اڪثر گڏ ويھندو ھو، عوامي تحريڪ ۾ ڪافي ڀيرا ڀڃ ڊاهه ٿي، پارٽي ڌڙا بنديءَ جو شڪار ٿي وئي، ماڻھو ڇڏي ويندا ھئا، ڪي ڪڍيا ويندا ھئا، ڪي نوان ايندا ھئا، پر سائين عالم شاھ ھميشه ساٿ سان گڏ ھلندو رھيو، اختلاف ۽ مسئلا ضرور ھوندس پر ڪڏھن ذڪر نه ڪيائين. باقي رسول بخش پليجو صاحب سائينءَ کي مذاق ۾ چوندو ھو: ”جيڪي دوست پارٽي ڇڏي ويندا آھن، عالم شاھ تن سان آخري وقت تائين گڏ ھوندو آھي، بس وڃڻ وقت ويھي رھندو آھي“. ان ڳالھ جو اندازو اسان کي به بعد ۾ ايئن ٿيو جو پارٽيءَ مان جيڪي به ساٿي ڇڏي ويندا ھئا، سي پليجي صاحب سان ته سخت رنج بلڪه صفا گرم باھ ٿيو ويٺا ھوندا ھئا پر سندن ذاتي تعلقات سائين عالم شاھ سان ڪڏھن خراب نه رھيا، تقريبن سڀني جي اچ وڃ ساڻس رھندي آئي. ھو عوامي تحريڪ جي بنيادي باني ڪارڪنن منجھان ھو، سندس عوامي تحريڪ سان ساٿ سندس عمر جي 85 سالن مان اڌ صديءَ تائين جاري رھيو. اسان پارٽيءَ کان 2009 ۾ الڳ ٿياسين. سائين عالم شاھ پارٽيءَ ۾ موجود ھو، شايد بعد ۾ ھو اياز لطيف پليجي سان گڏ سندس نئين ٺاھيل قومي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيو ھو، پر صحت جي معاملن جي ڪري گھڻو سرگرم نه رھيو.
عوامي تحريڪ جي سياست جو ھڪ دلچسپ دؤر رھيو آھي. جنرل ضياءَ جي دؤر ۾ خيبر پختونخوا جي پشتونن سان گڏجي عوامي نيشنل پارٽي قائم ٿي ته سائين عالم شاھ ان جو پھريون سنڌ جو صدر ھو ۽ بعد ۾ وفاقي نائب صدر به ٿيو ھو، ان وقت ۾ آصف علي زرداريءَ جو والد حاڪم علي زرداري به اي اين پي جو حصو ھو، ولي خان صدر ھو ۽ رسول بخش پليجو جنرل سيڪريٽري ھو.
ھو اسان جي شھر شاھپور چاڪر ۾ استاد لکمير ڏاھري جي ريلوي اسٽيشن جي پويان واري اوطاق تي به ايندو ھو ته سائين محمد علي پلهه عرف ساٿي حاجن پلھہ جي ماڙيءَ تي به ايندو ھو، سندس آمد جو ٻڌي شھر توڙي آسپاس جي ڳوٺن جا سڀ ساٿي مڙي گڏ ٿيندا ھئا. ھو تمام گھڻو خوش مزاج ھو، سندس شخصيت ۾ وڏائي، آڪڙ، فاصلو رکڻ جھڙا اوگڻ ھرگز نه ھئا، سندس پنهنجائپ ۽ قرب سندس ڀاڪرن جھڙو گرم ۽ مرڪ جھڙو سچو لڳندو ھو. ھو ھڪ سچو پچو باشعور انسان ھو، جنھن انقلابي سوچ پيدا ڪرڻ پئي چاھي. ھو جنھن ڪلاس مان پارٽيءَ ۾ آيو ھو، ھن ڪڏھن به موقعي پرستيءَ جو مظاھرو نه ڪيو، سنڌ جي سياسي تحريڪن ۾ طبقاتي جدوجھدن جي گس تي ھلندي اسان ڪيترن ئي ماڻھن جا پنهنجا ڪلاس تبديل ٿيندي ڏٺا پر عالم شاھ ساڳيو رھيو.
مون سندس ھڪ سچي پچي انقلابي ساٿيءَ واري شخصيت جا ڪيئي پاسا ڏٺا، جن مان ھڪ اھم ھي ھو ته عالم شاھ پارٽيءَ ۾ پنھنجي خاندان سميت سرگرم رھيو. نه صرف پٽ بلڪه ڌيئرون به جدوجهد جي ميدان ۾ رھيون. سندس وڏو پٽ علي مير شاھ اسان سان گڏ سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽيءَ جو ميمبر ھو، جنھن سان گڏجي اسان ملتان کان ويندي ڪافي علائقن جا تنظيمي دورا ڪيا، لانگ مارچن ۾ حصو ورتو، گڏجي پنڌ ڪيا.
1960 جي ڏھاڪي ۾ جڏھن ھن سياست جي شروعات ڪئي ته ان وقت سرد جنگ جو زمانو ھو. ڪميونسٽ نظرئي جي عروج جو زمانو ھو، سنڌ مٿان ايوبي آمريت جي ڪري سنڌ جي نالي وٺڻ تي به پابندي ھئي، چاڪاڻ جو ون يونٽ مڙھجي چڪو ھو، اھا سنڌ جيڪا بمبئي جي ڪنٽرول مان آزادي حاصل ڪري ھڪ نئين ٺھندڙ ملڪ پاڪستان ۾ صرف 13 سال اڳ شامل ٿي ھئي، ان نئين ملڪ جي فوجي ڊڪٽيٽرن سنڌ کان ان جي سڃاڻپ به کسي ورتي ھئي. سنڌ انگريزن جي دؤر کان به بدترين دؤر ۾ داخل ٿي چڪي ھئي. جنرل ايوب خان پنھجي مرضيءَ جو غير جمھوري آئين آڻي چڪو ھو، ۽ ڪا خبر نه ھئي ته اھو تسلط ڪيستائين قائم رھندو. سنڌ جي نوجوانن ۾ سياسي شعور پآڙون پختيون ڪري رھيو ھو، تنظيمي سٿ جڙي رھيا ھئا، قومي شعور سان سرشار ڪارڪنن ۾ سياسي ساٿ جو ھڪ نئون تعلق ۽ رشتو جڙي رھيو ھو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سنڌ ھاري ڪميٽيءَ جي اڳواڻي ڪري رھيو ھو، سائين جي ايم سيد جيل جي حوالي ھو، قاضي فيض محمد ۽ رسول بخش پليجي سميت، کاٻي ڌر جا ڪامريڊ سرگرم ھئا، انھن ئي ڏينھن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جنرل ايوب جي ڪابينه جو حصو ھو، ۽ سنڌي بنگالي، پشتونن ۽ بلوچن سان گڏجي پنهنجي بقا، سڃائپ، وسيلن ۽ ڌرتيءَ لاءِ جدوجھد لاء منظم پئي ٿيا. انھن حالتن ۾ شروع ٿيل عالم شاھ جي سياسي زندگيءَ جو سفر سندس ساھ جي سڳي ٽٽڻ تائين جاري رھيو ھو. عجيب ۽ ڪمال جا ماڻھو ھئا ان دؤر جا. اھو آدرشن جو دؤر ھو، خوابن جو زمانو ھو، جن سان سياسي سمجھ سان سرشار ڪارڪنن جو عشق ھو. تنھن ڪري سندن ارادا به اوڏا اٽل ھئا،
جي لوڻ لڱين لائيين، چيري چيري چم،
مون ڪر اڳي نه ڪيو، اھڙو ڪوجھو ڪم،
جان جان دعوا دم، تان تان پرت پنھوار سين (شاھ)
عالم شاھ ان دؤر جي پيداوار ھو، بعد ۾ دؤر مٽيا، ماڻھو مٽيا، ماڻھن جا ڪلاس مٽيا، عالم شاھ ساڳيو رھيو، ھن پارٽيءَ جي ساٿين کي سنڀاليو، تنظيم ڪئي، ناتا نڀايا، سياسي تبليغ جاري رکي، ۽ منھنجي خيال ۾ سندس پورھيو سجايو ويو. ھن پنھنجي پتيءَ کان به وڌيڪ ڪم ڪيو، ان ڪري ئي اسان سڀني کي ياد رھندو، ھو سنڌي سياسي تاريخ جو حصو رھندو، ھو ٻارن جي تنظيمڪاري، عورتن جي سياست ۾ شموليت، ھارين ۽ مزدورن جي تحريڪن جو سرگرم اڳواڻ طور ياد رکيو ويندو. ھو جلسن ۾ اڪثر ھڪ ساڳيو شعر گھڻو ڪري پڙھندو ھو، جيڪو کيس ڀيٽا طور پيش ڪريان ٿو:
ڪاري ڪڪر ھيٺ، مون جھيڙيندي ڇڏيا،
ڪارا ڪند ھٿن ۾، اڙل وڇيرا ھيٺ،
ٿي تنين سين ڏيٺ، موٽڻ جن مھڻو. (شاھ)
[email protected]

Address

Post Office Darbello
Darbello

Telephone

+923004219294

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Channa Library Darbello posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Channa Library Darbello:

Share

Category