18/08/2026
حيدرآباد ( پ.ر ) 18/8/2026
سنڌي شاگرد تحريڪ پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ( SPSC) ۾ ميرٽ جي لتاڙ, سياسي بنيادن تي نوڪرين جي ورڇ ۽ پنهنجا نوازي خلاف علي پيلس کان SPSC آفيس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ سوين شاگردن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي انتظاميا خلاف اڀ ڏاريندڙ نعري بازي پڻ ڪئي, ريلي کي خطاب ڪندي سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي سيڪريٽري اياز لغاري, سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عرفان لاشاري, ضلعي آرگنائيزر علي احمد ٽالپر ، علي رضا جلباڻي، رميش رٻاري ۽ ٻين چيو ته پيپلز پارٽي جي سترنھن سالا ڪاري دور ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڪنهن به طرح کان صاف شفاف ۽ ميرٽ تحت فيصلا ڪندڙ ادارو نه رھيو آهي, سنڌ جي پيڙھيل طبقي جا ھزارين اھل نوجوان شاگرد محنتون, ڪري نورو نچوئي جڏهن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ويھن ٿا ته سواء مايوسي جي ٻيو ڪجهه به نٿو ملي, اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌي شاگرد تحريڪ سمجهي ٿي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جھڙي اداري کي ڪرپٽ ترين ادارو بڻائڻ ۾ پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار سڌي سنئين ملوث آهي جنهن سبب ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جا شاگرد سراپا احتجاج بڻيل آهن پر سندن ڪنهن به قسم جو انصاف نٿي رھيو آهي,سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ميرٽ جي لتاڙ، سنڌ ۽ سنڌ جي نوجوانن جي مستقبل سان کيڏڻ برابر آھي جنھن کي ڪڏھن بہ قبول نہ ڪيو ويندو. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (SPSC) کي غير جانبدار ۽ شفاف ادارو هجڻ گهرجي، جيڪو هاڻ سفارشي ڀرتين جو مرڪز بڻجي چڪو آهي,
هزارين پڙهيل لکيل نوجوانن جو مستقبل SPSC جي غير شفاف پاليسين جي ور چڙهي رهيو آهي, نوڪريون ميرٽ بدران سفارش، رشوت ۽ سياسي دٻاءَ تحت ورهايون پيون وڃن، جيڪا سنڌ جي تعليم يافته طبقي سان سنگين ناانصافي آهي.
سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته SPSC جي سمورين ڀرتين جي عدالتي جاچ ڪميشن ذريعي شفاف انڪوائري ڪئي وڃي.
انهن آفيسرن ۽ عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، جيڪي ميرٽ جي ڀڃڪڙي ۽ لتاڙ ڪن ٿا.
ناانصافي جو شڪار ٿيندڙ اميدوارن کي نظرثاني جي شفاف طريقيڪار تحت ٻيهر موقعو ڏنو وڃي.
پريس ترجمان
سنڌي شاگرد تحريڪ