سنڌ زرعي يونيورسٽي ايمپلائيز

سنڌ زرعي يونيورسٽي ايمپلائيز Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from سنڌ زرعي يونيورسٽي ايمپلائيز, Social service, Sindh Agriculture University Tandojam, Hyderabad.

19/08/2026
سنڌ زرعي يونيورسٽي جي رٽائرڊ ملازمن جي شالطيف گروپ جي اڳواڻن سان ملاقاتسنڌ زرعي يونيورسٽي جي رٽائرڊ ملازمن شالطيف گروپ ج...
19/08/2026

سنڌ زرعي يونيورسٽي جي رٽائرڊ ملازمن جي شالطيف گروپ جي اڳواڻن سان ملاقات

سنڌ زرعي يونيورسٽي جي رٽائرڊ ملازمن شالطيف گروپ جي اڳواڻن عبدالهي خاور ميمڻ، سڪندر ميرجت، توتو ميرجت، گيان چند ۽ حسين مگسي سان ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي ڊگهي عرصي کان رهيل سمورن مسئلن بابت آگاهي ڏني.

رٽائرڊ ملازمن ٻڌايو ته انشورنس جا پئسا، رٽائرمنٽ جا واجبات، 12 مهينن جون پگهارون ۽ ٻيا ڪيترائي جائز مسئلا اڃا تائين حل نه ٿي سگهيا آهن، جنهن سبب رٽائرڊ ملازم سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن.

شالطيف گروپ جي اڳواڻن رٽائرڊ ملازمن کي يقين ڏياريو ته اوهان جيڪي به جائز مطالبا ۽ فيصلا ڪندا، مڪمل شالطيف گروپ اوهان سان گڏ هوندو.

شالطيف گروپ جي اڳواڻن سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر صاحب کي اپيل ڪئي ته رٽائرڊ ملازمن جي سمورن جائز مسئلن جو فوري نوٽيس وٺي، انشورنس جا پئسا، رٽائرمنٽ جا واجبات، 12 مهينن جون پگهارون ۽ ٻيا رهيل حق جلد کان جلد ادا ڪيا وڃن.

رٽائرڊ ملازمن سڄي عمر يونيورسٽي جي خدمت ڪئي آهي؛ هاڻي سندن جائز حق ڏيڻ يونيورسٽي انتظاميا جي ذميواري آهي.

30/07/2026

ہم تو برداشت کر لیں گے... مگر جب وقت پلٹے گا، تم برداشت نہیں کر سکو گے۔

خاموشی کو کمزوری نہ سمجھنا،
وقت جب پلٹتا ہے تو حساب بھی خود دیتا ہے۔

جیے لطیف ✌️
جیے ملازم ❤️

مخالفت جو شوق اٿوَ ته پهرين پنهنجو ڪردار ٺاهيو.اسان جي مخالفت تڏهن ڪجو،جڏهن اوهان وٽ به خدمت جا نشان هجن،سچ سان نڀائڻ جو...
29/07/2026

مخالفت جو شوق اٿوَ ته پهرين پنهنجو ڪردار ٺاهيو.

اسان جي مخالفت تڏهن ڪجو،
جڏهن اوهان وٽ به خدمت جا نشان هجن،
سچ سان نڀائڻ جو حوصلو هجي،
۽ ملازمن جي دلين ۾ عزت هجي.

اسين ڪنهن جي سهاري تي نه بيٺا آهيون،
اسان جو سهارو رڳو الله ۽ ملازمن جون دعائون آهن.

اسان وقت اچڻ تي نعرا نه هنيا،
پر ڏک جي گهڙيءَ ۾ ملازمن سان گڏ بيٺاسين.
انهيءَ ڪري اڄ به ماڻهو ساٿ ڏين ٿا،
ڇو ته ساٿ لفظن سان نه،
پر ڪردار سان حاصل ٿيندو آهي.

مقابلو ڪرڻو اٿوَ ته ميدان ۾ اچو،
پوءِ خبر پئجي ويندي ته
ڪنهن جي قد ۾ وزن آهي،
۽ ڪنهن جي وزن ۾ صرف غرور.
ان شاءَ الله، سچ هميشه سرخرو ٿيندو.

ملازمن جو سچو اڳواڻسچو اڳواڻ ملازمن جو سرمايو هوندو آهي. هو ڪڏهن به سوديبازي نه ڪندو آهي، پر هميشه سچائي، ايمانداري ۽ ان...
26/07/2026

ملازمن جو سچو اڳواڻ

سچو اڳواڻ ملازمن جو سرمايو هوندو آهي. هو ڪڏهن به سوديبازي نه ڪندو آهي، پر هميشه سچائي، ايمانداري ۽ انصاف سان ملازمن جي حقن لاءِ بيٺو رهندو آهي. اهڙا اڳواڻ ئي ملازمن جو فخر هوندا آهن.

26/07/2026

02/07/2026

ڄامشورو/ آل سنڌ يونيورسٽيز فيڊريشن سنڌ جي چونڊيل اڳواڻن محمد علي گھانگھرو ۽ مخدوم اشفاق احمد عباسي کي فيڊريشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي زرعي يونيورسٽي ٽنڊوجام جي شاهه لطيف پينل جي اڳواڻن پاران مبارڪباد ڏني وئي.
ان سلسلي ۾ شاهه لطيف پينل جا اڳواڻ خاور ميمڻ، عبدالحئي ڀٽو، گيانچند سميت ٻيا لمس ڄامشورو پهتا، جتي هنن فيڊريشن جي اڳواڻن کي گلن جا هار پارايا ۽ کين چونڊجڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪئي.
ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته ملازمن جون تنظيمون سدائين ملازمن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪنديون رهيون آهن، ڀلي اهي ڪنهن به اداري جي يونٽ سان لاڳاپيل هجن يا فيڊريشن جي سطح تي هجن. هنن وڌيڪ چيو ته فيڊريشن جا اڳواڻ پنهنجي پليٽ فارم تان ملازمن جي مسئلن جي حل ۽ حقن جي تحفظ لاءِ ڀرپور آواز اٿاريندا رهندا.
آخر ۾ اڳواڻن اميد ظاهر ڪئي ته نئين چونڊيل قيادت ملازمن جي ڀلائي، اتحاد ۽ حقن لاءِ اڳ کان وڌيڪ اثرائتي ڪردار ادا ڪندي

ڄامشورو/ آل سنڌ يونيورسٽيز فيڊريشن سنڌ جي چونڊيل اڳواڻن محمد علي گھانگھرو ۽ مخدوم اشفاق احمد عباسي کي فيڊريشن ۾ ڪاميابي ...
02/07/2026

ڄامشورو/ آل سنڌ يونيورسٽيز فيڊريشن سنڌ جي چونڊيل اڳواڻن محمد علي گھانگھرو ۽ مخدوم اشفاق احمد عباسي کي فيڊريشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي زرعي يونيورسٽي ٽنڊوجام جي شاهه لطيف پينل جي اڳواڻن پاران مبارڪباد ڏني وئي.
ان سلسلي ۾ شاهه لطيف پينل جا اڳواڻ خاور ميمڻ، عبدالحئي ڀٽو، گيانچند سميت ٻيا لمس ڄامشورو پهتا، جتي هنن فيڊريشن جي اڳواڻن کي گلن جا هار پارايا ۽ کين چونڊجڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪئي.
ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته ملازمن جون تنظيمون سدائين ملازمن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪنديون رهيون آهن، ڀلي اهي ڪنهن به اداري جي يونٽ سان لاڳاپيل هجن يا فيڊريشن جي سطح تي هجن. هنن وڌيڪ چيو ته فيڊريشن جا اڳواڻ پنهنجي پليٽ فارم تان ملازمن جي مسئلن جي حل ۽ حقن جي تحفظ لاءِ ڀرپور آواز اٿاريندا رهندا.
آخر ۾ اڳواڻن اميد ظاهر ڪئي ته نئين چونڊيل قيادت ملازمن جي ڀلائي، اتحاد ۽ حقن لاءِ اڳ کان وڌيڪ اثرائتي ڪردار ادا ڪندي

Address

Sindh Agriculture University Tandojam
Hyderabad

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when سنڌ زرعي يونيورسٽي ايمپلائيز posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category