29/01/2024
ان سان تعلق ختم ڪَئي ڏينهن گذري رهيا آھن. پر ڪٿي بہ ڪا اھڙي ڳالھ نظرن مان ناھي گزري تہ لڳو ھجي. ان کي ھڪ پل بہ منھنجي ڪا ياد آئي ھوندي.
ھو عورت آھي تہ ڇا ھو وساري سگهي ٿي؟ ايترو جلدي سڄون ڳالھيون.
ڇا ڪنھن لمحن جي ھزاروين حصي ۾ منھنجي جهلڪ نظر نہ آئي ھوندي؟
ڇا ڪوئي انسان ايترو بيحس ٿي سگهي ٿو. جنھن سان روز ڳالھايون وڃي پوء وساري ڇڏجي؟
ڇا نئي ماڻھن جي اچڻ سان پراڻا ماڻھون پيڇو ڇڏي ڏيندا آھن؟
ان جي بي رخي مونکي اِھيا ڳالھ سوچڻ تي مجبور ٿي ڪري. تہ مان ڇا آھيان ان جي نظر ۾؟ مان ڇا ھئس ان جي نظر ۾ ؟ جو مونکي چوندي ھئي مان خاص آھيان. ڇا خاص ماڻھون مون وانگي ھوندا آھن. جن کي ماڻھون ھڪ وقت کان پوء وساري ڇڏيندا آھن. يا ھئين چئو کڻي بي راز اچي ويندا آھن؟
مونکي افسوس آھي ھر ان شخص تي جيڪو ڪنھن جي وقت سان کيڏي ٿو ۽ آڳتي وڌي ويندو آھي. اھيو ڏسڻ جي بنا تہ پويان رهجي ويل ڪنھن اذيت مان گزري رھيو آھي