JsM JssF HyderabaD

JsM JssF HyderabaD POLATICAL ACTVITIES

ميرپورخاص: مبينا خودڪشي ڪندڙ شاگردياڻي واري واقعي جي جساف محاذ طرفان مذمتي بيان جاري جساف محاذ مرڪز طرفان سوشل ميڊيا تي...
09/04/2026

ميرپورخاص: مبينا خودڪشي ڪندڙ شاگردياڻي واري واقعي جي جساف محاذ طرفان مذمتي بيان جاري
جساف محاذ مرڪز طرفان سوشل ميڊيا تي بيان ڏيندي ڄاڻايو ته هي خودڪشي نه بلڪه سڌو قتل آهي جنهن جي ذميوار انتظامي ڪرسين تي ويٺل بگهڙ نما استاد آهن
شاگردياڻي سان انصاف ڪري ملوث ڪردارن کي عبرت جو نشان بڻايو وڃي
جساف محاذ مرڪز

پريس رليزتاريخ 19/2/2026شاگرد جدوجهد اتحاد سنڌ يونيورسٽيسنڌ يونيورسٽي شاگرد جدوجهد اتحاد جنھن ۾ جساف آريسر، سياف، جساف ج...
19/02/2026

پريس رليز
تاريخ 19/2/2026

شاگرد جدوجهد اتحاد سنڌ يونيورسٽي
سنڌ يونيورسٽي شاگرد جدوجهد اتحاد جنھن ۾ جساف آريسر، سياف، جساف جسقم، جساف، جساف شھيد بشير خان، جساف محاذ، سنڌ شاگرد سڀاء، سنڌي شاگرد تحريڪ(QAT) ۽ پي آر ايس ايف جي گڏيل اتحاد طرفان سنڌ يونيورسٽي بوائز ھاسٽل اندر سرڪاري ڌر سپاف طرفان سياف جي آفيس تي ڪاھ ڪري رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي تصويرون ۽ ڪتاب کي باھ ڏئي ساڙڻ ۽ سياف آفيس تي آرامي ميمبرن کان موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦري ڪرڻ ۽ ھاسٽل اندر فائرنگ ڪري خوف حراسان پکيڙڻ خلاف شاگرد جدوجهد اتحاد سنڌ يونيورسٽي طرفان ھاسٽل گيٽ تي احتجاجي ڌرڻو جاري شاگرد جدوجهد اتحاد سنڌ يونيورسٽي مطالبا آهن ته سياف سنڌ يونيورسٽي جي آفيس تي ڪاھ ڪري باھ ڏيندڙ سپاف اڳواڻن خلاف ايف آئي آر داخل ڪئي وڃي ۽ ھاسٽل اچڻ تي بندش لڳائي وڃي سيڪيورٽي انچارج رفيق بروهي کي ھٽايو وڃي ڇاڪاڻ ته هو سرڪاري ڌر سان ٻٽ بڻيل آهي ۽ سموري اداري جو ماحول خراب ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ هاسٽل گيٽ تي مطالبن جي مڃتا لاء مستقل ڌرڻو جاري رهندو.

سنڌوديش مقدر آسائين جي ايم سيد رهبر آ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) ضلعي  سنڌ يونيورسٽي طرفان ميمبرشپ ۽ لٽريچر ڪيمپ پ...
16/02/2026

سنڌوديش مقدر آ
سائين جي ايم سيد رهبر آ

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) ضلعي سنڌ يونيورسٽي طرفان ميمبرشپ ۽ لٽريچر ڪيمپ پهرين ڏينهن تي آرٽس فيڪلٽي جي گيٽ تي لڳل ڪئمپ ۾ جساف محاذ چيف آرگنائيزر حيدر چانڊيو شرڪت ڪئي. جنهن کي ڀومي جي ستين ڪڙي جي اعزازي ڪاپي ڏني وئي.

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) ضلعو سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو

16/02/2026
جيئي سنڌو ديش جيئي رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جيئي شاگرد جدوجھد جيئن ته اڄ تاريخ 12th فيبروري 2026 تي  جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس ...
13/02/2026

جيئي سنڌو ديش
جيئي رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد
جيئي شاگرد جدوجھد

جيئن ته اڄ تاريخ 12th فيبروري 2026 تي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن محاذ جي مرڪزي قيادت طرفان هڪ اهم تنظيمي فيصلي تحت ضلعي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو لاءِ ٽن مهينن جي عرصي لاءِ ٽئي رڪني آرگنائيزنگ باڊي جو اعلان ڪيو ويو آهي. هن فيصلي جو مقصد سنڌ يونيورسٽي ۾ تنظيمي ڍانچي کي وڌيڪ منظم، متحرڪ ۽ موثر بڻائڻ آهي، جيئن شاگرد سياست کي هڪ نئين سمت ڏني وڃي ۽ شاگردن جي مسئلن کي سنجيدگي سان اٿاريو وڃي.

مرڪز طرفان نامزد ڪيل آرگنائيزنگ باڊي ۾ حيدر چولياڻي کي چيف آرگنائيزر، منيب جاگيراڻي کي ڊپٽي آرگنائيزر ۽ عمران کوسو کي آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو آهي. مرڪزي قيادت کي يقين آهي ته ھي نئين ٽيم پنهنجي صلاحيتن، فڪر سائين جي ايم سيد سان نظرياتي وابستگي ۽ عملي جدوجهد جي ذريعي سنڌ يونيورسٽي ۾ تنظيم کي وڌيڪ مضبوط ڪندي ۽ شاگردن کي هڪ روشن خيال ۽ سائنسي سوچ تي ٻڌل سياست ڏانهن راغب ڪندي.

جساف محاذ موجودہ وقت ۾ سنڌ جي شاگرد سياست ۾ اهڙي شاگرد تنظيم جي حيثيت رکي ٿي ، جيڪا سنڌ جي شاگرد سياست ۾ روشن خيال، سائنسي ۽ ترقي پسند سوچ جي نمائندگي ڪندڙ تنظيم آھي . تنظيم جو بنيادي مقصد مادر وطن سنڌو ديش جي آزادي، ۽ سنڌ جي سياسي، سماجي، معاشي ۽ ثقافتي حقن لاءِ شاگرد سياست ذريعي جمهوري ۽ سياسي جدوجهد ڪرڻ آهي. جساف محاذ هميشه کان شاگردن جي بنيادي مسئلن جهڙوڪ تعليمي سهولتن، هاسٽلن جي حالتن، فيسن ۾ اضافي، ميرٽ جي بحالي ۽ اظهار جي آزادي بابت واضح موقف اختيار ڪيو آهي.

مرڪزي قيادت نئين آرگنائيزنگ باڊي کي هدايت ڪئي آهي ته هو يونيورسٽي اندر يونٽس جي بحالي، اسٽڊي سرڪلز، سيمينارز ۽ سياسي آگاهي مهمن جو آغاز ڪن، جيئن شاگردن ۾ قومي شعور، تنقيدي سوچ ۽ علمي بحث جي روايت کي هٿي ملي. ان سان گڏ شاگردن جي حقيقي مسئلن کي اداري انتظاميا ۽ لاڳاپيل فورمن تي موثر انداز ۾ پيش ڪيو وڃي.

جساف محاذ مرڪز اميد ظاهر ڪري ٿو ته نئين ٽيم ٽن مهينن جي مدي دوران تنظيم کي ضلعي سطح تي فعال ڪندي، ميمبرشپ مهم هلائيندي ۽ ايندڙ مرحلن لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪندي.

آخر ۾ جساف محاذ مرڪز سنڌ يونيورسٽي جي سڀني شاگردن کي اپيل ڪري ٿو ته هو مثبت، علم دوست ۽ شعوري شاگرد سياست کي هٿي ڏيڻ لاءِ اڳتي اچن ۽ پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ منظم جدوجهد جو حصو بڻجن لاءِ جساف محاذ جو حصو ٿين

27/01/2026

Address

Heerabad
Hyderabad

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when JsM JssF HyderabaD posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share