Hala Old Paris city

Hala Old Paris city 03332840394

وڏي مهربانيSho هالا اولڊ حفيظ صاحب۽ صدير ميمڻ جن اسان جي درخواست تي فورن پوليس جا جوان Kg اسڪول وٽ طائينات ڪيا مهرباني ه...
08/04/2026

وڏي مهرباني
Sho هالا اولڊ حفيظ صاحب
۽ صدير ميمڻ جن اسان جي درخواست تي فورن پوليس جا جوان Kg اسڪول وٽ طائينات ڪيا
مهرباني هالا اولڊ پوليس

پيرس سٽي ويليفيئيرايسوسيئيشن هالا اولڊ

ادب سان گذارش آهي ته هالا پراڻا جي هن اهم رستي تان روزانو چار اسڪولن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون گذر ڪن ٿا. خاص ڪري صبح جو اس...
06/04/2026

ادب سان گذارش آهي ته هالا پراڻا جي هن اهم رستي تان روزانو چار اسڪولن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون گذر ڪن ٿا. خاص ڪري صبح جو اسڪول وڃڻ وقت ۽ موڪل واري مهل ٽرئفڪ جي بي ترتيبي سبب ٻارن کي سخت تڪليف ۽ خطرو پيش اچي ٿو.
اسان اڳ به ڪيترائي ڀيرا زباني ۽ لکت ۾ درخواستون ڏنيون آهن، جن تي ڪجهه ڏينهن لاءِ عمل ٿيو، پر پوءِ ٻيهر ساڳي صورتحال پيدا ٿي وڃي ٿي.
تنهن ڪري اوهان کان نهايت ادب سان گذارش آهي ته:
اسڪول ٽائيم تي ٽرئفڪ ڪنٽرول لاءِ عملي کي مقرر ڪيو وڃي
صبح ۽ موڪل جي وقت خاص نگراني ڪئي وڃي
شاگردن جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي
اميد آهي ته اوهان هن معاملي کي سنجيدگي سان وٺي مستقل حل فراهم ڪندا، جيئن شاگردن ۽ سندن والدين کي سڪون ملي سگهي.

پيرس سٽي ويليفيئيرايسوسيئيشن هالا اولڊ

شڪر منهنجي رب جو ☝ڪالھ ڀلاري ڏينهن الاهي ڪيترن غريبمسڪين ٻارن ۽ نياڻين ۾ عيد جا ڪپڙا جتيون پيرس سٽي ورهايون ان کان پو۽ ڪ...
18/03/2026

شڪر منهنجي رب جو ☝

ڪالھ ڀلاري ڏينهن الاهي ڪيترن غريب
مسڪين ٻارن ۽ نياڻين ۾ عيد جا ڪپڙا جتيون
پيرس سٽي ورهايون ان کان پو۽ ڪجه اٽي جا
ڪٽا به تقسيم ڪيا ويا
الله پاڪ انن نيڪ ٻانهن ۽ ٻانهين جو پنهنجي بارگاه الاهي
۾ ڏنو قبول ڪري آمين ثم آمين 🙏❤💚

پيرس سٽي ويليفيئرايسوسيئيشن هالا اولڊ

عيد جون خوشيون رب سڀني کي ڏيکاري۔۔۔۔27 رمضان اڄ خيرن سان غريب مسڪين ٻارن ۾ عيد جا ڪپڙا جتيون ورهايون وينديونالله پاڪ انن...
17/03/2026

عيد جون خوشيون رب سڀني کي ڏيکاري۔۔۔۔
27 رمضان اڄ خيرن سان غريب مسڪين
ٻارن ۾ عيد جا ڪپڙا جتيون ورهايون وينديون
الله پاڪ انن نيڪ ٻانهن ۽ ٻانهينن کي سدائين خوش
آباد رکي جن پنهنجي پوري سپوٽ ڪئي پيرس سٽي سان☝

پيرس سٽي ويليفيئير ايسوسيئيشن هالا اولڊ

الله جي نيڪ ٻانھي جي ڪاوش الله پاڪ جو شڪر آهي جو آمريڪا جي هڪ خدا ترس نيڪ ٻانهي جي مالي تعاون سان عيد جي موقعي تي غريب، ...
15/03/2026

الله جي نيڪ ٻانھي جي ڪاوش

الله پاڪ جو شڪر آهي جو آمريڪا جي هڪ خدا ترس نيڪ ٻانهي جي مالي تعاون سان عيد جي موقعي تي غريب، مسڪين ٻارن ۽ عورتن لاءِ ڪپڙا ۽ جتيون خريد ڪري ملان سانوڻي واري پاسي رهندڙ ملاح برادري جي بي پهچ ماڻهن ۾ ورهايون ويون.
الله پاڪ پنهنجي هن نيڪ ٻانهي جي ڪاوش کي پنهنجي بارگاهه ۾ قبول فرمائي ۽ کيس ان جو بهترين اجر عطا فرمائي. آمين۔

پئرس سٽي ويلفيئر ايسوسيئيشن ھالا اولڊ

خدمت سان خدا ملندو آهيڪجه ڏينهن اڳ هڪ الله جي نيڪ ٻانهي کي عرض ڪيمته ڪجه غريب ۽ بيواهن کي راشن جي سخت ضرورت آهي ان نيڪ ٻ...
01/03/2026

خدمت سان خدا ملندو آهي

ڪجه ڏينهن اڳ هڪ الله جي نيڪ ٻانهي کي عرض ڪيم
ته ڪجه غريب ۽ بيواهن کي راشن جي سخت ضرورت آهي ان نيڪ ٻانهي رات جي اونڌاهي ۾ ڪجه راشن جا ڪٽا انن غريب بيواهن لا۽ موڪليا آهن
انشاء الله اڄ رات تائين انن غريبن تائين راشن جا ڪٽا پيرس سٽي جي ٽيم در تائين پهچائيندي
الله پاڪ ان نيڪ دوست کي سدائين خوش آباد رکي آمين ثم آمين۔۔۔۔ ☝🙏

پيرس سٽي ويليفيئيرايسوسيئيشن هالا اولڊ

شهيد عرفان مهدي چوڪ هالا پراڻا سبزي مارڪيٽ کان وٺي عاصم صدر جي دڪان  تائين پيور بلاڪ لڳائڻ جي منظوريانشاءَ الله هالا پرا...
27/02/2026

شهيد عرفان مهدي چوڪ هالا پراڻا سبزي مارڪيٽ کان وٺي عاصم صدر جي دڪان تائين پيور بلاڪ لڳائڻ جي منظوري
انشاءَ الله هالا پراڻہ ۾ پيور بلاڪ جو ڪم جلد شروع ٿيندو.
ٽي مهينا اڳ پيرس سٽي ويلفيئر ايسوسيئيشن هالا اولڊ جي چيئرمين ڪريم ڏنو مغل پنھنجي ٽيم سان گڏ سائين قبله مخدوم محبوب الزمان صاحب جن کي باقاعده درخواست پيش ڪئي هئي، جنهن کي سائين جن منظور ڪندي جلد کان جلد پيور بلاڪ لڳائڻ جي هدايت ڪئي هئي. هاڻي ٽي مهينن بعد اها اسڪيم باقاعده منظور ٿي چڪي آهي.
ان سلسلي ۾ عوامي چيئرمين هالا، گل محمد پنھور صاحب ۔۔مير مسرت جعفري صاحب اسان سان ڀرپور سهڪار ڪيو ۽ هر مرحلي تي رهنمائي ۽ مدد فراهم ڪئي. ان موقعي تي پيرس سٽي ويلفيئر ايسوسيئيشن ھالا اولڊ جو پورو سٿ ۽ سوشل ورڪر قاضي حسيب به گڏ ھو
اميد آهي ته ڪم جلد شروع ٿي هالا پراڻہ جي عوام کي ڀڳل روڊ جي تڪليف کان نجات ملندي.

پئرس سٽي ويلفيئر ايسوسيئيشن ھالا اولڊ

16/12/2025

ثواب ڪمايو جنت ٺاھيو

ھالا نوان جي ڀرسان واقع 18 گھرن تي مشتمل ھڪ ننڍڙو ڳوٺ آھي، جتي رھندڙ ماڻھو انتھائي غريب ۽ بي وس آھن. سندن گذر سفر رڳو مزدوري تي آھي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته انھن گھرن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي ڪا به سھولت موجود ناھي. ڳوٺ ۾ ڪو به اھڙو صاحبِ حيثيت شخص ناھي جيڪو ھن بنيادي ضرورت کي پورو ڪري سگھي.
تنھن ڪري سڀني صاحبِ حيثيت، خدا جي نيڪ ۽ درد دل رکندڙ بندن کي عاجزانه گذارش آھي ته ھڪ عدد نلڪي لڳرائڻ ۾ مدد فرمائين، جيئن ھن ڳوٺ جا معصوم ٻار، عورتون ۽ بزرگ صاف پاڻي جي نعمت مان فائدو حاصل ڪري سگھن. توهان جي ٿوري مدد به ڪيترن ئي زندگين لاءِ وڏي رحمت ثابت ٿي سگھي ٿي. ھن ڪارخير جي ڪم ۾ حصو شامل ڪريو الله پاڪ توھان سڀني کي خوش رکي

پئرس سٽي ويلفيئر ايسوسيئيشن ھالا اولڊ

12/12/2025

اسڪولن اڳيان گاڏن جو بيھڻ روڊ بلاڪ — ھڪ سنگين مسئلو

ھالا پراڻہ ۾ ڪي جي اسڪول ۽ مخدوم محمد صالح ڀٽي گرلز هاءِ اسڪول جي سامهون روزانو اسڪول ٽائيم تي مختلف شين کپائڻ وارن جا گاڏا بيھڻ سبب سڄو روڊ بلاڪ ٿي وڃي ٿو.جنھن سان نه رڳو ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿئي ٿي بلڪہ ڪيترن ئي خطرناڪ حادثن جو سبب پڻ بڻجي چڪو آھي .اڪاله به افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان جي دوست سائين عبدالغفار سنائي جي ننڍڙي کي اهڙي ئي بي ڌياني سبب ڌڪ لڳو جنھن کي سجاد ميمڻ اسپتال رسايو ننڍڙي کي مٿي ۾ ٻه ٽانڪا لڳا آھن . ان کان اڳ به ساڳي هنڌ سائين عبدالطيف ڀٽو جي ننڍڙي معصوم پٽ جي زندگي اهڙي ئي روڊ بلاڪ سبب حادثي جو شڪار ٿي ختم ٿي وئي، شهر جي هن اهم مسئلي کي سنجيدگيءَ سان وٺندي، اڄ پئرس سٽي ويلفيئرايسوسيئيشن ھالا اولڊ جي ٽيم، SP آفيس پهتي. اسان مسئلي جي مڪمل صورتحال SP صاحب آڏو رکي شڪايت داخل ڪرائي.SPصاحب ٻڌايو ته اسانکي ڪاله هن ڳاله جي خبر پئي هئي Sp صاحب صرف اسان جي ڳالهه غور سان ٻڌي، پر فوري قدم کڻندي ايس ايڇ او ھالا اولڊ کي پابند ڪيو ته اسڪول ٽائيم دوران پوليس جي نگراني يقيني بڻائي
ايس ايڇ او صاحب بنا دير پوليس جا 3 جوان روزاني اسڪول ٽائيم تي مقرر ڪرڻ جي ذميواري قبول ڪئي. ھي قدم يقيناً ڪيترن ئي ممڪن حادثن کي روڪڻ ۾ مدد ڏيندو ۽ ٻارن جي جانن جي حفاظت لاءِ اهم ثابت ٿيندو.
ھي گڏيل ڪوشش اسان جي شهر جي ماحول کي وڌيڪ محفوظ بڻائيندي، ان سان گڏ رئيس مسعود مھدي به شھيد عرفان مھدي چونڪ تي اسپيڊ بريڪر ٺاھرائڻ جو اعلان ڪيو پئرس سٽي ويلفيئر ايسوسيئيشن ھالا اولڊ SHO ھالا اولڊ جو شڪريو ادا ٿو ڪري. جنھن اسان کي زبردست موٽ ڏني

پئرس سٽي ويلفيئر ايسوسيئيشن ھالا اولڊ

11/12/2025

غريب نياڻي لاءِ سلائي مشين — انساني همدردي جو هڪ روشن مثال

انتهائي غريب، بي پهچ نياڻي… جنهن جي زندگي ڪيترن ئي ڏکن ۽ تڪليفن جي وچ ۾ گذري رهي آهي. سندس پي ڪيترن سالن کان بيماري سبب بستري تائين محدود آهي. گهر ۾ ٻه ننڍڙيون ڀينرون ۽ هڪ ننڍڙي عمر وارو ڀاءُ… پر ڪمائڻ وارو ڪو به ناهي. غربت جو پاڇو ايترو گهرو ٿي چڪو آھي جو حالت فاقه ڪشي تائين پهچي چڪي آھي
اهڙين حالتن ۾ هن باهمت نياڻي مون کي عرض ڪيو ته
“ادا، مونکي سلائي جو ڪم ايندو آهي. جيڪڏهن سلائي مشين ملي وڃي ته مان محنت ڪري، رزق حلال سان پنهنجي گهر جو ڏکيو سکيو گذر سفر ڪري سگھان ٿي ”
هي اها نياڻي هئي جيڪا اسڪول ۾ پڙهندڙ به ھئي، پر گهر جي ذميوارين ۽ مجبوريءَ سبب پنهنجي تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڏني. سندس اکين ۾ مايوسيءَ جي پرڇائن سان گڏ هڪ ننڍڙي اميد به هئي — فقط هڪ سلائي مشين جي.
مون اها گذارش هڪ الله جي نيڪ بندي تائين پهچائي، جنهن بنا ڪنهن دير ۽ بنا ڪنهن ڏيکاءَ جي، پنهنجي مدد جو هٿ وڌايو ۽ نياڻي لاءِ پيرن سميت سلائي مشين خريد ڪري ڏني.نياڻي ۽ سندس والدين جي چھري تي ڪجھ مرڪ ۽ اطمينان ڏسي دل باغ بھار ٿي وئي
الله پاڪ ان نيڪ دل انسان جي هن خدمت، هن صدقي، هن پرخلوص عمل کي پنهنجي بارگاهه ۾ قبول فرمائي.
الله رب العالمين انهن غريبن، مجبور ماڻهن، ۽ هن جهڙين نياڻين لاءِ آسانيون پيدا فرمائي، روزي جا در کولي، سندن زندگيون روشن فرمائي
ٻي جي زندگي ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ ئي اصل انسانيت آهي

پئرس سٽي ويلفيئر ايسوسيئيشن ھالا اولڊ

Address

Hala

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Hala Old Paris city posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category