Movement for Meritocracy In SPSC

Movement for Meritocracy In SPSC struggle for deprived candidates who have not been recommended due to the malpractices in SPSC

09/04/2025

چولستان سڀ کان وڏو ۽ اهم منصوبو آهي.

سرڪاري دستاويزن موجب، 176 ڪلوميٽر (109 ميل) ڊگهي نهر جا ٽي ڀاڱا آهن، جن جي گڏيل گنجائش 4,120 ڪيوسڪ (116,665 لٽر في سيڪنڊ) آهي، ۽ ان جي مڪمل ٿيڻ جي اميد 2030 جي وچ تائين رکي وئي آهي، جنهن تي لڳ ڀڳ 783 ملين ڊالر لاڳت ايندي.

نهر جي تعمير لاءِ اختيارين پنجاب ۾ 12 لک ايڪڙ (485,623 هيڪٽر) زمين حاصل ڪئي آهي، جنهن جو 90 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو چولستان ريگستان ۾ آهي، جيڪو ڀارت سان سرحد رکي ٿو.

01/02/2024

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان سنڌ جي غريب ۽ محنتي شاگردن کي تحفي ۾ ڏنل مايوسي جي لھر:

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ھڪ اھڙو ادارو آهي جنھن کان محنتي ۽ ھوشيار شاگرد پنھنجي محنت سان ٽيسٽ ۽ انٽرويو پاس ڪري نوڪريون حاصل ڪندا آهن ،پر بدقسمتي سان ھاڻي ھي ادارو بلڪل سياسي ۽ ڪاروباري بڻجي چڪو آھي. موجوده چيئرمين مان اميد ھئي تہ ھو ميرٽ کي مان ڏيندو پر ھن ت ابتو تباهي مچائي ڇڏي آھي ،ھن مھل تائين جيڪي به امتحان ٿيا آهن انهن ۾ ميرٽ جو سر عام قتل ٿيو آھي خاص ڪري جيڪي ب سٺيون نوڪريون آھن انھن ۾ ميرٽ صفر نظر آئي آھي . جيئن تہ موجودہ ٻن سالن کان ڪجھ سٺين نوڪرين جا امتحان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي ورتا ويا آھن، جنهن ۾ ميونسپل آفيسر ،اڪاونٽ آفيسر لوڪل گورنمينٽ م ،آڊٽ آفيسر فائنانس ڊپارٽمينٽ ۽ اسٽنٽ ڊاريڪٽر تعليم کاتي ۾ ڀرتي ڪئي وئي آھي جنھن ۾ ميرٽ جي کلي عام لتاڙ ڪئي وئي آھي ،انھن پوسٽن لاءِ اھڙا ڇوڪرا ڀرتي ڪيا ويا آھن جنھن کي آسان سنڌي ،آسان اردو يا اسان انگلش ۾ ڪنهن ب مضمون تي سادو پيراگراف ب لکرايو وڄي ت ھو نہ لکي سگھندا پر بدقسمتيءَ سان ھو 17 گريڊ جون نوڪريون پئسن سان يا سفارش سان وٺي ويا.ڏک جي ڳالھ اھا بہ آھي تہ ھن اداري مختلف مضمونن م تعليم کاتي ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ بي پي ايس 17 ڀرتي ڪيا آھن انھن ۾ 50 لک جو پيڪيج ھو ۽ اھڙن ماڻھن کي ڀرتي ڪيو ويو آھي جنهن کي پنهنجي سبجيڪٽ تي مھارت حاصل نہ ھئي اھي بہ پاس ٿي ويا آھن. صرف 30 سيڪڙو ميرٽ ھلائي باقي سڀ ڇوڪرا سفارش ۽ پئسن تي ڀرتي ڪيا آ ھن ،ڪجھ وقت پھرين سب انسپيڪٽر ۽ انسپيڪٽر جي لاء اينٽي ڪرپشن ۾ لکت وارو امتحان ورتو ويو آھي انھن پوسٽن لاءِ سب سفارشي ۽ پئسن تي ڀرتي ٿيندا اھڙن پوسٽن جو ريٽ 1.5ڪروڙ کان 2ڪروڙ رکيل آھي ۽ بڪنگ بہ ٿي چڪي آھي ۽ ڪو بہ ما ڻھو ميرٽ تي ڀرتي نہ ٿيندو .اھڙي طرح آڊٽ آفيسر ۾ خاص ماڻهن جا پٽ ڀرتي ڪيا ويا آھن جنھن ۾ فائنانس سيڪريٽري ۽ پ پ پ جو اھم عھديدار ناصر شاه جا پٽ بہ ميرٽ جي لتاڙ ڪري ڀرتي ڪيا ويا آھن ،انھن پوسٽن لاءِ 2ڪروڙ کان 2.5 ڪروڙ ريٽ لڳل ھو ۽ ڪو بہ ماڻهو ميرٽ تي نہ آيو.ساڳي طرح ميونسپل آفيسر م صرف %5 ميرٽ ھلائي وئي آھي باقي سڀ پئسن تي ۽ سفارش تي ڀرتي ٿيا آهن. ھينئر تازو ئي اسٽنٽ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ۾ ڪامياب ماڻهن جي جي لسٽ جاري ڪئي وئي آھي جنھن ۾ ٽاپ نمبر ھڪ تي اڳوڻو تعليم کاتي جو ڊاريڪٽر ڪرپٽ شمس دين دل جيڪو فريال ٽالپر جو خاص ماڻهو آھي ان جو پٽ ڪامياب قرار ڏنو ويو آھي جيڪو پئسن تي ڀرتي ٿيو آھي ،ياد رهي ميونسپل آفيسر ۾ ھن جو چاچو ذين دل بہ پئسن تي ڀرتي ٿيو آھي. جڏھن تہ ھيسيتائين ٽائون آفيسر جي رزلٽ نہ آئي آھي پر ذريعن مطابق انھيءَ رزلٽ ۾ تمام گهڻا گھپلا ٻدايا پيا وڃن ۽ ٽائون آفيسر جي لاء ڪيترن ئي ماڻهن پئسا ڏنا آھن ۽ سفارشون ب ڪرايون آھن ۽ ان کا علاوه پ پ پ جا ۽ ايم ڪيوايم جا ڪيترائي ئي نالا لسٽ ۾ شامل آھن .ان کان علاوہ اي ايس آ ء پوليس کاتي ۾ ۽ ايس ايس ٽي تعليم کاتي جي لاء اڳواٽ ۾ بڪنگ ٿي چڪي آھي انھي جو ريٽ 40 کان 50 لک رکيو ويو آھي. روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ ڊپارٽمينٽل امتحان ٿيندا آھن انھن ۾ ڊائريڪٽ مختيارڪار ڀرتي ٿيندا آھن ان جي لاء صرف روينيو کاتي جا جيڪي ڪم ڪندڙ ملازم آھن تپيدار ۽ ڪلارڪ کان وٺي اسسٽنٽ تائين ڊپارٽمنٽل امتحان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي ڏيندا آھن انھن ماڻهن مان جيڪي بہ سفارش ڪرائيندا آھن يا پئسا ڀريندا آھن اھي سب پاس ٿيندا آھن ھاڻي بہ ائين ٿيو آھي سب نا اھل ماڻهو ڀرتي ٿيا آهن ۽ روينيو ڊپارٽمينٽ جي تباهي جو سبب اھو ئي ميرٽ جي لتاڙ آھي.سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ھر سٺي پوسٽ لاءِ پئسن تي ماڻهو ڀرتي ڪندي آھي. موجوده چيئرمين پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيوايم کان ايندڙ جيڪي بہ نالا ايندا آھن انھن سڀني ماڻهن کي ڪنهن ب صورت ۾ ايڏجسٽ ڪندو آھي ،ھاڻي ت ھي ظالم سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڊائريڪٽ ٺيڪي تي ماڻهو ڀرتي ڪري ٿي يعني written ۽ Viva ٻئي پاس ڪرائيندا آھن ۽ پئسا ڇڪي وٺندا آھن ،جنھن ب ماڻهو کي پاس ڪرائڻو ھوندو آھي انھي کي اھا ھدايت ڏني ويندي آھي ت جوابي ڪاپي خالي چڏي اچي ۽ پوءِ سيڪريٽ برانچ وارا انھي پيپر کي خود مرادو فل ڪري ڇڏيندا آهن ۽ candidate جون وڄي 90 کان مٿي مارڪون بيھنديون آھن ۽ انھن ماڻھن جا وري انٽرويو م نالا ڏنا ويندا آهن اھي سڀ ماڻهو بنا ڪجھ ٻڌائڻ تي بہ ڪميٽي ميمبر انھي کي پاس ڪري ڇڏيندا آھن. موجوده سڀ ميمبر ڪرپٽ آھن سواءِ ھڪ ٻن جي ،جيڪي ميمبر ڪرپٽ نہ آ ھن انھن کي وري سٺين پوسٽن تي ڀرتي ڪرڻ لاءِ ڪميٽي نہ ڏني ويندي آھي. جيڪي ڪرپٽ ميمبر آهن اھي پئسن تي يا سفارش تي پنهنجا ماڻهو کڻندا ۽ چيئرمين جا سڀ ماڻهو انٽرويو ۾ پاس ڪندا آھن ،اھڙي طرح سيڪريٽري نظير احمد قريشي ،ڊاريڪٽر آ ٽي جاويد احمد ،ڪنٽرولر حفيظ لغاري ،ڊپٽي ڪنٽرولر امتياز جاگيراڻي سڌي طرح انھي ڌنڌي م شامل آھن ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايوب پنھور ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رسولِ بخش ھنگورو جھڙا پڙھيل لکيل جاھل بہ ملوث آھن.ايوب پنهور ماڻهن کان پئسا وٺي سيڪريٽري نظير قريشي جي ذريعي چيئرمين مان ڪم ڪرائيندو آھي ياد رهي ايوب پنھور جو وڏو ڀاء ميونسپل آفيسر ۾ ڀرتي ڪرايو ويو آھي جنھن کي ساڌي انگلش م ڪنھن بہ ٽاپڪ تي پيراگراف بہ نٿو لکڻ اچي.سند پبلڪ سروس ڪميشن ھاڻي ميرٽ تي ايندڙ شاگردن سان سري عام ظلم پئي ڪري ھن اداري کي ڪير بہ چوڻ وارو ناهي ۽ ھن اداري سان سڀ جج ،بيوروڪريٽ ۽ پيپلز پارٽي جا اھم ماڻهون شامل آھن ڇاڪاڻ انھن جي اولاد کي ايڏجسٽ ڪيو ويو آهي ،ٿورڙو گھڻو جج صلاح دين پنھور ميرٽ جي بحالي لاء ڪوشش ڪندو ھيو ھاڻي انھي کي بہ خاموش ڪرايو ويو آھي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا ڪيترائي ئي ملازم جنھن وٽ ڪجھ بہ نہ ھوندو ھو ھاڻي اھي اچانڪ ڪروڙ پتي ڪيئن ٿي ويا.ايوب پنھور جھڙا موٽرسائيڪل تي گھمڻ وارا ھاڻي ڪروڙ واري گاڏي ۾ چڙهي گھمندا آھن . مالڪ غوري جھڙا ڪامورا ايم ڪيوايم جا خاص ماڻهو آھن ۽ ايم ڪيوايم جا سڀ ماڻهو ايڊجسٽ ڪندو آھي، پڪن ذريعن مطابق ٽائون آفيسر ۾ سڀ ماڻهو ايم ڪيوايم ،پيپلز پارٽي ۽ پئسن وارا ماڻهو مالڪ غوري ايڏجسٽ ڪيا آ ھن. سنڌ جون نسلون سڀ تباھ ۽ برباد آھن ،جيڪي ماڻهون نا اھل ھجن ،سفارش ۽ پئسن جي عيوض اچن اھڙا ماڻھو ھميشھ پنھنجا کيسا ڀريندا ۽ ادارن کي تباھ ڪندا .سي سي اي 2018سي سي اي,2019 م جيڪي DSP police group, A.D anticoruption, group PMSa group revenue ۾ ڪئين ماڻهو سفارش تي ۽ پئسن تي ڀرتي ٿيا آهن ،اڄ انھن ماڻهن جي ڪارڪردگي سڀن جي سامهون آھي ،اھي سڀ ماڻهو صرف سيلفيون ڪڍرائڻ ۽ پئسا ٻھارڻ جي چڪر ۾ آهن ۽ جيڪي اھل ماڻهو ڀرتي ٿيا آهن انھن ماڻهن کي پوسٽنگ بہ نٿي ملي. سنڌ جو نظام ٽوٽل تباھ ۽ برباد ٿي چڪو آھي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن محنتي ۽ غريب شاگردن جو آخري سھارو ھيو ھاڻي اھو بہ ختم ٿي چڪو آھي ،غريب شاگرد مايوسي جو شڪار آ ھن ،انھن جو ھاڻي پڙھائي مان ڌيان گھٽجي ويو آھي ۽ خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي چُڪا آھن ،ٿورڙو گھڻو ڪورٽن ۾ اميد ھئي ھاڻي جج بہ ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازي جا حامي ٿي چڪا آھن ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي پنھنجا ماڻهو بہ ڀرتي ڪرائن ٿا، ھر ماڻھوءَ کي پنهنجو حصو ملي ٿو سواءِ غريب ۽ اھل شاگردن جي.اڳ ۾ جمعو چانڊيو ،سائينداد سولنگي ،عليم جعفري ۽ نور محمد جادماڻي جھڙن ڪرپٽ مافيا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي تباهيء ڪئي ھاڻي وري نظير قريشي ،رضوان ميمڻ ،رابيا صلاح دين،مالڪ غوري ، قاضي مسعود،رضوان احمد ،نصرت مڱڻ،مظفر لغاري جھڙا ڪرپٽ ڪامورا سنڌ جي نسلن کي تباھ ڪرڻ جي پويان آھين.ھاڻي ڪا بہ سٺي پوسٽ غريب محنتي شاگردن کي نٿي ملي ڇاڪاڻ تہ سٺيون نوڪريون پئسن وارن ۽ ڪامورن لاءِ آھن.غريب ماڻهو صرف مايوس ۽ برباد آھي.خدارا محنتي ۽ غريب شاگردن جو خيال ڪيو ائين سري عام ظلم نہ ڪيو ائين نہ ٿئي جو ھڪڙي وڏي بغاوت ٿي پئي جو اھڙن ظالمن کي ڀڄڻ جي لاء جڳھ بہ نہ ملي. چوندا آهن خدا جي لٺ بي آواز ھوندي آھي.
پاران مايوس شاگرد

15/06/2023

نالي وارو اديب ۽ سينئر صحافي سائين دستگير ڀٽي ڪميشن ۽ ان جي ميمبرن جا ٿيل ڪانڊ ۽ ڪرتوت وائکا ڪندي. سائين جي ھي تقرير تازو ئي ڪميشن جي ڪرپشن خلاف ٿيل احتجاج ۾ آھي.

15/06/2023

ڪامريڊ خان ڀٽو، ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف نڪتل احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي.

27/04/2023

ھڪ عرض آھي، سنڌ جي سڀني با شعور با ضمير ماڻھن کي پوء اھي زندگي جي ڪھڙي به شعبي سان گنڍيل ھجن اھي وڪيل ھجن اھي آفيسر ھجن اھي استاد ھجن اھي شاگرد ھجن اھي مزدور ھجن اھي اديب ھجن اھي سماجي ورڪر ھجن اھي پورھيت طبقي جا ماڻھو ھجن سڀني کي سٻاجھڙي ٻولي ۾ نمي گذارش ٿي ڪجي جنھن به اھل اميدوارن سان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڪنھن ماٽيجي ماء جھڙو سلوڪ ڪري انھن سان ناجائزي نا انصافي ڪري خدارا انھن جو ساٿ ڏيو جيڪڏھن نه ته پوء پنھنجي ايندڙ نسلن جو ڪوس ڪرائڻ لاء تيار ٿيو ڇا ڪاڻ ته جيڪو ڪامورو يا استاد ڪميشن ۾ ڪميشن ڏئي ڪرسي تي ايندو ته اھو پنھنجي ڏنل ڪميشن اوھان جي ايندڙ نسل مان ئي ريڪور ڪندو.
مھرباني ڪري انھن اھل نوجوانن جو ساٿ ڏيو . انھن دوستن سان رابطو ڪرڻ کانپوء اھو لکي سگھجي ٿو ته انھن دوستن جا حوصلا بلند آھن ۽ ھي دوست حق وٺڻ لاء ھر حد تائين ويندا. انھن جي جدوجھد ڪافي وقت ھلندي ھڪڙو احتجاج ڪري چڪا آھن ٻئي احتجاج جي تياري ۾ آھن ان ڏس ۾ به سندن احتجاج ۾ شامل ٿبو.

15/04/2023
09/04/2023

Case of Sindh Public Service Commission || Ram Oad Sahb

Ram Oad speaks about the recent corruption of SPSC in Lecturer's recruitment process.
09/04/2023

Ram Oad speaks about the recent corruption of SPSC in Lecturer's recruitment process.

Do Like And Subscribe Our Channel Wisely And LoudlyRam Oad Is High School Teacher And victim Of Sindh Public Sevicer Commission.Unlike other provincial and f...

Address

Hyderabad

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Movement for Meritocracy In SPSC posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Movement for Meritocracy In SPSC:

Share

Category